جنيوا ۾ ڊونر ڪانفرنس ڪامياب رھي. پاڪستان لاءِ 10 ارب ڊالرن کان وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو ويو. وزير اعظم ان امداد جي رقم کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان عالمي برادريءَ کي يقين ڏياريو آھي تھ ان سلسلي ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو.
اعلان ڪيل امداد جي سلسلي ۾ اھا ڳالھھ ذھن نشين ڪرڻ گھرجي تھ اھا امداد پاڪستان کي فوري طور تي نھ ملندي پر اھا ٽن سالن جي عرصي ۾ ايندي پر اصل سوال اھو آھي تھ اھا رقم خرچ ڪيئن ٿيندي؟ ڇا ان رقم کي ماڻھن جي مدد لاءِ بلڪل ائين استعمال ڪيو ويندو، جيئن استعمال ڪرڻ گھرجي؟ جيڪڏھن پاڪستان ۾ ايمانداريءَ جي روايت ايتري مضبوط ھجي ھا تھ پاڪستان ۾ برسات سبب ايتري وڏي تباھي نھ اچي ھا. جيڪڏھن پاڪستان جي رڳ رڳ ۾ ڪرپشن جو زھر نھ ھلندو ھجي ھا تھ پاڪستان کي عالمي برداريءَ جي آڏو اھڙي ريت خيرات گھرڻ جي تذليل مان نھ گذرڻو پوي ھا. پاڪستان جھڙي ريت جنيوا ۾ پوري دنيا جي آڏو امداد لاءِ اپيلون ڪيون آھن ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽريءَ بھ پاڪستان جي عالمي برداريءَ کي منٿون ميڙون ڪيون آھن تھ ان سان وڃي پاڪستان جو ڪو بلو ٿيو آھي. جيڪڏھن گڏيل قومن جو ڪردار نھ ھجي ھا تھ پاڪستان کي اھڙي تباھيءَ کان پوءِ بھ امداد نھ ملي ھا. ڇو تھ عالمي سطح تي پاڪستان جي حڪمرانن پنھنجو ڪردار اھڙو پيش ڪيو آھي جو انھن جي مٿان عالمي برداري ڪنھن بھ ريت اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. پاڪستان جي حوالي سان جڏھن بھ ڪنھن عالمي فورم تي ڪا گفتگو ٿيندي آھي تھ معاملو ڪرپشن کان شروع ٿيندو آھي ۽ ڪرپشن تي ختم ٿيندو آھي. پاڪستان کي ڪرپشن جي علامت بڻائي پيش ڪيو ويندو آھي. جڏھن تھ پاڪستان جو عوام تمام گھڻو غريب ۽ مظلوم آھي. ان عوام جي مقدر ۾ سدائين مصيبتون رھيون آھن. جيڪڏھن پاڪستان جو نالو بدنام ڪيو آھي تھ اھو انھن قوتن ڪيو آھي، جن قوتن سدائين دولت ميڙڻ جي سياست ڪئي آھي. جن سياست جي معرفت ملڪي وسيلن کي لٽيو آھي. جن جي ڪڌن ڪرتوتن سبب ھڪ تھ ملڪ جو حشر تمام خراب ٿيو آھي. ھڪ سکيو ستابو ملڪ بکيو ۽ بدحال ٿي ويو آھي ۽ ٻيو تھ ان ملڪ جو اميج عالمي سطح تي نھايت خراب بڻائي پيش ڪيو ويو آھي. جڏھن تھ ان ۾ ملڪ جو عوام بلڪل بھ معصوم آھي. ڇا اھا عوام سان زيادتي ناھي؟ عوام جنھن جو ڪو قصور نھ ھجي ۽ جيڪو پاڻ اھڙي ڪرپشن سبب تمام گھڻي تڪليف ۾ ھجي، ان کي عالمي سطح تي وري ان تڪليف جو منھن بھ ڏسڻو پوي تھ ان مٿان اھي الزام لڳن تھ پاڪستان تمام گھڻو ڪرپٽ ملڪ آھي.
پاڪستان جي سلسلي ۾ اھي ڳالھيون بھ عام جام بحث ھيٺ اچن ٿيون تھ حڪمرانن عالمي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ھٿ وٺي عوام کي ٻوڙايو. جيڪڏھن ان قسم جي ڳالھھ بھ ٿئي ٿي تھ اھا ڪيتري نھ شرمناڪ ڳالھھ آھي! پر پاڪستان کي اسان جي ڪرپٽ سياستدانن جي ڪرتوتن سبب ان حال تي پھچايو ويو آھي جو ھاڻي پاڪستان جي سلسلي ۾ ڪا بھ ڳالھھ ڪنھن بھ ريت ڪري سگھجي ٿي ۽ اھڙيون ڳالھيون ٿي رھيون آھن، جن ڳالھين جي ڪري ھڪ ملڪ جو تعارف تمام گھڻي تڪليف وارو بڻجي ويو آھي. اسان کي ان سلسلي ۾ ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪرڻ گھرجي. ڇو تھ ھي ملڪ اصل ۾ ڪجھھ سياستدانن جو ناھي. ھي ملڪ تھ انھن ڪروڙن ماڻھن جو آھي، جيڪي محنت ڪن ٿا ۽ ڏکيائيءَ سان ملڪ کي ھلائين ٿا. ملڪ کي ھلائڻ جي سلسلي ۾ اصل ڪردار عوام جو آھي. ڇو تھ عالمي سطح تي تھ سياستدانن جي ڪرتوتن سبب پاڪستان تمام گھڻو قرضن ۾ ويڙھجي ويو آھي.
پاڪستان جي سلسلي ۾ اھا ڳالھھ بھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ ھن ڀيري گڏيل قومن جي اداري جي سهڪار سان ئي سھي پر پاڪستان لاءِ جيتري امداد جو اعلان ٿيو آھي، ان امداد کان وڌيڪ پاڪستان جي عوام جو نقصان ٿيو آھي. اھا حقيقت آھي ۽ ان حقيقت کان ڪوئي بھ انڪار ڪري نھ ٿو سگھي تھ 10 ارب ڊالر ڪجھھ بھ ناھن. ڇو تھ جيتري حد تائين ماڻھو متاثر ٿيا آھن ۽ جيتري حد تائين انھن جو نقصان ٿيو آھي، اھو نقصان ايترو تھ گھڻو آھي جو ان جي اصل ڪٿ ڪرڻ تمام مشڪل آھي. اھو ئي سبب آھي تھ ھن مھل تائين حڪومت اسان کي اھو بھ نھ ٻڌايو آھي تھ اصل نقصان ڪيترو ٿيو آھي؟ اصل نقصان جي باري ۾ حڪومت اندازو تھ لڳائي ٿي پر اسان جي آڏو صحيح طرح اھي انگ اکر نھ آيا آھن، جن جي حوالي سان اسان کي معلوم ٿي سگھي تھ پاڪستان ڪيترو ڀوڳيو آھي ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀوڳنا تھ بنا ڪنھن شڪ جي سنڌ جي حصي ۾ آئي آھي. سنڌ پنھنجي تاريخ ۾ اھڙي تباھيءَ نھ ڏٺي، جيتري تباھي ھن جي مٿان مينھن جي صورت ۾ آئي. جڏھن تھ برسات جي موسم سنڌ لاءِ سرھائيءَ جي موسم ھوندي آھي. پر اھا سرھائي انتظامي نااھليءَ سبب ارھائيءَ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ سنڌ کي ايترو تھ نقصان پھتو، جنھن جو پورو ازالو معلوم نھ آھي تھ ڪڏھن ممڪن ٿي سگھي.
سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جيڪو نقصان ٿيو آھي، ان نقصان جي حوالي سان ھيءَ امداد ائين آھي، جيئن اٺ جي وات ۾ سرنھن جو داڻو! ڇو تھ نقصان تمام گھڻو آھي ۽ امداد تمام گھٽ آھي ۽ ان سلسلي ۾ اھم ڳالھھ اھا بھ آھي تھ ھيءَ امداد جيڪا ھن مھل تائين 10 ارب روپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي، ان امداد جو سنڌ کي ڪيترو حصو ملندو؟ ڇو تھ پاڪستان ۾ جڏھن بھ ڪا امداد ايندي آھي تھ سنڌ کي سدائين پڇڙيءَ جو آبادگار سمجھي ان کي تمام گھٽ حصو ڏنو ويندو آھي ۽ ان حقيقت ۾ ڪو بھ وڌاءُ ڪونھي. ڇو تھ اسان وٽ ان حوالي سان ناقابل ترديد ۽ ٺوس ثبوت آھن. اھڙا ثبوت جن کي ڪنھن بھ ريت رد ڪري نھ ٿو سگھجي. ھن وقت تھ پاڪستان کي ٻوڏ متاثر ماڻھن جي حوالي سان پئسن جي صورت ۾ امداد ملي آھي پر جنھن وقت پاڻي پوري شدت سان وسي رھيو ھو ۽ ماڻھو ٻڏي رھيا ھئا، ان وقت امدادي سامان جا جيڪي جھاز ڪراچي ايئرپورٽ تي لھندا ھئا، انھن مان سنڌ کي نالي ماتر سامان بھ نھ مليو. اھو سامان ڪيڏانهن ويو؟ اسان کي سامان تھ نھ مليو پر ان سوال جو جواب بھ نھ مليو تھ آخر اھو سامان ويو ڪيڏانھن؟ ساڳي ريت سنڌ جي ھن وقت بھ شديد ترين خدشا آھن. سنڌ ھن وقت بھ تمام گھڻو پريشان آھي. ڇو تھ گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻھو ٻوڏ متاثر آھن. انھن کي امداد جو انتظار آھي. انھن سان واعدا ڪيا ويا تھ انھن کي مضبوط ۽ پڪا گھر ٺھرائي ڏنا ويندا پر ھن مھل تائين ان سلسلي ۾ سوري بھ نھ ٿيو آھي. ھن مھل تائين ڪو قدم نھ کنيو ويو آھي. ھن وقت تائين ڪو پتو ڪونھي تھ ماڻھن جي مدد ڪيئن ٿيندي؟ ڪڏھن ٿيندي؟ ساڳي ريت ھاڻي جڏھن عالمي امداد جو اعلان ٿيو آھي تھ سنڌ ۾ اميد پيدا ٿي آھي. سنڌ جي ٻوڏ ستايل ماڻھن ۾ ھڪ قسم جو آسرو پيدا ٿيو آھي تھ انھن کي ڪجھھ نھ ڪجھھ ملندو. انھن کي تڏھن ملندو، جڏھن پاڪستان جي پول مان سنڌ کي ان جو جائز حصو ڏنو ويندو. سنڌ سان وفاق جي بي انصافي تھ ھر حوالي سان ٿيندي رھي آھي. اھو پاڻي ھجي يا پئسو ھجي. ھر سطح تي سنڌ جي ماس ۾ ڪاتي وجھڻ جو ڪم وفاق وڏي شوق سان ڪندو آھي. ان ڪري ھن ڀيري بھ ماضيءَ جي پسمنظر ۾ اھو خطرو پنھنجي جاءِ تي ڀرپور ريت موجود آھي تھ سنڌ مٿان ڪاتي ڪڙڪائي سگھجي ٿي. سنڌ کي سندس جائز حصي کان محروم رکي سگھجي ٿو. ڇو تھ اھا اسان وٽ روايت آھي. اھا ھڪ ٺھيل ٺڪيل راهه آھي. ان تي ھلڻ وارن جي پيرن جا نشان اڄ بھ موجود آھن. ان ڪري ھڪ ٺھيل رستي تي ھلڻ جي سلسلي ۾ ڪنھن کي بھ ڪا تڪليف نھ ايندي آھي. ان ڪري سنڌ کي تمام گھڻو خدشو آھي تھ ھن ڀيري بھ ھن سان ناانصافي ٿيندي ۽ ھن ڀيري بھ عالمي امداد ۾ ھن کي گھٽ حصو ڏنو ويندو. جڏھن تھ پوري دنيا شاھد آھي. پوري جڳ جھان کي معلوم آھي ۽ پاڻ ملڪ جا حڪمران اھو تسليم ڪري چڪا آھن تھ پاڪستان ۾ مون سون سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جو ٿيو آھي. جيڪڏھن نقصان سنڌ جو ٿيو آھي ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري بھ سنڌ ۾ تباھي ڏسي وڌيڪ متاثر ٿيو تھ ان حوالي سان سنڌ کي ان امداد جو حصو وڌيڪ ملڻ گھرجي. پر سنڌ کي خوف آھي. اھو خوف اجايو ناھي. ان خوف کي باقاعده بنياد آھن. اھو خوف ھوائي توائي ناھي. اھو حقيقي خوف آھي تھ سنڌ سان عالمي امداد جي سلسلي ۾ زيادتي ڪئي ويندي.
سنڌ سان عالمي امداد جي ورڇ ۾ زيادتي تھ اڻٽر آھي. اھا تھ ھر حال ۾ ٿيندي. پر فرض ڪريو تھ ھن ڀيري سنڌ سان عالمي امداد جي حصي جي حوالي سان گھٽ زيادتي ٿئي ٿي تھ ڇا سنڌ جي حصي ۾ آيل امداد ميرٽ تي ورھائي ويندي؟ ڇا حقدارن کي انھن جو حق ملندو؟
سنڌ ۾ اھو خوف عام جام آھي تھ ھتي سدائين امداد حق ۽ سچ جي حوالي سان نھ ورھائي ويندي آھي پر امداد جي ورڇ جو انداز سدائين سياسي رھيو آھي، ان ڪري سنڌ ۾ امداد انھن کي ملڻ جو خدشو آھي، جن جو نقصان نھ ٿيو آھي يا گھٽ ٿيو آھي پر انھن جا سرڪار سان سڌا سياسي واسطا ۽ مضبوط قسم جا رابطا آھن. سنڌ جي ماڻھن کي سياسي حوالي سان ورڇ جو تمام گھڻو تلخ تجربو بھ آھي ۽ ھن ڀيري ان قسم جو خوف بھ آھي تھ سنڌ مٿان سياسي مفادن جي مصيبت ڪڙڪائي ويندي ۽ حقدارن کي حق حاصل نھ ٿيندو. اھو ڪجھھ ٿيو تھ تمام غلط ٿيندو. ڇا ان غلطيءَ جي گمان کي ختم ڪرڻ جو ڪو بلو ٿي سگھندو؟