دنيا ۾ جيڪي ملڪ زراعت ۾ پاڻڀرا ڪونه آهن، اتي به کاڌي پيتي جي شين جي ايتري کوٽ ڪونه ٿيندي آهي، جيتري پاڪستان ۾ نظر اچي ٿي. اسان جا حڪمران وڏي فخر سان چوندا آهن ۽ پاڪستان اسٽڊيز ۾ به اهو لکيل آهي ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي پر هي ڪهڙُو زرعي ملڪ آهي، جيڪو عوام کي اٽو لپ به فراهم نٿو ڪري سگهي. هي ڪهڙو زرعي ملڪ آهي، جتي اٽو مهانگو ترين اسم ٿي ويو آهي ۽ اهو ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿي رهيو آهي. عوام جي پهچ کان پري ٿيندڙ اٽي جهڙو اسم ملڪ جي هر گهر ۾ استعمال ٿئي ٿو ۽ امير ماڻهو کان وٺي غريب ماڻهو تائين سڀئي اٽي جي پچيل ماني کائين ٿا پر جيڪڏهن اهو اسم خريد ڪرڻ کان زور هجي يا ايترو مهانگو ٿي وڃي جو ماڻهو رڳو اٽو وٺڻ جو سوچيندا هجن ته پوءِ اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته ملڪ جي ماڻهن جي معاشي حالت ڪهڙي هوندي.
سنڌ حڪومت وڏي واڪي اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته سنڌ ۾ هر جاءِ تي اٽو 65 رپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي. سنڌ حڪومت جنهن اٽي جو اگهه حڪومت 65 رپيا ڪلو ٻڌائي رهي آهي، اهو ڪن خاص جاين تي ٽرڪن ۾ ڀرجي اچي ٿو، جتي ماڻهن جا ميڙ هوندا آهن. تازو ميرپورخاص ۾ پنهنجن ٻچن لاءِ اٽو وٺڻ آيل هرسنگهه ماڻهن جي پيرن هيٺيان لتاڙي مري ويو. کيس اٽو نه مليو پر موت مليو. جيڪڏهن اٽي جي فراهميءَ جو طريقو اهو ئي آهي، جتي ماڻهو پنهنجو عضوا ڀڃائي اچن يا وري موت جي ور چڙهي وڃن ته اهڙُو سستو اٽو ئي گهوريو. ڇاڪاڻ ته ڪوبه ماڻهو پنهنجي حياتي 65 رپيا ڪلو ملندڙ سرڪاري اٽي پويان وڃائڻ نه چاهيندو.
سنڌ ۾ هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ جيڪو خوراڪ جو بحران پيدا ٿيو آهي، ان کان پوءِ جيڪا صورتحال سامهون آئي آهي، ان سان نه رڳو مهانگائي وڌي آهي پر کاڌي پيتي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، جنهن ڪري عام ماڻهو جي قوت خريد گهٽجي وئي آهي. اهڙي ريت اهو سلسلو جيڪڏهن وڌيڪ هلي ٿو ته ماڻهن اٽو خريد به ڪونه ڪري سگهندا. ملڪ جي معاشي حالت بابت هر ڏينهن حڪومت جو ڪو نه ڪو بيان سامهون ايندو رهندو آهي، جنهن ۾ اهو چيل هوندو آهي ته ملڪ ڊفالٽ نه ٿيندو ۽ حالتون ڪنٽرول ۾ آهن. جيڪا حڪومت ملڪ ۾ اٽي جا اگهه ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي ۽ اها عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي نٿي جوڙي سگهي اها حڪومت هن ملڪ جي معاشي حالت کي سڌارڻ جي دعويٰ ڪري ٿي ۽ اها ئي حڪومت چوي ته ٻڏندڙ معيشت کي اها ئي سهارو ڏيندي.
ملڪ ۾ وزيرن، مشيرن، ججن، جرنيل ۽ ڪامورن جا پروٽوڪول ڏسي ائين لڳندو آهي ته پاڪستان جهڙُو امير ملڪ دنيا ۾ ڪونه هوندو پر جڏهن عوام جي حالت ڏسجي ٿي ته اهو اٽي لاءِ قطارن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ خوار پيو ٿيندو آهي. هڪٻئي سان جهيڙا پيو ڪندو آهي ۽ ڪنهن کي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيهڻ کان پوءِ به اٽو نٿو ملي. پر حڪومت پنهنجا شاهي خرچ گهٽائڻ پنهنجا پروٽوڪول گهٽائڻ لاءِ تيار ڪونهي. نتيجي ۾ عوام کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. اٽي لپ لاءِ دربدر ٿيندڙ عوام ان ڳالهه سان ٻڌل ناهي ته ملڪ ۾ حڪومت نواز ليگ جي آهي يا پي ٽي آءِ جي آهي. پر هن کي روزمره جون شيون سستيون کپن. اٽي جهڙو اسم جيڪو دنيا ۾ ڪنهن به ريت مهانگو ڪونه ڪيو ويندو آهي. ان جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت سبسڊي ڏيندي آهي پر هتي ته ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي.
اٽي جا اگهه حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڪونه آهن پر حڪومت ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سبسڊي ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونهي ۽ نه ئي سرڪاري اٽو مارڪيٽ ۾ موڪلڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن حڪومت سرڪاري اٽو پنهنجا اسٽال قائم ڪري ماڻهن کي وڪرو ڪري تڏهن به ان سان عوام کي وڏو رليف ملي سگهي ٿو پر جيئن ته حڪومت جي ان حوالي سان ڪا دلچسپي ڪونهي، تنهنڪري اها ان ڳالهه کي ڪنهن ليکي نٿي آڻي ته عوام ڪيترو مهانگو اٽو خريد ڪري رهيو آهي. هاڻ ته اهي خبرون اچي رهيون آهن ته سنڌ ۾ ڪڻڪ مقرر ڪيل هدف کان گهٽ ٿيندي. يعني ايندڙ وقت ۾ به اٽي جو بحران جاري رهندو ۽ عوام لاءِ اٽو مهانگو ئي رهندو.
ڪالهه جنيوا ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عالمي ڪانفرنس ٿي رهي هئي. ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان امداد جي گهر ڪري رهيو هو. جڏهن ته هيستائين جيڪا به امداد پاڪستان کي ٻوڏ متاثرن جي مد ۾ ملي آهي، ان وسيلي اڃا تائين مڪمل بحالي ڪونه ٿي سگهي آهي. پر اهم سوال اهو آهي ته دنيا ۾ جتي به ان قسم جون آفتون اچن ٿيون، ڇا اهي ملڪ رڳو امداد تي ڀاڙيندا آهن يا امداد جو سلسلو سالن جا سال هلندو رهندو آهي. دنيا ۾ تباهيءَ کي منهن ڏيندڙ ملڪ نه رڳو پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو هنر ڄاڻن ٿا پر اهي پنهنجن ماڻهن جي مدد ڪرڻ به ڄاڻن ٿا.
هر بحران ۾ ورتل هي ملڪ بحران مان ڪيئن نڪري سگهي ٿو، ان جو صحيح حل ڪير ٻڌائڻ لاءِ تيار ڪونهي. وقتي طور ڪي اهڙا فيصلا ڪيا وڃن ٿا، جن وسيلي ڪجهه وقت لاءِ اهو احساس ٿئي ٿو ته بحران ٽري رهيو آهي پر اصل ۾ اهو ويتر شديد پيو ٿيندو وڃي. آءِ ايم ايف جهڙي ريت اڳوڻي ۽ هاڻوڪي حڪومت کي پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي رکيو آهي، ان کان پوءِ ته اهو بنهه گهڻو ڏکيو ٿي ويو آهي ته ملڪ معاشي طور ٻاهرين امداد کان سواءِ گذارو ڪري سگهي. ڪڻڪ جي بحران کان وٺي بجلي ۽ گيس جي بحران کي منهن ڏيندڙ عوام ايندڙ وقت ۾ اڃا به وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏيندو ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ ان ڪري به ڪونهي جو هي ملڪ گهڻ طرفو مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. انهن مسئلن جو مستقل حل ڳولڻ لاءِ ڪنهن حڪومت ڪوشش ڪونه ڪئي آهي. سڄو زور ان ڳالهه تي ڏنو ويو آهي ته بم ڪيترا هجن جو دشمن کي ناس ڪري سگهجي پر ان پاسي ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي ته اسڪول ڪيترا هجن جو دشمن کي هر شعبي ۾ شڪست ڏئي سگهجي.
معاشي بحران پاڻمرادو ڪونه آيو آهي، پر ان کي دعوت ڏيڻ ۾ حڪومتي پاليسين جو وڏو ڪردار آهي. اهو ان ڪري جو هر حڪومت جي ترجيح عوام ۽ عوامي مسئلن بدران وزير مشيرن ۽ ڪامورا شاهيءَ کي سهولتون فراهم ڪرڻ هوندو آهي. تنهنڪري عوام جيڪي ڪجهه ڀوڳي ٿو، ان کان حڪومت لاتعلق بڻيل هوندي آهي. ڇا اها شرم جوڳي ڳالهه ناهي ته ڪنهن زرعي ملڪ جو عوام اڄ اٽو نٿو خريد ڪري سگهي ۽ اهو ملڪ ڪڻڪ پيدا ڪونه پيو ڪري سگهي. ٻيون سهولتون ته پري جي ڳالهه آهي پر رڳو اٽو ئي عوام کي سستي اگهه تي فراهم ڪيو وڃي ته هي عوام حڪومت جو وڏو ٿورائتو رهندو.
دنيا جي جن ملڪن ۾ به حڪومتون عوامي مفادن کي ترجيح تي رکنديون آهن، اهي ملڪ ترقي ڪندا آهن. اتان جو عوام سکيو ٿيندو آهي ۽ اهو هر ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو آهي. پر جڏهن اسان جي حڪمرانن اهو فيصلو ڪيو هجي ته گاهه کائينداسين ۽ بم ٺاهينداسين ته پوءِ گاهه کائڻ وارو نسل گاهه چري سگهي ٿو ۽ ان کي ان ڳالهه تي فخر رهندو ته ان جو دفاعي نظام بنهه گهڻو مضبوط آهي.