اسان جي ادارن تي اھو الزام آھي تھ انھن وٽ تخليقي ڪم ڪار ناھن ڪرايا ويندا يا اتي موجود پڙھندڙ شاگرد رڳو ڊگرين جي پٺيان ھوندا آھن تھ جيئن پڙھي رڳو نوڪريون ڪن ۽ پئسا ڪمائين. جيتوڻيڪ اھو ڪم انتھائي اھم آھي جو اياز چواڻي “ڍءُ بنا ڍولا ناهي ساڃھه سونھن جي” جنھن سان ماڻھو سماج ۾ فيصلاتي قوت حاصل ڪندو آھي. پر ان سان گڏوگڏ تخليقي ذھن بھ موجود ھوندا آھن پر ڇاڪاڻ تھ سماج جو سرشتو اھا گھر ڪندو آھي تھ ٻار پڙھي ڇا کڻي آيو آھي؟ ڪھڙي نوڪري ورتي آھي ۽ والدين جي خوشي بھ ان ۾ ھوندي آھي تھ ٻار ڪجھه کڻي اچي. ان چڪر ۾ اسان جا ٻار شعوري طور لاشعور ۾ ويٺل ڪلا يا ڪلاڪار کي دٻائي ويھي رھندا آھن، جنھن جو مثال عامر خان جي فلم “ٿري ايڊيٽس” ۾ بھترين نموني ڏيکاريو ويو آھي. جيڪڏھن اسان جو سماج يا رياستي سرشتو ڪجھه سکڻ چاھي تھ ان فلم جي پيغام مان سکي سگھي ٿو. ٻئي پاسي اسان کي پنھنجي سماج کي بھ ٿورو کُلڻ کپي تھ جيئن رڳو مارڪن، گريڊن يا ڊگرين کي اوليت نھ ڏيڻ کپي پر سڀني شعبن کي پنھنجائڻ کپي.
سنڌ ۾ موجود اديب، شاعرن، ڪلاڪارن يا لکارين مان ڪافي سٺو انگ سنڌ جي ورسٽين مان نڪتل آھن، جن بعد ۾ وڃي پنھنجي فن جو اظھار ڪيو ۽ اڳتي وڌيا. اسان وٽ اھڙا ادارا نھ آھن جيڪي فن کي پروفيشنل سطح تي هٿي ڏين ۽ اڳتي وڌائين جيئن انڊيا جي مختلف پروگرامن يا دنيا جي مختلف فورمن تي ڪيو ويندو آھي. تخليقي طرح سنڌ ورسٽيءَ جا شاگرد ڪافي اڳتي آھن، جيڪي ڪڏھن ظاھري تھ ڪڏھن اڻ سڌي ريت فن ۽ ادب ۾ حصو ملائيندا رھندا آھن. ايئن تازو ئي انگريزي ڊپارٽمنٽ جي ڪجھه شاگردياڻين پاران ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملھايو آھي. انھن ۾ تحريم جتوئي جيڪا آخري سال جي شاگردياڻي آھي، ان جو ناول The Pink Coup ڇپيو آھي، جيڪو انتھائي اھم ڊسٽوپين ناول آھي، انھيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو. ان سان گڏ اريبا علي جو انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب Conflicting Emotions ڇپيو آھي، جنھن جو ڪتاب اميزون (Amazon) تي موجود آھي ۽ عالمي سطح تي وڪرو ٿي رھيو آھي. ايئن اريبا علي، جيڪا ٻئين سال جي انگريزي شعبي جي شاگردياڻي آھي، جو ڪجھه گڏيل شاعريءَ جو مواد بھ اميزون تي موجود آھي، جيڪا شاعري سڄي دنيا پڙھجي رھي آھي. انھن شاگردن جي تخليقي محنتن کي ڏسي لڳي رھيو آھي تھ اسان وٽ صلاحيتون موجود آھن، تخليقي ذھن بھ آھن پر انھن جي گرومنگ جو خاص ماحول نھ ھجڻ ڪري اھي صرف گريڊن ۽ ڊگرين ۾ ڦاٿل آھن. سماج بھ انھن مان اھا ئي اميد رکي ٿو، جنھن تي پورو لھڻ يا روايتي زندگي گذارڻ جي سرشتي ۾ اھي شاگرد اڳتي ھلي پروفيشنل زندگيءَ ۾ تخليقي ڪمن کان ڪٽجي ويندا آھن. ان کان اڳ تحريم جتوئي جي ڀيڻ جيڪا ھتان ئي گريجوئيٽ ڪري وئي آھي، ان جو ڪتاب Midnight Musings بھ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ھو پر اسان وٽ خاص ريڊرشپ نھ ھجڻ ڪري اھي صلاحيتون اتي ئي دٻيل رھيون آھن. اسان سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف اسٽيگس طرفان انھن ڪتابن جون مھورتي تقريبون بھ ڪيون آھن، جنھن سان نھ صرف انھن شاگردياڻين جي صلاحيتن کي حوصلو ڏنو پر کين مڃتا بھ ڏني وئي. انھي سلسلي کي وڏي سطح تائين آڻڻ جي تمام گھڻي ضرورت آھي.
گلابي بغاوت ھڪ ناول يا ناوليٽ آھي، جيڪو 96 صفحن تي مشتمل آھي، جنھن ۾ ڪوبھ مھاڳ يا تعريفي سٽون نھ آھي، صرف بئڪ ٽائيٽل تي تحريم جتوئيءَ جو تعارف ڏنل آھي. باقي پھرين صفحي کان ئي ناول شروع ٿي وڃي ٿو. ناول اوراق پبلشر Auraq Publisher پاران 2022ع ۾ ڇاپيو ويو آھي. جيڪو انھن جي ويب سائيٽ تي بھ موجود آھي ۽ ISBN نمبر آھي. ناول سٺي نموني سان ڇپيل آھي ۽ ناول جي ٻولي بھ سھڻي ۽ سمجھه ۾ ايندڙ آھي تھ پروف جون غلطيون بھ نھ ھجڻ برابر آھن، جنھن جو معيار بين الاقوامي سطح جو لڳي ٿو ڇو تھ اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن ۾ گھڻي ڀاڱي ڇپائي يا پروف جون ڪمزوريون ايتريون ھونديون آھن جو پبلشرن تي افسوس ٿيڻ لڳندو آھي. ڄڻ تھ سندن ڪڍ ريل ھجي ۽ تڙ تڪڙ ۾ ناول ڇپائي ليکڪ جي ھٿ ۾ ڏنو ويندو آھي.
ناول يا ناوليٽ ۾ ٻھ ڀاڱا آھن. پھرين ڀاڱي ۾ جھڙوڪ ڪھاڻيءَ جو پسمنظر آھي. ڪھاڻي بھ ٽين دنيا جي ملڪن جي صورتحال سان ملندڙ جلندڙ آھي. جھڙوڪ انساني آزاديءَ جي کوٽ، قلم ڌڻين تي ڪات ڪھاڙا، عورتن کي غلام ڪري رکڻ واري روش، فوجي ڪاهه يا حڪومتون ڪيرائڻ، ادب ۽ فن خلاف محاذ کڙا ڪرڻ جھڙا موضوع آھن. ڪھاڻي ٻن اھم ڪردارن جي چوگرد ڦري ٿي. جيتوڻيڪ ناوليٽ جي ڪھاڻي عورتازاد اثر جو اظھار آھي پر ان ۾ سياسي، عسڪري، علمي، ادبي، ثقافتي، صحافتي مسئلا ايئن ھڪٻئي سان جوڙي ڏيکاريا ويا آھن. جھڙوڪ اھي غير محسوسات ذريعي ڪھاڻي ۽ زندگيءَ جو حصو ھجن.
پھرين ڀاڱي ۾ ڊوري Dory جو ڪردار ڏيکاريل آھي جنھن جو پورو نالو Pandora ھوندو آھي پر گھر وارا ان کي مختصر ڪري ڊوري سڏيندا آھن، جيڪا لائبريرين ھوندي آھي ۽ سندن چاھيندڙ ڪاسپر Casper ھڪ صحافي ھوندو آھي. انھن جي شادي ٿي ويندي آھي پر ٻيئي ڄڻا عتاب ھيٺ ھوندا آھن. ھوڏانھن رياست ۾ ٽو بيز 2Bs اڻ سڌي ريت قابض ھوندا، جيڪي فوجي ھوندا آھن. پھرين ئي ڀاڱي ۾ اھي ٻھ بيز يعني
“These 2Bs, are also known as Barmy and Brats, Dory. It’s happening! Something we were always scared of. 2Bs have finally taken the wing!”
“WHO ARE THESE 2Bs, Casper? Aren’t they usual Army protecting the country for defence purpose? Dory questioned. “I wish they could have stuck to the borders, but it isn’t like that. Army has been raising these brats of the strongest generals and fighters to produce another strong and youngest wing of Army-2Bs.”
ڊوري ۽ ڪاسپر جو اھو ڊائيلاگ ناوليٽ جي سموري ڪھاڻيءَ جو آئينو آھي ۽ اھو ئي پلاٽ آھي تھ اھا آرمي بارڊر تي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ بدران پنھنجن ماڻھن کي يرغمال بنائڻ وارا حربا استعمال ڪندي آھي. اسان وٽ جيڪي ملٽري ڪو يا بغاوتون ٿيون آھن. انھن ۾ اھي جرنيل ٽي ويءَ تي اچي اھو ئي چوندا آھن جيڪو ھن ناول جي شروع ۾ آھي جھڙوڪ “CORRUPT GOVERNMENT OF VANITISIA HAS BEEN DISSOLVED, ARMY HAS TAKEN OVER CONTROL OF THE STATE SUCCESSFULLY”
اھو نئريٽو اسان لاءِ نئون ڪونھي. اسان سڀ ان ماجرا جا اکين ڏٺا شاھد آھيون. ايئن ٽو بي جي حڪومت ڊوري کي کڻي وڃي قيد ڪري ٿي تھ جيئن ڊوري شاديءَ کانپوءِ ٻار نھ ڄڻي سگھي. ڊوري جي لائبريريءَ ۾ ماڻھو غلط مواد نھ پڙھي سگھن. ساڳي ريت ڪاسپر جيڪو انتھائي سڄاڻ صحافي آھي، ان کي قيد ڪيو وڃي ٿو. ڇوتھ ڪاسپر سياسي جلاوطن ٿيل اڳواڻ Agnis جو سپورٽر ھوندو آھي، جيڪا جلاوطنيءَ ۾ ملڪ جي سياسي آزاديءَ لاءِ وڙھي رھي ھوندي آھي، جنھن جو وينٽيسيا رياست جي باري ۾ لکيل ڪتاب گھڻو مشھور ٿي ويندو آھي. پر اڳتي ھلي اگنس بھ ٽو بي جي ماڻھن ھٿان ٻئي ملڪ ۾ مارجي ويندي آھي. انھي سموري صورتحال ۾ عورتون اڳيان اينديون آھن ۽ اھي گلابي تحريڪ جي نالي سان ويڙهه شروع ڪري ايبارشن ڪيمپن ۾ پنھنجون عورتون موڪليندا آھن ۽ ٻاھرين ملڪن کان مختلف بھانن سان وينٽيسيا ۾ اندر وڃي عورتن جي ھلچل يا آزاديءَ لاءِ ڪم ڪنديون آھن. جيڪي اڳتي ھلي انھن فوجن سان وڙھي ڪامياب ٿي وينديون ۽ رياست کي فوجين کان آزادي ڏيارينديون آھن. ڊوري تمام گھڻين تڪليفن، عذاب خانن ۽ اذيتن مان گذري نيٺ ٻاھر نڪري ايندي آھي ۽ عورتن جي فوج سان ملي نھ صرف پنھنجي مڙس ڪاسپر کي قيد خاني مان آزادي ڏياريندي آھي پر سمورن قيدين کي آزاد ڪرائيندي آھي.
ناوليٽ ۾ تمام گھڻا سٺا ڪردار آھن، جيڪي فني طرح بھترين نموني ڪھاڻيءَ جو حصو آھن. ناوليٽ کي رياست يا طاقت بدترين شڪل طور ڊسٽوپين ناول بھ چئي سگھجي ٿو تھ ساڳي ريت عورتن جي حوالي سان يوٽوپين ناوليٽ بھ سڏي سگھجي ٿو. اھڙي رياست جنهن ۾ تصوراتي طرح انساني آزادي، جنسي برابري، علم ۽ ادب جي اظھار، اظھار جي آزادي ۽ سياسي خودمختياري جھڙا اشوز بھترين نموني سان اڻيل آھن. ناوليٽ پڙھندي ايئن ڪونھ لڳندو تھ تحريم جتوئيءَ جو ھي پھريون ناول آھي. ايئن لڳي ٿو ڄڻ ناول جي سٺي ڄاڻو ليکڪھ طرفان ھي ناول لکيل آھي. بس رڳو ناول ۾ ٿوري تڪڙ ٿيل محسوس ٿيندي آھي، ڪھاڻيءَ ۾ اڃا بھ گنجائش آھي تھ ٿورو صبر ۽ تحمل سان ڪھاڻي سٺي نموني اظھاجي پئي سگھي. ناول جي پلاٽ ۾ جيتوڻيڪ منطقي يا حقيقي طرح ڪجھه خاميون آھن پر تصوراتي ڪھاڻي يا ڊسٽوپين اظھار ۾ اھو تصور تخليق ڪري سگھجي ٿو. تحريم جتوئيءَ جو ناوليٽ جيڪڏھن سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿئي تھ سنڌي پڙھندڙن کي ھڪ نئين انداز جي ناول جو تجربو ٿيندو.