ٽي ايس ايلٽ لکيو آهي ته “ادب جو مقصد آهي ته، قلم جي مس کي رت ۾ تبديل ڪيو وڃي.”
سنڌ ڪيترن ئي اهڙن قلمڪارن کي جنم ڏنو آهي، جن قلم جي مس کي رت ۾ ٻوڙي لکيو ۽ انهن پنهنجي قلم وسيلي اهڙي انقلاب کي جنم ڏنو، جنهن انقلاب کي ماٺو ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. غلام رباني آگري جيتوڻيڪ پنهنجي قلم جي مس کي رت ۾ ٻوڙي ته ڪونه لکيو، پر هُن پنهنجي قلم جي مس کي سنڌ جي مٽيءَ سان ڳوهي، ان ۾ اهڙو ته هُڳاءُ ڀريو، جنهن سڄيءَ سنڌ کي مهڪائي ڇڏيو. شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر کان پوءِ جنهن سنڌي نثر کي شهباز جا پر ڏنا، اُهو غلام رباني آگري جو قلم هو. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي جڏهن غلام رباني آگري تي قلم کڻي لکڻ شروع ڪيو ته سندس لکڻيءَ ۾ آگري صاحب جي نثر جي خوشبوءِ سمائجندي وئي ۽ هُو انهيءَ خوشبوءَ ۾ معطر ٿي بس لکندو ئي ويو ۽ جڏهن اُهو ڪتاب “غلام رباني آگرو: سنڌي نثر جو شهنشاهه” ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو ته سڀني جا چپ پاڻمرادو واهه واهه جو وِرد ڪرڻ لڳا آهن. هيءُ ڪتاب توڙي جو آگري صاحب جي نثر جي خوبين تي لکيل آهي، پر جسڪاڻي صاحب هن ۾ آگري صاحب جي شخصيت جا ڪيترائي پهلو سامهون آندا آهن. ان سان گڏ هن سڄي دنيا جي عالمن جا ڪوٽيشن به ڏنا آهن ته لطيف سائينءَ جي بيتن کي موضوع جي مناسبت سان شامل ڪيو آهي، جنهن ڪري ڪتاب اڃا وڌيڪ خوبصورت بڻجي ويو آهي ۽ پڙهندڙ بوريت جو شڪار نه ٿو ٿئي.
آگري صاحب جي پهرين سڃاڻپ جيتوڻيڪ هڪ ڪهاڻيڪار طور ٿئي ٿي، پر هن جيڪي خاڪا لکيا آهن، اُهي سنڌي ادب جا شاهڪار آهن. اهڙي شاهدي جسڪاڻي صاحب به ڏئي ٿو: “ماڻهو شھر ڀنڀور جا، جيڪو هڪ دفعو پڙهڻ لاءِ ويهو ته وچ مان ڪتاب ڇڏڻ لاءِ دل نه چوندي.” ان کان سواءِ سندس ڪتاب ‘سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر’ ۽ ‘سنڌي ڪلچر’ به شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا، جن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته آگري صاحب انهن موضوعن کي پنهنجي لکڻيءَ جو محور بڻايو آهي، جن تي گهٽ لکيو ويو آهي، اها سندس دانشمندي ئي آهي. پروفيسر لعل بخش لکي ٿو ته “رباني صاحب جي دوستيءَ جو دائرو بنهه وسيع هو، جنهن ۾ تاريخي شخصيتون، عالم، اديب ۽ سياستدان شامل هئا. کيس وڏن ماڻهن سان تعلقات رکڻ جو شوق ۽ اُتساهه شروع کان رهيو.” (ص: 89)
اهو سچ آهي ته غلام رباني آگرو سائين جي. ايم سيد کان ويندي محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ پير حسام الدين راشدي تائين سڀني کي ويجهو رهيو. جڏهن ته ان دور ۾ سرڪاري ملازم سائين جي. ايم سيد وٽ وڃڻ کان به لنوائيندا هئا، پر آگرو صاحب نه رُڳو وٽس وڃي ڪچهريون ڪندو هو، پر سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم جي رهنمائي به کانئس وٺندو هو. اهڙي بي خوفي ۽ جُرئت ٻين ۾ نظر گهٽ اچي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت جي حوالي سان پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي لکي ٿو ته “غلام رباني آگرو سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان 450 عربي ۽ فارسي قديمي ڪتاب هٿ ڪري، سنڌ جي قديم علمي، ادبي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪرايو، اهي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ڪُتب خاني ۾ رکرايا ۽ ڪيترا شايع پڻ ٿيا آهن.” (ص: 101)
اهڙو ڪم اُهو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جنهن کي پنهنجي ثقافتي ورثي سان پيار هوندو آهي ۽ آگرو صاحب ته سنڌ جي مٽيءَ جي سُڳنڌ ۾ ساهه کڻي جيئندو هو، پاڻ جيتوڻيڪ اڌ کان مٿي دنيا گهمي ڏٺي هئائين، هو نوڪريءَ جو پڇاڙيءَ وارو عرصو اسلام آباد جي هوائن ۾ به رهيو، پر هن کان سنڌ جي مٽي وسري نه سگهي. وساري ته هُو پنهنجي ڳوٺ کي به ڪونه سگهيو هو، پنهنجي امڙ جي مٺن لولن ۽ پنهنجي پيءُ جي پيار کي به هن ڪڏهن ڪونه وساريو هو. هُو هر لحاظ کان وڏو ماڻهو هو، پر هن ۾ وڏ ماڻهپو ڪڏهن به پيدا ٿي نه سگهيو هو، ڇاڪاڻ ته هُو سنڌ جو نج ڪلاسيڪل ماڻهو هو. جسڪاڻي صاحب سندس ڪتاب “سنڌي ادب جو ترقي پسند تحريڪ تي اثر” بابت لکي ٿو ته “ترقي پسند تحريڪ بابت غلام رباني پنهنجي محدود ڊيٽا جي باوجود سموري مواد جي تشريح، تعبير ۽ وضاحتون تمام شاندار نموني ڪري، هن کي ادبي رنگ ۽ ڍنگ سائنٽيفڪ طريقي سان Interpret ڪيو آهي.” (ص:118)
غلام رباني آگرو جيتوڻيڪ سرڪاري ملازم هو، پر هن ملازمت کان سنڌ کي وڌيڪ اهميت ڏني ۽ هو هر انهي تحريڪ جو حصو رهيو، جنهن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت کي ڪُچلڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. هُو ون يونٽ واري تحريڪ ۾ ٻين ساٿين سان گڏ تمام گهڻو سرگرم رهيو، ان جي شاهدي4 جسڪاڻي صاحب هيئن ڏني آهي.”غلام رباني آگرو تاريخي تحريڪ جو حصو رهيو ۽ لکيائين ته ون يونٽ جي خاتمي جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي بنگلي تي اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت سائين جي. ايم سيد ڪئي، جنهن ۾ انهن سڀني غدارن پنهنجي ابن ڏاڏن سميت ون يونٽ جي حمايت ڪرڻ جي معافي ورتي.” (ص: 124)
ان وقت جي سنڌ اڄ کان گهڻي مختلف هئي، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ جي. ايم سيد جھڙا مانجهي مڻيادار موجود هئا، جيڪي سنڌ مخالفن کي معافي وٺڻ تي مجبور ڪندا هئا. نه ته اهي پير، مير، وڏيرا ۽ سرمائيدار اڄ تائين غداريون ئي ڪندا رهيا آهن.
آگرو صاحب سنڌي ڪهاڻيءَ جو بادشاهه هو. هن توڙي جو ٿوريون ڪهاڻيون لکيون آهن، پر انهن ڪهاڻين ۾ ٻهراڙيءَ جي ماحول ۽ حالتن کي چِٽيو آهي، انهن ۾ ٻولي به ڳوٺاڻن ماڻهن جي استعمال ڪئي آهي ته محاورا به اهي ڪتب آندا آهن، جيڪي ان وقت ٻهراڙين جي دانشمنديءَ جو ثبوت هئا. حشو ڪيولراماڻي جھڙو ڏاهو به سندس ڪهاڻين کان متاثر ٿيو هو، جنهن ٻين ڪهاڻين سان گڏ آگري جي ڪهاڻي به ترجمو ڪري پنهنجي ڪتاب ۾ ڇپائي هئي.
غلام رباني آگري جي شخصيت کي سمجهڻو آهي ته هيءُ ڪتاب ضرور پڙهو، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب عقيدت وچان هرگز ناهي لکيو ويو، پر هن ۾ باقاعدي تحقيق ڪري، چئني پاسي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پوءِ لکيو ويو آهي. مثال طور: جسڪاڻي صاحب هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته “سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومپرست اديبن توڙي سنڌ کان ٻاهر جي اديبن رباني صاحب جي جنرل ضياءُالحق سان ويجهڙائي کي سخت نا پسند ڪيو ۽ اختلاف جو سبب بڻيو، جيڪا ڳالهه پنهنجي جاءِ تي صحيح هئي.” (ص: 87)
سنسار پبليڪيشن پاران ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 500 رُپيا رکي ويئي آهي.