منهنجو اڄوڪو موضوع ته غريب مسڪين ماڻهن ۽ سندن ٻچڙن ۾ تيزيءَ سان پکڙجندڙ ٿيليسيميا (رت جي ڳاڙھن جزن جي اڻاٺ) ھو. ھمٿائيندڙ حقيقت ھي آهي ته انھيءَ موتمار جينياتي مرض جي علاج لا سنڌ جي سڀني کان پوئتي پيل پر تيل، گئس، ڪمند، سارين، ڀاڄين ۽ ٻين فصلن سان مالامال لاڙ جي ضلعي بدين ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ڊاڪٽر مرلي لال جھڙن فرشتا صفت ڊاڪٽر ھارون ميمڻ ۽ سندس ٽيم، سنڌ جي صحت کاتي ۽ ڪجھه انسان دوست سخي مردن جي مالي سهائتا، محبت، محنت ۽ انساني ھمدردي واري جذبي سان ٿيليسيميا جي علاج لا اڏيل ھن شاندار اسپتال ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ مون کي دعوت ڏيئي گھرايو ويو ته جيئن پنهنجي اکين سان اتي مفت ۾ ٿيندڙ غريبن جو بھترين علاج ڏسي سچائيءَ سان سنڌ جي سمورن پڙھندڙن وسيلي وڌ کان وڌ مريضن تائين اھو سنيھو پھچائي سگھان ته؛
اڃا ڪي آهين، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي!
ھن منفرد قسم جي ٿيليسيميا ڪيئر سينٽر اسپتال ۽ ان ۾ بنا ڪنهن متڀيد جي غريب مسڪين مائين، نياڻين، مردن ۽ ٻارن جو زبردست ڊسيپلين ۽ باقاعدگيءَ سان ھلندڙ علاج ڏسي مون کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته هھڙي ڏينهن رات ڪم ڪندڙ اسپتال سنڌ ۾ به آهي! اڃا ھي ٻه پيراگراف لکي پورا مس ڪيم ته سامھون ڀت تي ٽنگيل ٽيليويزن تان ھڪ تجزيو ڪندڙ سينئر صحافي جو اعلان ٻڌم ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجن پارٽي اڳواڻن جي گڏجاڻي ۾ کين ھدايت ڪئي آهي ته پنجاب ۾ اسان جي ووٽن تي چونڊجي آيل وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ تي ھاڻي اعتبار ختم ٿي چڪو آهي. ھو اسيمبلي ميمبرن کي استعيفا ڏيڻ کان روڪي پيو ته جيئن وزير اعليٰ جي ڪرسيءَ کي چھٽيو پيو ھجي. عمران خان چيو ته کيس پرويز الاهيءَ جي موقعي پرستيءَ بابت اڳ ۾ ئي ڄاڻ ھئي. چيف منسٽر جي عھدي لاءِ ھو اسان جو اميدوار به ڪونه ھو. سندس پٽ مونس الاهي مڃيو آھي ته جنرل قمر جاويد باجوہ جي حڪم تي ھنن پي ڊي ايم سان ڪيل واعدو ٽوڙيو. بنھه نازڪ سياسي صورتحال ۾ ھي پيءُ ۽ پٽ بنا ڪنهن سڏ جي اسان جي صفن ۾ گھڙي آيا هئا. اسان کي ھنن تي شڪ ته اڳ ۾ ئي هو پر ھاڻي پڪ ٿي ويئي آهي ته ھي ڦرڻا گھرڻا مطلبي چوڌري آهن. منهنجو حڪم مڃي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو اٿن تنھن ڪري ھاڻي ھنن مان آسرو پلي آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي!
سوچيم ته خدا ڄاڻي عمران خان پاڻ به اسيمبلين مان استعيفا ڏيڻ توڙي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻن صوبن ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومتن کي ڊاهڻ واري فيصلي تي عمل ڪندو به يا ٺلهيون ڀڀڪيون ڏيئي ٽائيم پاس ڪري پيو. اٽي لاءِ سٽون ڏيندڙ ڪروڙين ماڻهو ويچارا به ملڪ جي سياست جو اڇو منھن ڏسي ڏسي ڪڪ ٿي پيا آهن ۽ ھاڻي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اٽي لپ لاءِ سٽون ڏيندا وتن سو کڏ جي تري ۾ وڃي پوي اھا سياست ۽ ٻڏي مرن عوام دشمن سمورا حاڪم! پنھنجو ھرھڪ ڪالم سياسي صورتحال تي لکڻ جو مون ٺيڪو ته ڪو نه کنيو آهي ته پنھنجو ھرھڪ ڪالم سياسي صورتحال تي لکان؟ پوءِ ڇو نه ٻوڏ سٽيل مظلومن جي بيمار ٿي ويل ھزارين ٻارڙن کي بچائڻ خاطر پنهنجي ڪالم وسيلي بدين جي چوويهه ڪلاڪ علاج ڪندڙ ھن پنھنجو مٽ پاڻ ٿيليسيميا اسپتال بابت وڌ کان وڌ ماڻھن کي ڄاڻ ڏيان.
مون کي ٿيليسيميا نالي ھن مرض بابت ٽيھه سال اڳ ان مھل خبر پيئي جڏهن منهنجي سئوٽ علي اڪبر ڀٽيءَ جو پيارو دوست ۽ ڪلاس فيلو محمد اسماعيل ڏيپلائي اسان جي گھر جي گھنٽي وڄائي علي اڪبر جي پڇا ڪندو هو. ھن سان ستن اٺن سالن جي معصوم نياڻي به سدائين گڏ ھوندي ھئي. انھيءَ ٻارڙيءَ جو بنھه سانورو رنگ ۽ ڏٻرو بت ڏسندو هئس ته دل ۾ وسوسا پيدا ٿيندا ھئا. نيٺ ھڪڙي ڏينھن علي اڪبر کان پڇيم ته تنهنجي دوست اسماعيل جي هيءُ نياڻي ھر وقت پي سان گڏ ڇو ھوندي آھي؟ جواب ۾ منهنجي سئوٽ ٻڌايو ته هن ٻارڙيءَ کي ڄائي ڄم کان ٿيليسيميا جو مرض آهي جنهن ڪري هر ھفتي کيس رت جون بوتلون چاڙهڻ لاءِ گڏجي اسپتال ويندا آھيون.
پوءِ جڏهن ڪمپيوٽر ۽ بعد ۾ موبائيل فون ايجاد ٿيا ته گوگل تان مختلف بيمارين بابت چڱي خاشي ڄاڻ حاصل ڪري سگهياسون.
مون کي معلوم ٿيو ته ھي بيماري نه رڳو مريض کي جڏو ڪري ٿي پر سندس ماءُ پيءُ ۽ مٽن مائٽن کي اذيتون ڏيئي کين نه رڳو مالي طرح پر نفسياتي ۽ سماجي طور تي به برباد ڪريو ڇڏي. محمد اسماعيل ڏيپلائي ھڪڙو ننڍو سرڪاري ملازم ھو جنھن جي حالت تي ھر سڃاڻو کي قياس ايندو هو. سندس ذھني پريشاني لٿل ۽ اداس چهري مان بکندي ھئي. اسماعيل جا ڪجھه مائٽ گھڻو وقت اڳي سعودي عرب لڏي ويا ھئا ۽ سکيا ستابا هئا. کيس دوستن صلاح ڏني ته تون ھنن سان رابطو ڪري اوڏانهن ھليو وڃ ڇاڪاڻ ته اتي ھرھڪ مرض جو مفت ۾ علاج ڪيو ويندو آهي. پنھنجي ڏکن سورن سان ڀريل زندگيءَ مان بيزار ٿيل اسماعيل ڏيپلائي ڪجھه ھفتن اندر سعودي عرب جو پاسپورٽ ٺھرائي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ ۾ رڌل ھو ته سندس ڌيءَ فوت ٿي ويئي.
ھن موذي مرض کي جينياتي مرض ان ڪري چئبو آهي ڇاڪاڻ ته ٻين گھڻين بيمارين وانگر ھي به ھڪڙي موروثي بيماري آھي جيڪا ماءُ يا پيءُ مان ڪنهن به نئين ڄاول ٻار کي ڄائي ڄم کان ورثي ۾ مليل ھوندي آھي. ھن مرض جي ڪري ٻار جي رت ۾ ھيموگلوبن Red blood corpuscle يعني ڳاڙها جزا ٺاهڻ جي سگھه يا ماڳھين ڪانه ھوندي آھي يا بنھه گھٽجي ويندي آهي تنهن ڪري ان ٻار کي مرڻ کان بچائڻ خاطر تازو توانو رت چاڙهيو ويندو آهي. سنڌ جي ٻھراڙين ۾ تعليم جي گھٽتائي ۽ اڻھوند ڪارڻ عام ماڻهو ھن بيماري کي نه سمجهي سگهندا آهن ۽ نه ئي وسيلن جي کوٽ سبب علاج ڪرائي سگهندا آهن.
ٻارن جي ھي بيماري سندن ماءُ پيءُ جي حياتيءَ ۾ زھر ڀري ڇڏيندي آهي. سڄو وقت رت جي ڳولھا ۾ دربدر ٿيڻو پوندو اٿن. اھڙو ڏينهن به ڏسڻو پوين ٿو جڏهن ويجھا عزيز به رت ڏيڻ کان انڪار ڪريو ڇڏين. سنڌ ۾ اڳي ته ھرھڪ متاثر ڪٽنب کي رڳو سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ هن مرض جي علاج واسطي اچ وڃ ڪرڻي پوندي هئي ۽ ھو پنھنجي ڪم ڪار ۽ روزگار کان به محروم ٿي پنڻ لائق ٿي ويندا هئا. بعد ۾ ڪجھه وڏن شهرن ۾ به سرڪار طرفان ٿيليسيميا ڪيئر سينٽر اسپتالون قائم ڪيون ويون جيڪي مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺيون آهن. باقي بدين وڃي اتي ھن اسپتال ۾ جديد مشينري ذريعي ٿيندڙ علاج ڏسي آئون دنگ رهجي ويس ته لاڙ جھڙي نظر انداز ڪيل پاڪستان ۽ سنڌ جي صفا پڇاڙيءَ واري ضلعي بدين ۾ بيوس، بي پھچ ۽ مسڪين ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ھي شاندار معجزو ڪيئن ٿيو ۽ ڪنھن ڪيو؟
مون کي جڏهن بدين جي ڪجھه صحافي دوستن انھيءَ اسپتال بابت فون تي ٻڌايو ته ڏاڍي اڻ تڻ ذھن ۾ پيدا ٿي ويئي. نيٺ ڪجھه ڏينهن اڳ بدين جو سفر ڪري ھن اسپتال کي ڳولھي لڌم. پڙھيل لکيل ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جي ميمبرن مون کي سڃاڻي ورتو ۽ سھڻي نموني ڀليڪار ڪيائون. پوءِ اتي ھن اسپتال جي باني ڊاڪٽر ھارون ميمڻ سان ملاقات ٿي. ڊاڪٽر صاحب چيو ته اسان ته دعائون پئي گهريون ته دستگير ڀٽي سان ملاقات ٿئي پر اسان جي خوش قسمتي آهي جو اوهان پاڻ لنگھي آيا آهيو. ھلو ته هلي اوھان کي مريضن ۽ سندن وارثن سان ملايون. کانئن پڇو ته ھن اسپتال ۾ ڪڏهن ذري به تڪليف ٿي اٿن.
مون اتي ھر عمر جي ٻارن، مردن توڙي عورتن کي جديد ترين مشينن وسيلي تازو رت چڙھندي مھل ئي ھڪ ھڪ ڪمري ۾ مريضن جي بستري تي وڃي کانئن جيڪي به سوال ڪيا تن کي ٻڌي روح کي راحت ملندي رهي. مون ھنن کان اھو به پڇيو ته ڇا ھن ٿيليسيميا اسپتال ۾ اوھان کان اسٽاف جي ڪنهن به شخص پئسا ڏوڪڙ ورتا آهن ته سڀني اھا ورندي ڏني ته هيءَ واحد اسپتال آهي جتي اسان ھڪڙو ٽڪو به نه ڏنو آهي ۽ نه ڪنھن پئسا گھريا آهن. دوائون به مفت ۾ ڏين ٿا. ھڪڙي وسيع پلاٽ تي سھڻي نموني تعمير ڪيل ھن اسپتال جي اڏاوت به اھڙي ٿيل آهي جو ھرھڪ ماڻھو سولائيءَ سان اچي وڃي سگھي ٿو. اسپتال کان ٻاهر باغ سان گڏوگڏ شاھي قسم جو جنريٽر به چوويهه ڪلاڪ الرٽ ھوندو آھي جنھن ذريعي لوڊشيڊنگ مھل خودڪار يعني آٽوميٽڪ بجلي اچي ويندي آهي ۽ ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم ۾ ڪابه رنڊڪ نه پوندي آهي.
جيتوڻيڪ ٿيليسيميا ڪيئر سينٽر جي باني ڊاڪٽر ھارون ميمڻ مون کي خاص طرح روڪيو ھو ته منهنجي ساراھh ۾ ڪجھه به نه لکجؤ ۽ ڪوشش ڪجو ته هن اسپتال بابت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ غريب مسڪين سنڌين کي ڄاڻ ملي ته جيئن ھو پنھنجن بيمار ٻارن کي علاج لاءِ ھتي آڻين. پر آئون ڊاڪٽر ھارون ميمڻ جي ڪم جي ساراهه ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه ٿو سگهان. ھڪ شخص جيڪو ڊاڪٽر اديب رضوي جيان پاڻ کي انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي ڏينھن رات ارپي ڇڏيو آھي، انھيءَ انسان دوست ڊاڪٽر بابت ئي سنڌ جي سرتاج شاھه لطيف ھيءُ بيت چيو آهي:
نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ،
اھڙا جن اھڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري.