سڃاتو وڃڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ شامل آهي. ڇاڪاڻ ته انسان پيدائشي طور سماجي جانور آهي، ان ڪري اهو گمناميءَ ۾ رهي نه ٿو سگهي. پر سڃاڻپ جي خواهش جڏهن جنون بڻجي وڃي، جڏهن اها انسان جي ڪمزوري بڻجي وڃي تڏهن نفسياتي بيماري بڻجي اسان جي سموري شخصيت ۽ ڪردار کي داغدار بڻائي ڇڏيندي آهي. انسان پنهنجي انساني رتبي ۽ حيثيت کان هيٺ ڪِري پوندو آهي. بالي ووڊ جي مشهور اداڪار شاهه رخ خان هڪڙي ڀيري چيو هو ته هُو آخري سپر اسٽار آهي. ظاهر آهي سندس چوڻ جو مقصد اهو ڪونه هو ته هُو پنهنجي دور جو سڀ کان وڏو سپر اسٽار آهي. پر سندس مقصد اهو هو ته هاڻي اهو زمانو اچي ويو آهي جنهن ۾ سپر اسٽار رڳو فلمي دنيا ۾ ئي نه ملندا يا ڳوليا وڃڻ گھرجن. ان جي ابتڙ سوشل ميڊيا دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هر ڪوئي سپر اسٽار لڳو پيو آهي. سوشل ميڊيا تي ماڻهوءَ جي فين فالوئنگ منجهان پتو پوي ٿو ته اهو ڪيترو مقبول آهي. يا ائين چوڻ گھرجي ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي مقبوليت جو اندازو ان جي حقيقي زندگيءَ بدران سوشل ميڊيا تي سندس مقبوليت منجهان لڳايو وڃي ٿو. سوشل ميڊيا تي لکن جي تعداد ۾ چاهيندڙ ۽ پيروڪار رکڻ واري ويچاري قنديل بلوچ جڏهن بي درديءَ سان قتل ڪئي وئي، تڏهن سندس جنازو دفنائڻ لاءِ ٻه ٽي درجن سوڳوار به موجود نه هئا. ماڻهن پنهنجو نالو ساڻس ڳنڍڻ کي پنهنجي لاءِ شرمناڪ پئي سمجهيو. پر سوشل ميڊيا تي شُهرت جي خفت ۾ ورتل ماڻهن لاءِ اهڙا واقعا دليل ثابت نه ٿيندا آهن. انهن کي اهڙن واقعن سان قائل نه ٿو ڪري سگهجي. انهن لاءِ ڪائنات جي هر نعمت ۽ اعزاز کان وڌيڪ نعمت ۽ اعزاز سوشل ميڊيا تي ملندڙ لائيڪ ۽ ڪمينٽس هوندا آهن. پيءُ ۽ پٽ پاڻ ۾ ڀيٽ پيا ڪندا آهن ته سوشل ميڊيا تي ٻنهي منجهان ڪير وڌيڪ مقبول آهي. ڀائرن ۽ دوستن جو به اهڙو ئي مقابلو جاري رهندو آهي. سوشل ميڊيا تي ڪيترائي پيادا پاڻ کي وزير سمجهي پيا هلندا آهن. اسان کي اهو چوڻ جي اجازت ڪانهي ته ڪيترائي گڏهه پنهنجو پاڻ کي گهوڙي جي صورت ۾ ڏسندا آهن. هر مرد پنهنجي گهر جو بادشاهه هوندو آهي. اهڙي ريت سوشل ميڊيا تي موجود شُهرت جي خفت ۾ ورتل ماڻهو به پنهنجو پاڻ کي بادشاهه سمجهندا آهن. ملڪ گيريءَ جي هوس جيان ئي سوشل ميڊيا جي بادشاهن کي به گھڻي کان گھڻا لائيڪ ۽ ڪمينٽس ضرور گھربل هوندا آهن پر جيستائين اهي حاصل ٿين، جيڪي موجود هوندو آهي، ان تي ئي گذارو ڪري پيا هلندا آهن. پنهنجي معاشي حالت ۽ سماجي رتبي کي نظر ۾ آڻڻ بنا هر ڪوئي خانِ خانان لڳو پيو هوندو آهي.
ماڻهن پاران سوشل ميڊيا جو استعمال ۽ خاص ڪري ان نيت سان استعمال ته جيئن سندن سرگرمين بابت دنيا کي پتو پئجي سگهي، جيئن سندن واه واه ٿي سگهي. جيئن ساڻن همدرديءَ جو اظهار ڪيو وڃي وغيره وغيره. جيسيتائين هڪ حد ۾ آهي، جيستائين ضابطي ۾ آهي، تيستائين ته ٺيڪ آهي. پر جيڪي ماڻهو هر وقت رڳو سوشل ميڊيا سان ئي چنبڙيل رهندا آهن. جيڪي سوشل ميڊيا کان سواءِ ڪجهه نه هوندا آهن. اهي ماڻهو ذهني مريض بڻجي ويندا آهن. اهي شُهرت جي بُک يا خفت جي نفسياتي بيماريءَ جو شڪار بڻجي ويندا آهن. خاص ڪري سرڪاري ملازمن ۽ ڪارندن توڙي اختيار ڌڻين ۽ سياست ڪارن کي اهڙي بيماريءَ ۾ وٺجي وڃڻ کان پوءِ وڏي پيماني تي ڏيکاءُ ڪندي ڏٺو ويو آهي. اهو چسڪو ايترو وڌي ويو آهي جو سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسى به ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن ڪو سرڪاري عملدار پنهنجي عهدي، رتبي يا گاڏي وغيره جو استعمال ڪندي پنهنجو پاڻ کي سوشل ميڊيا تي پڏائي ٿو ته اهو قانوني ۽ اخلاقي لحاظ کان غلط ۽ ڪرپٽ عمل آهي. يعني جيڪڏهن ڪو ماڻهو پوليس آفيسر آهي ۽ پوليس موبائيل يا جيپ وغيره تي سوار ٿي وڊيو رڪارڊ ڪرائي ٿو، فوٽو ڪڍرائي سوشل ميڊيا تي رکي ٿو يا وري ٽڪ ٽاڪ ٺاهي ٿو ته اهو غلط عمل آهي. اهڙي مشهوري ڪندڙ ماڻهو پنهنجي اختيارن جو ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي.
هڪڙو استاد جيڪو ذميوار آهي ته ڪلاس روم ۾ ٻارن کي پڙهائي اهو جيڪڏهن ڪلاس روم ۾ پڙهائيءَ دوران پنهنجو فوٽو ڪڍرائي سوشل ميڊيا تي رکي ٿو ته سوال پيدا ٿيندو ڇو؟ فرض جي ادائگيءَ دوران نڪتل تصويرون ڪنهن سرڪاري عملدار جي شهرت جو سبب ڇو بڻجن؟ استاد يا پوليس وارو فلم اسٽار ته ڪونهي جنهن کي ان ريت پذيرائي ملڻ گھرجي. پنهنجي ڊيوٽي انجام ڏيندي اوهان ڪنهن تي ٿورو نه ڪري رهيا هوندا آهيو. اوهان هڪ اهڙو ڪم ڪري رهيا هوندا آهيو جنهن جو معاوضو به وٺو ٿا. ان صورت ۾ اوهان ڪنهن تي ٿورو نه پيا ڪريو، جڏهن ٿورو نه پيا ڪريو ته ان ڪم عيوض اوهان کي واه واه جي ضرورت ڇو ٿي پيش اچي؟ جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه جائز ۽ سٺو عمل آهي ته پوءِ سرحد تي بيٺل فوجيءَ کي به پنهنجو فوٽو ڪڍرائي سوشل ميڊيا تي رکڻ گھرجي: سرحدن جي حفاظت ڪندي. ان صورت ۾ عدالتي ڪمري ۾ ويٺل جج صاحب کي به روزانو پنهنجي سيلفي سوشل ميڊيا تي رکڻ گھرجي. ان عنوان سان ته فلاڻي يا فلاڻي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي، فلاڻي يا فلاڻي ڪيس متعلق وڪيلن جا دليل ٻڌندي وغيره وغيره.
عوام جي پيسن منجهان نوجوانن کي جيڪي ليپ ٽاپ ڏنا ويا اهي وزيرِ اعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جي نالي سان مشهور ٿيا ۽ انهن تي شريف ڀائرن ۽ سندن پارٽيءَ جي مشهوري ٿيل هئي. اهڙي ريت انصاف صحت ڪارڊ وارو معاملو به پاڪستان تحريڪِ انصاف جي مشهوريءَ لاءِ ٺهيل ڪارڊ هو، جيڪو عوام جو کيسو خالي ڪري ٺاهيو ويو. اهڙي قسم جي سياسي ۽ سرڪاري شهرت واري مهم کي روڪڻ عدالت ۽ قانون جو ذمو آهي پر جيئن ته ادارا آزاد ڪونهن، ان ڪري هن ملڪ ۾ اهو سڀ ڪجهه هلي ٿو. آئيني طور تي هڪ سرڪاري ملازم کي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو ميمبر ٿيڻ جي اجازت ڪانهي. پر جيڪڏهن توهان سرڪاري نوڪريءَ سان گڏوگڏ سياست جو شوق به پورو ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ حڪمران سياسي پارٽيءَ جو جهنڊو کڻي نڪري پئو. توهان جو نالو ڪوئي نه وٺندو. سرڪاري نوڪري به هوندي، رعايتون به ملنديون ۽ سياست به ڪندا رهندا. سنڌ ۾ اوهان جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي سرڪاري نوڪري ۽ سياست کي گڏ هلائي سگهو ٿا. اوهان سرڪاري نوڪري به ڪندا رهو، پيپلز پارٽيءَ جي شهيد اڳواڻن جون سالگراهون ۽ ورسيون به ملهائيندا رهو. پارٽيءَ جو يومِ تاسيس ملهائيندا رهو ۽ ٻيو جيڪي ڪجهه ضروري آهي ڪندا رهو، توهان جي سرڪاري نوڪريءَ تي نه رڳو ڏکيا ڏينهن نه ايندا بلڪه ان خدمت جي صلي ۾ ترقيون ماڻيندا رهندئو.
اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ڪيترائي سرڪاري آفيسر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن کي ذاتي شهرت لاءِ استعمال ڪن ٿا. انهن وٽ ماهر فوٽوگرافر رکيل آهن يا انهن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون آهن. جڏهن به اي سي صاحب آفيس کان نڪرندو، کاڌي پيتي ۽ روزاني استعمال جي شين جا اگهه ۽ معيار جانچڻ لاءِ منڊيءَ جو رخ ڪندو يا وري حد دخليون ڏسڻ يا هٽائڻ لاءِ روڊن رستن ۽ گهٽين جو معائنو ڪرڻ لاءِ نڪرندو تڏهن اهو ماهر فوٽو گرافر صاحب وڏي جا لاتعداد فوٽو ڪڍندو رهندو. جن منجهان بعد ۾ سٺن فوٽوئن جي چونڊ ڪري انهن کي سوشل ميڊيا تي رکيو ويندو آهي. حقيقت اها آهي ته اها سندس ڊيوٽي آهي. ڪنهن به سطح جي آفيسر جو ڪم سندس فرض ۾ شامل آهي. ان ڪري اهو ادا ڪرڻ جي عيوض پگهار ۽ رعايتون وٺڻ کان سواءِ واه واه ۽ سوشل ميڊيا تي داد وٺڻ غلط آهي. خاص ڪري جڏهن سماج دشمن عنصرن کي اهو اندازو ٿي وڃي ته لاٽ صاحب شهرت جو بکيو آهي ته پوءِ اهي سندس ان ڪمزوريءَ جو فائدو وٺڻ چاهيندا آهن. اهي صاحب بهادر لاءِ اهڙيون تقريبون منعقد ڪندا آهن، جن ذريعي سندس شُهرت وارو خفت پورو ٿي سگهي. نتيجي ۾ اهي پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا يا ڪم ڪاريون وٺڻ ۾ به ڪامياب رهندا آهن. ان ڪري خاص ڪري آفيسرن کي اهو سيکارڻ ضروري آهي ته توهان جي حيثيت ۽ رتبو اوهان جي فرض ۽ اداري جي ساک جي پورائي ۽ بهتريءَ لاءِ هئڻ گھرجي. اوهان جي ذاتي پذيرائي ۽ شهرت لاءِ نه. هڪڙو آفيسر جيڪڏهن ڪنهن وليمي جي دعوت ۾ شامل آهي ته اهو پنهنجي ان سرڪاري حيثيت ۾ نه پر ذاتي حيثيت ۾ هئڻ گھرجي. اهڙي ريت جيڪڏهن ڪو استاد ڪلاس روم ۾ پڙهائي رهيو آهي ته اها سندس ڊيوٽي آهي ان جي سيلفي سوشل ميڊيا تي آڻڻ جهڙين حرڪتن جي نندا ٿيڻ گھرجي.
مارگريٽ ٿيچر هڪڙي ڀيري چيو هو: بااختيار هئڻ عورت هئڻ جيان آهي. يعني اوهان عورت آهيو ته آهيو. جيڪڏهن اوهان کي اهو ٻڌائڻو پئجي وڃي ته اوهان عورت آهيو ته پوءِ سمجهو اوهان عورت نه آهيو. اهڙي ريت جيڪڏهن اوهان طاقتور آهيو، بااختيار آهيو ته آهيو. جيڪڏهن اوهان کي اها ڳالهه ماڻهن کي ٻڌائڻي به پوي ٿي ته پوءِ سمجهبو اوهان طاقتور نه آهيو. اوهان بااختيار آهيو ڪونه، بااختيار هئڻ جو بس ڏيکاءُ پيا ڪريو.