شوبز

عادل دراني راکي ساونت سان شادي ڪرڻ واري ڳالهه تان ڦري ويو

ڀارتي اداڪارا راکي ساونت سان شادي ڪندڙ سندس دوست عادل دراني شادي جي ڳالهه تان ئي ڦري ويو آهي. ميڊيا مطابق عادل دراني ميڊيا کي ٻڌايو تھ راکي ساونت ۽ منهنجي ڪابھ شادي نھ ٿي آهي. ياد رهي تھ عادل دراني جون راکي ساونت سان شادي واريون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.

ڀارتي ادڪارا راکي ساونت ۽ عادل دراني ۾ نڪاح جو سرٽفيڪيٽ

هوڏانهن راکي ساونت سندس دوست عادل دراني پاران ساڻس شادي ڪرڻ کان انڪار تي ردعمل ۾ ڏکوئيندڙ انداز ۾ چيو آهي تھ مولانا اسان جو نڪاح پڙهايو، عادل پاڻ رضا خوشي سان شادي ڪئي، ان جا سمورا ثبوت مون ڏنا آهن، خبر ناهي تھ هاڻ عادل ڇو پيو انڪار ڪري، اسين هڪٻئي سان پيار ڪيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button