ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اٽي جي کوٽ ۽ حڪومتي دعوائون

Editorial

هن وقت معيشت جي تباهه حاليءَ کان وڌيڪ اهم مسئلو شهرين کي اٽو مهانگو ملڻ يا بنهه نه ملڻ آهي. عوام پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ اٽو نه ملڻ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ ان جي گهر آهي ته اٽي جا اگهه گهٽايا وڃن. سمورين حڪومتي دعوائن باوجود عوام کي اٽو 150 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ جڏهن عوام کي اٽي جهڙُو اسم به ايترو مهانگو ملندو هجي ته اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت عوام پريشانيءَ کي منهن ڏيندو هوندو ۽ اهو اٽي لاءِ روڊن تي دربدر ٿي رهيو آهي. عوام ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيهي اٽي جو 10 ڪلو وٺڻ لاءِ خوار ٿي رهيو آهي. جڏهن ته اٽو هڪ اهڙُو اسم آهي جيڪو ڪنهن به ريت مهانگو نه ٿيڻ گهرجي. زرعي ملڪ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ جو تصور ڪونه هوندو آهي پر پاڪستان ۾ حڪومت اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اٽو مهانگو ٿي سگهي ٿو ۽ اهو عوام جي پهچ کان به پري ٿي سگهي ٿو. ڪالهه جيڪي خبرون ميڊيا ۾ هلي رهيون هيون، انهن موجب اٽو سنڌ ۾ 95 رپيا ڪلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪٿي به اٽو ان اگهه تي عوام کي ڪونه ملي سگهيو آهي. سنڌ جا وزير ته اٽي جو اگهه 65 رپيا ڪلو ٻڌائي رهيا آهن.
صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ، خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ آل پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان گڏ سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوري پاڪستان ۾ اٽي جو بحران آهي، اٽي جون قيمتون مٿي ويون آهن پر سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي، جتي 65 روپيا في ڪلو اٽو عوام کي فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ روزانو 460 ٽرڪ مختص ڪيا ويا آهن. جڏهن ته پوري صوبي ۾ گڏيل طور تي روزانو 6 لک، 10 ڪلو جا ٿيلها فراهم ڪيا پيا وڃن. جنهن تي حڪومت اربين روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته عوام لاءِ عوامي حڪومت ئي اهڙا فيصلا ڪري سگهي ٿي، صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري اسٽالن سميت اوپن مارڪيٽ ۾ پڻ اٽي جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ آندو وڃي، ان سلسلي ۾ فلور ملز جي ڪڻڪ ڪوٽا کي وڌايو ويو آهي. انشاءَ الله هڪ ٻن ڏينهن ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمت 150 کان گهٽ ٿي ڪري 95 روپيا في ڪلو تي اچي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪڻڪ جو وافر ذخيرو موجود آهي، وزير اعليٰ سنڌ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي سخت ڪارروائيءَ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ذخيرو ڪندڙن جي ڪڻڪ ضبط ڪري حڪومت جي تحويل ۾ آندي ويندي. عوام سنڌ حڪومت جي ڳالهين سان ٻڌل ناهي پر اصل ڳالهه عمل جي آهي. سنڌ ۾ ڪٿي به اٽو 150 کان گهٽ ڪونه پيو ملي. ڊي سي حيدرآباد ته اٽي جو اگهه 75 رپيا ٻڌايو آهي جڏهن ته اٽي چڪي وارا 80 رپيا ڪلو ٻڌائي رهيا آهن. هاڻ عوام ڪنهن تي اعتبار ڪري ۽ ڇا انهن اگهن تي اٽو عوام کي ملي رهيو آهي. جيڪڏهن هي حڪومت عوام کي اٽو به سستو فراهم نٿي ڪري سگهي ته پوءِ عوام جي ٻين بنيادي مسئلن کي ڪهڙي ريت حل ڪندي ۽ ڪهڙي ريت انهن جي ضرورتن کي پورو ڪندي.
اسين سمجهون ٿا ته صورتحال عوام لاءِ ڪا چڱي ڪونهي ۽ عوام ڏينهون ڏينهن اٽي لاءِ پريشان لڳو پيو آهي. تنهنڪري حڪومت ڪي به دعوائون ڪرڻ بدران عملي اپاءَ وٺي ڏيکاري ته جيئن عوام کي سستي اگهه تي اٽو ملي سگهي. رڳو اعلان ڪرڻ سان عوام کي اٽو نٿو ملي سگهي پر ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽو هر دڪان تي سستي اگهه تي ملندو يا حڪومت جيڪو اگهه مقرر ڪيو آهي ته ان تي ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button