گذريل سال ملڪ ۾ ٻوڏ اچڻ کان پوءِ حڪمرانن جو سڄو زور ان ڳالهه تي رهيو ته ڪيئن به ڪري پرڏيهي ملڪن ۽ مالياتي ادارن مان امداد حاصل ڪئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ پئسو ملڪ ۾ اچي سگهي. ٻه ڏينهن اڳ ئي جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي مختلف ملڪن، بينڪن ۽ مالياتي ادارن پاران 10 ارب ڊالرن کان وڌيڪ امداد ملڻ جا چٽا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. اها امداد ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ورتي وئي آهي. ان کان اڳ به جيڪا امداد ملي هئي سا به ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ورتي وئي هئي ته جيئن انهن جي بحالي ٿي سگهي ۽ انهن کي پنهنجن شهرن توڙي گهرن ڏانهن موڪلي سگهجي پر هن وقت تائين سنڌ ۾ جيڪي به ٻوڏ متاثر آهن، اهي پنهنجن گهرن تائين نه پهچي سگهيا آهن. اڄ به ٻوڏ متاثر دربدر ٿي رهيا آهن، اهي پريشانيءَ ۾ وقت گذاري رهيا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين جو ائين جاري رهيو ته ان ڳالهه جا امڪان وڌيڪ آهن ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو ڪم رولڙي جو شڪار ئي رهندو. اها سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها سمورن ٻوڏ متاثرن کي بحال ڪري ۽ انهن سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪري. جڏهن ته ٻين صوبن ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان ٿيو آهي.
سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ کي 6 مهينا گذري وڃڻ کان پوءِ به 89 هزار 157 ٻوڏ متاثر اڃا تائين بي گهر ۽ هزارين متاثر امدادي ڪئمپن ۾ رهيل آهن. خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جون ڪئمپون بند ٿي چڪيون آهن. تفصيل مطابق سنڌ صوبي ۾ 10 صحت جا مرڪز اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن، دادو ضلعي ۾ 7 ۽ خيرپور ضلعي ۾ 3 صحت جا مرڪز اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن. ذريعن ٻڌايو ته بلوچستان صوبي جي ٻوڏ سٽيل ضلعن مان پاڻي نيڪال جو عمل اڃا تائين جاري آهي. جهل مگسي ۽ صحبت پور جي ڪجهه هنڌن تي هاڻي به ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي. 6 مهينا گذرڻ کان پوءِ به سنڌ ۾ 89 هزار 157 ٻوڏ متاثر اڃا تائين بي گهر، جڏهن ته 16 هزار 201 ٻوڏ متاثر ٽينٽ سٽيز يا ٽينٽ وليج ۾ رهن ٿا. سنڌ جي ٻوڏ سٽيل ضلعن ۾ 19 ٽينٽ سٽيز ۽ وليج اڃا تائين موجود آهن. ٻئي پاسي خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ فلڊ آءِ بي پي ڪئمپون بند ٿي چڪيون آهن. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 32 هزار 32 ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون هيون، جن ۾ 55 لک متاثرن جو علاج ڪيو ويو. ٻين صوبن ۾ به ساڳي انتظاميه آهي ۽ ساڳيا سرڪاري عملدار آهن ته پوءِ اتي ڪهڙي ريت اهو ڪم تڪڙُو ٿي ويو آهي ۽ سنڌ ۾ اڃا تائين ٻوڏ متاثر تنبن ۾ رهيا پيا آهن. جڏهن ته ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ سنڌ جا ماڻهو متاثر ٿيا هئا. جن جي بحاليءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي نه رڳو وقتائتا اپاءَ وٺڻ جي ضرورت هئي پر ضرورت کان وڌيڪ انهن جي سهائتا ڪرڻ لازمي هو، جيڪا سنڌ حڪومت نه ڪري سگهي آهي. نتيجي ۾ اڄ به ٻوڏ متاثر سنڌ حڪومت ڏانهن واجهائي رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت کي ان ڳالهه جي پرواهه به ڪونهي ته ڪهڙي ريت ٻوڏ متاثر ڪئمپن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سنڌ حڪومت اها به دعويٰ ڪندي رهي آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي ته پوءِ ٻوڏ متاثر اڃا تائين ڪئمپن ۾ ڇو ويٺل آهن ۽ اهي پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ڇو ڪونه پيا ٿين.
اسين سمجهون ٿا ته ٻوڏ متاثرن جي حالت هن وقت به ڪا گهڻي بهتر ڪونهي. اهي انهن ساڳين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن کي اهي پهرين ڏينهن کان ڏئي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪري ۽ ٻين صوبن جي ٻوڏ متاثرن وانگر بحاليءَ جو ڪم پورو ڪري.