انگريز شاعر شيلي نھ صرف خوبصورت ھو پر ھن جا خيال ھن جي دور ۾ تمام گھڻا خطرناڪ سمجھيا ويندا ھئا. شيلي ۾ ننڍي ھوندي کان وٺي بغاوت ڀريل ھئي. ھن شاگرديءَ واري دور ۾ ھڪ پملفيٽ “Necessity of Atheism” يعني “دھريت جي ضرورت” جي عنوان سان لکيو ھو. ان سبب ھن کي يونيورسٽيءَ مان خارج ڪيو ويو ھو. پر ٻرندڙ جبل جھڙي ھن جي دل ۽ دماغ کي ڪنھن بھ طرح سان سڪون نھ آيو. ھو مسلسل سوچيندو ۽ لکندو رھيو. ھو پنھنجي فڪر ۽ فھم جي ڪري سدائين بي قرار رھندڙ انسان ھو. ھو انگريز ھو. انگلستان ۾ رھندو ھو. پر پنھنجي من جي شانتيءَ جي تلاش ۾ ھو ڪڏھن يونان جي طرف نڪري ويندو ھو ۽ ڪڏھن ان اٽليءَ جي ياترا ڪندو ھو، جتان يورپ جي جاڳرتا جا شعاع نئين سر نڪتا ھئا.
شيلي ھڪ سچو پچو انقلابي ھو. ھن جي اندر ۾ انقلاب جو ازلي انتظار ھو. ھن جي مٿان بھ مايوسي حملا ڪندي ھئي ۽ ڀرپور حملا ڪندي ھئي پر ھو ھر ڀيري اميد جو ھٿ پڪڙي نااميديءَ مان نڪري ويندو ھو. جڏھن انگلستان جي حالتن ھن کي تمام گھڻو اداس ڪري ڇڏيو تھ ھو اٽليءَ طرف نڪري ويو ۽ اٽليءَ جي جڳ مشھور شھر “فلورنس” ۾ ھن پنھنجو جڳ مشھور گيت “Ode to West Wind” يعني “اولھھ جي ھوا لاءِ ھڪ گيت” جي عنوان سان اھا تخليق ڪئي ھئي، جيڪا اڄ بھ تمام گھڻي پڙھي ويندي آھي ۽ ان تي تمام گھڻو سوچيو ۽ ويچاريو ويندو آھي.
شيلي جي ان نظم ۾ ھڪ تھ انھن حالتن جي اپٽار آھي، جيڪي جھنم جي مغربي تصور مطابق صفا سرد آھن. جن ۾ ايتري ٿڌ آھي، جنھن جو تصور ڪرڻ بھ محال آھي. انھن حالتن ۾ شاعر لکي ٿو تھ ھو زندگيءَ جي ڪنڊن مٿان ڪري پيو آھي ۽ ھن جي وجود مان رت جا ريلا وھي رھيا آھن. ان وقت ھن کي اھو خيال تمام گھڻي طاقت ڏئي ٿو تھ جيڪڏھن ھن وقت سردي ۽ سرءُ اوج تي آھي تھ پوءِ ان يقين ۾ شڪ ڇو ھجڻ گھرجي تھ بسنت جي رت تمام گھڻي ويجھي ٿي وئي ھوندي.
اھو يقين شاعر جي من ۾ موجود مونجھھ کي گھٽائي ٿو. ھن کي ھمت ۽ حوصلو بخشي ٿو. ھو وري جوش ۽ جذبي سان اٿي ٿو. ھو پنھنجي وجود ۾ وري نئين توانائيءَ جا وھڪرا وھندا محسوس ڪري ٿو. ھن جي من جي مايوسيءَ جو انت اچي وڃي ٿو. ھو پاڻ اميد جو ڪوسو ڪرڻو بڻجي پوي ٿو.
شيلي جي اھڙي ڪيفيت ۽ ھن جو اھو نظم مون کي ھن وقت شدت سان ياد آيو آھي، جڏھن سنڌ ۾ سردي بھ آھي ۽ ان ٿڌ ۾ مھانگائيءَ جو طوفان پنھنجي پوري طاقت سان ھلي رھيو آھي. ماڻھو مانيءَ جي تلاش ۾ مري رھيا آھن. اٽو انھن جي پھچ کان پري ٿي ويو آھي. ھر گھر ۾ مھانگائيءَ جو ماتم آھي. ماڻھو تمام گھڻو مايوس آھن. ڪنھن کي سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ آخر ھن مصيبت جو انت ڪڏھن ايندو ۽ سوچيندڙ سوچي رھيا آھن تھ اھو انت ايندو تھ ڪيئن ايندو؟ اھڙي ڪيفيت ۾ شيلي جو اداس ۽ اميد ڀريو نظم ياد اچڻ ۾ ڪو عجب محسوس ٿيڻ نھ کپي. ڇو تھ سڀ ڪجھھ ھڪ طرح سان ساڳي ترتيب ۾ آھي. جھڙي ريت اڄ کان ٻھ صديون اڳ ۾ شيلي سوچي رھيو ھو تھ معاشري جو ڇا ٿيندو؟ ساڳي طرح سان اڄ اسان سنڌ ۾ ساڳي سور سان جالي رھيا آھيون ۽ بار بار ساڳيو سوال اسان جي دل جو در کڙڪائي رھيو آھي تھ نيٺ ڇا ٿيندو؟ ڇا ماڻھن کي انصاف ملندو؟
انصاف تھ ھڪ تمام وڏو ۽ زندگيءَ جي پوري تصور کي پاڻ ۾ سمائڻ وارو لفظ آھي پر اسان تھ ھن وقت صرف اٽي جي باري ۾ سوچي رھيا آھيون. اسان جي لاءِ انصاف جو عظيم ۽ تمام ڪشادو لفظ نھايت ننڍڙي طرح سان سميٽجي سوڙھو ٿي ويو آھي ۽ اسان ان جو روپ صرف ان لفظ ۾ ڏسون ٿا، جيڪو لفظ آھي “اٽو”!
ڇا “اٽو” صرف ھڪ لفظ آھي؟ گرامر جي حوالي سان “اٽو” ڀلي ھڪ لفظ ھجي پر اسان لاءِ اھو لفظ زندگيءَ کي تمام سگھارو سھارو ڏيندڙ تصور بڻجي ويو آھي. اسان جي لاءِ “اٽو” لفظ “انصاف” جو نعم البدل بڻجي ويو آھي. اسان ڪڏھن بھ اٽي لاءِ اھڙي طرح سان نھ سوچيو ھو، جھڙي طرح ھاڻي سوچي رھيا آھيون. اسان کي وقت ان واٽ جو مسافر بڻائي ڇڏيو آھي، جتي اسان ڪجھھ نئين سر سوچي ۽ ويچاري رھيا آھيون. اسان جي آڏو لفظن ۽ انھن جي معنائن جا اسرار اھڙي طرح اجاگر ٿي رھيا آھن جو اسان ان قسم جو لقاءُ اڳ ڪڏھن بھ نھ پسيو ھو. اسان جي لاءِ ھي ھڪ نئون جھان آھي ۽ ان جھان ۾ ھڪ طرح جو جھنم آھي. اھو جھنم جنھن ۾ اسان جلي رھيا آھيون. ڇو تھ اسان وٽ ھن وقت سڀ کان وڌيڪ شدت ان بک جي آھي، جنھن اسان کي ايترو تھ بي حال ڪري ڇڏيو آھي جو اسان کان ٻيو سڀ ڪجھھ وسري ويو آھي. اسان ھن وقت جمھوريت ۽ آزاديءَ تي نھ پر ان اٽي لپ تي سوچي رھيا آھيون، جنھن مان ماني ٺھندي آھي. اھا ماني جڏھن تئي تي پچندي آھي، تڏھن ان جو روپ ائين محسوس ٿيندو آھي، جيئن ڪاري ڪاري رات مان چنڊ جو روشن ۽ چمڪندڙ وجود پرگھٽ ٿيندو آھي.
افسوس! تھ اسان جي حصي ۾ ايندڙ آسمان جو ڪارو تئو بنھھ پالھو آھي. ان مٿان ڪنھن بھ چنڊ جي ماني نھ ٿي پچي. اھو خالي ۽ تئو تمام گھڻي تڪليف ڏيندڙ آھي. اسان کي اھو بھ معلوم ناھي تھ اسان جي ان تڪليف، اسان جي ان پيڙا جو انت ڪڏھن ايندو. ڇو تھ اسان کي اھو ٻڌايو وڃي ٿو تھ اسان جي بک کي صرف عالمي امداد مٽائي سگھي ٿي. اھا عالمي امداد جيڪا اسان کي ان وقت بھ ملي جنھن وقت اسان جا معصوم ٻارڙا پنھنجن مائرن جي ھنجن ۾ ٻاڪاري رھيا ھئا. جڏھن عزت وارا خاندان امدادي ڪيمپن ۾ خوار ٿي رھيا ھئا. جڏھن ھر طرف ھل ھو ۽ اھڙي ماحول ۾ پٿر اکين ۾ پاڻيءَ جا قطرا پيدا ٿي رھيا ھئا. جڏھن اسان کي ان وقت امداد نھ ملي تھ ھاڻي ڪيئن ملندي؟ اسان کي امداد ان ڪري نھ ٿي ملي جو اسان جا پيٽ ڀرجي ويا آھن. اسان جا انگ ڍڪجي ويا آھن. اسان جا گھر اڏجي ويا آھن. اسان کي امداد ان ڪري ميسر نھ ٿي ٿئي جو اسان جا حڪمران بي ايمان آھن. انھن تي عالمي برادريءَ جو ڪو بھ اعتبار ناھي. انھن جي باري ۾ ھڪ ھڪ ملڪ کي معلوم آھي تھ انھن جي دولت جا ڪيترا انبار ڪٿي ڪٿي رکيل آھن. انھن جي ڪرپشن جا ڪرتوت ڪنھن کان بھ ڳجھا ناھن. ڇا اوھان تصور ڪري سگھو ٿا تھ جڏھن چور پنھنجي ميڙيل مال کي محفوظ ڪري پنھنجو ويس مٽائي فقير بڻجي رحم جي بازار ۾ ھليا اچن تھ ڇا انھن جي مٿان ڪو بھ ديا ڪندو؟ جن جا ھٿ ڪرپشن جي داغن سان ڀريل ھجن، انھن کي ڪڏھن بھ خيرات ملي نھ ٿي سگھي. ھن ملڪ ۾ ماڻھو تمام گھڻا ڪنجوس آھن. انھن جي دلين مان اعتبار ۽ احساس ايئن اڏامي ويو آھي، جيئن بندوق جي ٺڪاءَ تي پکي اڏامي ويندا آھن. پر ان جي باوجود پاڪستان جي پاپي شھر ڪراچيءَ ۾ جڏھن عبدالستار ايڌي پنھنجي پراڻي سراڻي ايمبولنس ۾ ويھي ٻاھر نڪرندو ھو پر ھو کوڙ ساري خيرات کڻي ايندو ھو. ڇو تھ ھن جا ھٿ اجرا ھئا.
اسان جي حڪمرانن جي عالمي بازار ۾ خيرات ان ڪري نھ ٿي ملي جو انھن جا ھٿ ميرا آھن. انھن جي مٿان ڪرپشن جا ڪارا ڪارا داغ لڳل آھن. ھو انھن داغن کي امپورٽيڊ صابڻن سان ڌوئي نھ ٿا سگھن. صابڻ تھ صفائي ڪندا آھن. اھو بھ عجيب لقاءُ آھي تھ ھو جيترو ھٿ ڌوئن ٿا، ايترو انھن جي ھٿن تي لڳل داغ ظاھر ٿي پون ٿا. ھو ڪنھن بھ طرح سان پاڻ تي لڳل داغ مٽائي نھ سگھيا آھن ۽ ھو مٽائي نھ ٿا سگھن. انھن جو حشر ھن وقت شيڪسپيئر جي ان ڪردار جھڙو آھي، جيڪو “مئڪبيٿ” ۾ چوي ٿو تھ “رت جا اھي داغ تھ تمام ٿوري پاڻيءَ سان ڌوپي ويندا” پر پوءِ ھن کي ڪوئي پور پوي ٿو ۽ ھو چيخ ڪري چوي ٿو تھ “دنيا جا سمورا سمنڊ بھ رت جي انھن قطرن کي ڌوئي نھ ٿا سگھن”
ڪرپشن جا ڪارا داغ اسان جي حڪمرانن جي ھٿن تي جيستائين موجود رھندا، تيستائين انھن کي ڪنھن بھ صورت ۾ امداد نھ ملندي ۽ اھا امداد انھن کي جيستائين نھ ملندي تيستائين ماڻھن کي ماني نھ ملندي.
اھا ماني جيڪا اٽي لپ مان وجود وٺندي آھي. اھا ماني جيڪا ستارن جي ٽانڊن تي ٻري پوندڙ باھه سبب آسمان جي ڪاري تئي مٿان ائين پچڻ لڳندي آھي، جيئن اسان کي گھڻي وقت جي برسات ۽ جھڙ کان پوءِ آسمان جي مٿان چنڊ نظر ايندو آھي.
ھيءَ دنيا ڌرتيءَ تان چنڊ جي طرف اڏامي رھي آھي. ھيءَ دنيا آسمان جي چنڊ کي اپنائڻ جي لاءِ اڏامي ٿي. ھيءَ دنيا چنڊ جي تمنائي آھي. ۽ اسان لاءِ ڌرتيءَ تي ماني اھو چنڊ بڻجي وئي آھي، جيڪو اسان کان آھستي آھستي ڏور ٿي رھيو آھي. اسان چنڊ جا نھ پر چنڊ جھڙي ان مانيءَ جا تمنائي آھيون، جيڪا اسان جي اندر جي بک مٽائي ۽ اسان کي ننڊ ڪرڻ جو حق حاصل ڪري ڏئي. ڇو تھ بک تي ننڊ نھ ايندي آھي.
ڪاش! ڪو اھڙو گيت بھ ھجي جيڪو ٻڌڻ سان بکيا ٻار ننڊ ڪري سگھن. اھڙو گيت ھن وقت تائين ڪو بھ شاعر تخليق نھ ڪري سگھيو آھي، جنھن جي ٻڌڻ سان بک جا ڪوئا معصوم ٻارن جا ڪچڙا آنڊا نھ ڪترڻ لڳن. ھو شانت ٿي وڃن. ٻار بھ سمھي پون. اھڙو ڪو گيت ناھي.
ھن وقت فضا ۾ جيڪڏھن اميد جو ڪو گيت گونجي سگھي ٿو تھ اھو شيلي جي “اوڊ ٽو ويسٽ ونڊ” جھڙو گيت ٿي سگھي ٿو. اھو گيت جنھن ۾ غم بھ آھي. اھو گيت جنھن ۾ غصو بھ آھي. اھو گيت جنھن ۾ اميد آھي.
سرءُ جي انت جي اميد
بسنت رت جي اميد….!!