ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

امداد متاثرن کي ملندي؟

Editorial-Article- Yameen Jatoi

چوندا آهن ته قدرتي آفتون پيڙهيل طبقن لا عذاب ۽ مصيبتون جڏهن ته عوام دشمن رياستن ۽ حڪمران طبقن لا رحمت بڻجي اينديون آهن. گذريل سال سنڌ ۾ پيل برساتن ۽ ٻوڏ جيڪا تباهي آندي، ان عوام جي زندگي ته اذيتن ۾ مبتلا ڪئي پر رياست ۽ حڪمران طبقي لا دنيا کان امداد جي نالي تي پني پنهنجا ڀڀ ڪيئن ڀرجن ان لا سوچڻ جا نوان رستا کولي ڇڏيا آهن. هتان جهڙيون عوام دشمن رياستون بحرانن مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍنديون آهن، سو برساتن ۽ ٻوڏن سبب جيڪو بحران پيدا ٿيو، ان حڪمرانن لا پنڻ جا نوان گس کولي ڏنا آهن. اهڙي ريت ٻه ڏينهن اڳ جنيوا ڪانفرنس وسيلي حڪمران ساڍا 10 ارب ڊالر وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. پر اها پڪ آهي ته متاثرن کي اها امداد نه پر ٺلها آسرا ئي ملندا.
ڪانفرنس جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن ته عالمي ادارن ۽ مختلف ملڪن پاڪستان جي 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير واري مرحلي لا ڊونرز ڪانفرنس ۾ 10 ارب 57 ڪروڙ ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل ميزباني هيٺ جنيوا ۾ موسمياتي تباهين سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي ۽ مدد لا ڪرايل “ريزيليئنٽ پاڪستان” عالمي ڪانفرنس عالمي معاونت حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ کي 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد لاءِ ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. عالمي ادارن ۽ ملڪن واعدو ڪيل امدادي رقم ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جا 4 ڏهائي 2 ارب ڊالر ۽ عالمي بئنڪ جا 2 ارب ڊالر پڻ شامل آهن. جنيوا ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي لا ڏهه ارب ڊالر کان وڌيڪ امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان کي پهرين مرحلي ۾ 8 ارب ڊالر گهربل آهن. جنيوا ڪانفرنس ۾ جن ملڪن ۽ عالمي ادارن پاڪستان جي مالي امداد جو واعدو ڪيو آهي، انهن ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ هڪ ارب ڊالر، يو ايس ايڊ 10 ڪروڙ ڊالر، جاپان 7 ڪروڙ 70 لک ڊالر، جرمني 8 ڪروڙ 40 لک يوروز، يورپي يونين 50 ڪروڙ يوروز، فرانس هڪ ڪروڙ ڊالر، چين 10 ڪروڙ ڊالر، سعودي عرب هڪ ارب ڊالر، برطانيا 90 لک يوروز ۽ ايشين انفرا اسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپو بنيادي ڍانچي جي بحالي لا تڪڙا قدم کڻڻ تي زور ڀريندي چيو ته “ٻوڏ جي صورتحال جا منظر ڏسي دل ٽٽي پئي، ٻوڏ جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 80 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيل ملڪن جي مالي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل سال تباهه آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان جي وڏي حصي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، ملڪ جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ وڏي پيماني تي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان کي 3 سالن جي مدي ۾ 16 ڏهائي 3 ارب ڊالرن جي ضرورت پوندي. ڪانفرنس ذريعي روڪ، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري سگهجي ٿي. ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آهي جنهن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻو آهي.”
وفاقي وزير احسن اقبال پنهنجي خطاب ۾ شرڪت ڪندڙن کي بدترين ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته 2022ع ۾ پاڪستان ۾ هڪ بدترين ٻوڏ آئي جنهن سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي 20 پٺتي پيل ضلعن کي نقصان پهتو، ان سان گڏوگڏ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ڪجهه ضلعن کي پڻ نقصان پهتو. بنيادي ڍانچي جي بحاليءَ لاءِ پاڪستان کي 16 ارب ڊالرن جي هنگامي بنيادن تي ضرورت آهي. پاڪستان جي پهرين ترجيح ماڻهن جي روزمره جي ضرورتن کي ٻيهر شروع ڪرائڻ آهي، ٻارن ۽ عورتن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ، صحت ۽ ٻيون سهولتون ايندڙ 3 سالن ۾ پنهنجي وسيلن سان پورو ڪنداسين. مستقبل ۾ ماحولياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ 14 ارب ڊالرن جو منصوبو بڻايو آهي.
أحڪومت جي انگن اکرن موجب ٻوڏ سبب مجموعي طور 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، 1700 ڄڻا پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، 13 هزار ڄڻا زخمي ٿيا، 30 هزار ڪلوميٽر روڊ ۽ شاهراهون تباهه ٿيون، 440 پُلون ٽُٽي پيون، 500 ملين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو، 2 ملين جي ويجهو گهر عارضي يا جزوي طور متاثر ٿيا، جڏهن ته 10 لک چوپايو مال مري ويو يا گُم ٿي ويو. 10 لک ٻارڙين سميت 26 لک تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعليم ۾ خلل پيو آهي. ٻوڏ کانپوءِ مهينن تائين پاڻي بيٺل رهيو جنهن سبب وقت تي پوکي نه ٿي سگهي ۽ زراعت متاثر ٿي آهي. بيٺل پاڻيءَ سبب اسڪول ۽ اسپتالون بند آهن، مقامي طور تي گڏيل رابطو مشڪل رهيو، عارضي پناهگاهن ۾ ماڻهن کي رهايو ويو، جڏهن ته اسپتالن جو ڪم پڻ عارضي طور هلائڻو پيو، ٻوڏ سبب 22 هزار کان وڌيڪ اسڪول بند ٿيا، جڏهن ته لکين ٻارن جي تعليم متاثر ٿي. سرڪار موجب پي ڊي ايم اي عالمي ادارن جي تعاون سان جيڪو ڪاٿو لڳايو آهي ان مطابق ٻوڏ کان 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته نئين سر تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ پاڪستان کي 16 ڏهائي 3 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي.
هوڏانهن سنڌ ۾ ٻوڏ کي 6 مهينا گذري وڃڻ کان پوءِ به 89 هزار 157 ٻوڏ متاثر اڃا تائين بي گهر ۽ هزارين متاثر امدادي ڪئمپن ۾ رهيل آهن. خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جون ڪئمپون بند ٿي چڪيون آهن. سنڌ ۾ 10 صحت جا مرڪز اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، دادو ضلعي ۾ 7 ۽ خيرپور ضلعي ۾ 3 صحت جا مرڪز اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن. بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل ضلعن مان پاڻي نيڪال جو عمل اڃا تائين جاري آهي جهل مگسي ۽ صحبت پور جي ڪجهه هنڌن تي هاڻي به ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي، 6 مهينا گذرڻ کان پوءِ به سنڌ ۾ 89 هزار 157 ٻوڏ متاثر اڃا تائين بي گهر، جڏهن ته 16 هزار 201 ٻوڏ متاثر ٽينٽ سٽيز يا ٽينٽ وليج ۾ رهن ٿا. سنڌ جي ٻوڏ سٽيل ضلعن ۾ 19 ٽينٽ سٽيز ۽ وليج اڃا تائين موجود آهن، ٻئي پاسي خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ فلڊ آئي بي پي ڪئمپون بند ٿي چڪيون آهن.
ڇا اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته هي حڪمران اها امداد متاثرن تائين پهچائيندا؟ ان جو جواب هنن حڪمرانن جي ماضي مان آساني سان ملي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button