نسبٽ جي ٻن ناول مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو، انهن ۾ دي بُڪ آف ڊريگن (1899ع) فا چلڊرن اينڊ اٽ (1902ع) آهن. فا چلڊرن اينڊ اٽ ان ڪري جو هن پهريون باب dream sequence سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو منهنجي ناول “ڪهاڻين جي شهر” جو پڻ اهم حصو آهي. هي ناول 20هين صدي جي شروعاتي انگلستان جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هي پنج ٻارن سيرل، اينٿيه، جين، رابرٽ ۽ سندن ننڍڙي ڀا ليمب جي ڪهاڻي آهي، انهن مان چار وڏا ٻار ڪجهه شرارتي آهن ۽ گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان وڙهندا رهن ٿا. ناول جي پهرين باب “Beautiful As Day” ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته انهن ٻارن جو پيءُ ڪنهن ڪم سانگي شهر ڏانهن وڃي ٿو ۽ ٻار گهر ۾ ڪم ڪندڙن حوالي آهن. صبح کان ئي ٻار راند ڪرڻ بهاني گهران نڪري وڃن ٿا ۽ سمنڊ ڪناري هلندي هلندي اهي هڪ ويران هنڌ پهچن ٿا، اتي هنن کي ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ انهن آوازن جي پويان هلندي اهي هڪ کڏ وٽ پهچن ٿا. اتي کين هڪ عجيب مخلوق نظر اچي ٿي، جيڪا انهن ٻارن کي پنهنجو نالو Psammead ٻڌائي ٿي، اها هڪ عجيب مخلوق آهي ۽ ان کي نر جنس طور ڏيکاريو ويو آهي. ان مخلوق جون اکيون ڊگهيون آهن، ان جا ڪن چمڙي جي ڪنن جهڙا آهن ۽ ڌڙ ڪوريئڙي جهڙو اٿس. هو انهن ٻارن کي ٻڌائي ٿو ته هو انهن ٻارن جي روز هڪڙي خواهش پوري ڪري سگهي ٿو ۽ پهرين ڏينهن تي اهي ٻار هن کان وڏي ٿي وڃڻ جي خواهش ڪن ٿا جيڪا هو، پوري ڪري ٿو. جڏهن ٻار هڪ ٻئي کي وڏا ٿيل نظر اچن ٿا ته انهن کي هڪ ٻئي جون شڪلون نٿيون وڻن ۽ هڪ ٻئي مان عيب ڪڍڻ شروع ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته انهن شڪلين کان ته اهي ننڍا ئي ڀلا هئا. پر هاڻي اهي ڪجهه نٿا ڪري سگهن جيستائين سج نٿو لهي تيستائين انهن کي ايئن ئي وڏو ٿي گهمڻو آهي. انهن مان هڪ رابرٽ بک ڪارڻ گهر وري ٿو پر هن کي گهر ۾ ڪم ڪندڙ مائي نٿي سڃاڻي سگهي ۽ کيس تڙي ڪڍي ڇڏي ٿي. هو باقي ٻارن ڏانهن اچي اهو ٻڌائي ٿو ته سڀئي گڏجي گهر وڃن ٿا، پر ڪم واري ڪنهن کي به سڃاڻي نٿي سگهي ۽ ايئن اهي سڄو ڏينهن بک تي گهمندا ٿا وتن ۽ سج لهي ٿو ته واپس ساڳي روپ ۾ اچي وڃن ٿا. ٻئي باب جي شروعات انهن ٻارن جي ننڊ مان اٿڻ سان ٿئي ٿي ۽ چارئي ٻار هڪ ٻئي کي پنهنجو خواب ٻڌائين ٿا. انهن چئني ٻارن جو خواب ساڳيو ئي آهي جنهن ۾ اهي پاڻ کي وڏو ٿيندي ڏسن ٿا. هوريان هوريان هنن جا پورا ٿيندڙ خواب ڀئوائتي شڪل وٺندا وڃن ٿا ۽ اهي مصيبت ۾ وڃي ڦاسن ٿا. مثال طور هڪ ڏينهن اهي ريڊ انڊين سان وڙهڻ جي خواهش ظاهر ڪن ٿا ۽ جڏهن سندن اها خواهش پوري ٿئي ته انهن کي ويڙهه دوران ڦٽجڻ جو خطرو به ٿئي ٿو، جڏهن ته رابرٽ پاڻ کي هڪ اهڙي پوليس واري جو نالو ڏئي ٿو جيڪو وحشي آهي.
هن ناول ۾ ٽي اهم ڳالهيون پڙهندڙ کي ناول ۾ قابو ڪري رکن ٿيون. هڪ ته هن ۾ مزاح تمام گهڻو آهي، ٻارن جون حرڪتون اهڙيون ته حقيقي ٿيون لڳن جو ايئن ڀانئجي ٿو ڪٿي نه ڪٿي ان قسم جون حرڪتون اسان پاڻ به ننڍي هوندي ڪري آيا آهيون. ٻيو اهم جز مهم جوئي جو آهي، هر خواهش پوري ٿيڻ ٻارن لا هڪ مهم جيان آهي ۽ ٻارن جي هر خواهش سان هڪ نئين مصيبت به سامهون اچي ٿي ۽ ٽيون جز تجسس جو آهي.
ناول پڙهڻ کان پو هڪ ليکڪ طور ۽ ڪهاڻين کي چاهيندڙ طور اهو احساس ٿئي ٿو ته اسان جو سنڌي ادب اڃا اتي به نه پهچي سگهيو آهي، جتي عالمي ادب ٻه صديون اڳ پهچي چڪو هو. مون ڪيترا ئي ڀيرا اهو لکيو آهي ته اسين اڃا افسانوي ادب کي صحيح نموني سمجهي ئي نه سگهيا آهيون. افسانو نج لکندڙ جو خيال ۽ تصور هوندو آهي ۽ ليکڪ ان خيال کي پنهنجي مخصوص انداز بيان سان پيش ڪندو آهي. ٻيو اهو ته افسانوي ادب جو ڪوبه ٽارگيٽ آڊينس نه هوندو آهي، اهو سڀني لا هوندو آهي ۽ ڪنهن جي به لا نه هوندو آهي. اهو گهڻن ماڻهن کي وڻي به سگهي ٿو ۽ گهڻن ماڻهن کي نه به وڻي سگهي ٿو. اهو گهڻن پڙهندڙن کي مسرتون ڏئي سگهي ٿو ۽ گهڻن پڙهندڙن کي ڏکارو به ڪري سگهي ٿو. ساڳي افساني جو پڙهندڙن وٽان ڪو هڪ ردعمل نه هوندو آهي ۽ ڪڏهن وري ڪنهن افساني کي اهو چئي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ان سان ماڻهن جي دل رنجائي وئي آهي ۽ ان افساني تي پابندي مڙهي ويندي آهي. هاڻي جيڪڏهن ريڊر ريسپانس ٿيوري ۽ رولنالڊ بارٿ جي “ليکڪ جو موت” واري ڳالهه کي مڃجي ته پو ان کي ليکڪ جي موت بدران افسانوي ادب جو موت قرار ڏيڻ وڌيڪ بهتر هوندو، جنهن جو مطلب اهو هوندو ته دنيا کي وڌيڪ افسانوي ادب لکڻ جي ضرورت ئي نه هوندي. ڪنهن به افسانوي ليکڪ جو موت اتان شروع ٿيندو آهي، جڏهن اهو ليکڪ پڙهندڙن جي سوچ ۽ مزاج کي سامهون رکي افسانو لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ نتيجي ۾ اهو ليکڪ پنهنجي تخليقي صلاحيت ئي وڃائي ويهي رهندو آهي. هاڻي تخليقي صلاحيت هڪ ڀيرو وئي هلي ته وري ڪونه موٽندي. اڃا تائين به تخليقي صلاحيت کي موٽائڻ لا وائگرا جهڙي ڪابه ٽڪي دريافت نه ٿي سگهي آهي. لڳي ٿو سنڌ ۾ ايڊٿ نسبٽ جهڙا ليکڪ پيدا ٿيڻ لا اڃا ڪيتريون ئي صديون انتظار ڪرڻو پوندو.
(پورو ٿيو)