ڇا هاڻوڪي حڪومت کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته ملڪ ۾ تباهه حال معيشت سان لاڳاپيل جيڪي معاملا آهن، اهي ڪهڙي ريت بگاڙ جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ معيشت کي نه سنڀالڻ جي ڪري ٻيا معاملا به نڪري نروار ٿي رهيا آهن. جن کي منهن ڏيڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه ڪونه هوندي. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي ٻڏندڙ معيشت آهي ۽ ٻئي پاسي بيروزگاري ۽ وڌندڙ مهانگائي آهي، انهن سمورن معاملن ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. معيشت جي تباهه حاليءَ کان پوءِ جيڪي معاملا سامهون اچي رهيا آهن، انهن تي ساڃاهه وند ڌريون پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن رڳو معاملو معيشت جي تباهه حاليءَ جو هجي ته ان کي منهن ڏئي سگهجي ٿو پر هاڻي ته ان تي انساني حقن جي ڪميشن به ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ ان ڳالهه جا امڪان وڌي ويا آهن ته عوام لاءِ مسئلا وڌي رهيا آهن، پر انهن ۾ ڪنهن به ريت گهٽتائي ڪونه پئي اچي. پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجي سڄي حڪومت دور ۾ عوامي مسئلن کي پٺي ڏيندي رهي. عمران خان وزير اعظم هوندي به عوام سان لاڳاپيل مسئلن کان لاتعلق رهيو. هاڻ هو اهو قبول ڪري رهيو آهي ته هو هڪ بيوس وزير اعظم هو. جڏهن ته وزير اعظم جي عهدي تي رهندي هن ڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪونه ڪئي. نتيجي ۾ ڪئين معاملا خراب ٿي ويا ۽ عوام مهانگائي ڀوڳيندو رهيو. ان کان سواءِ عوام جي مسئلن جو حل اڳوڻي حڪومت نه ڳولي سگهي ۽ هاڻوڪي حڪومت به ائين ڪري رهي آهي.
پاڪستان بابت انساني حقن جي ڪميشن (ايڇ آر سي پي) ملڪ ۾ غذائي بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايڇ آر سي پي موجب سستي اٽي لاءِ ڇڪتاڻ جا واقعا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن لاءِ واضح تنبيهه آهن. ميرپورخاص ۾ هڪ مزدور فوت ۽ نواب شاهه ۾ ڪيتريون ئي عورتون زخمي ٿيون. ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته وڌندڙ مهانگائي، خوراڪ جي کوٽ ملڪ کي انساني حقن جي بحران ڏانهن ڌڪي رهي آهي، ورهاست جو ناقص طريقو، وڏي پئماني تي برطرفيون ملڪ کي بحران ڏانهن ڌڪي رهيون آهن. انساني حقن جي ڪميشن موجب مزدور هرسنگهه ڪولهي جي موت جي انڪوائري ڪاغذي ڪارروائيءَ کان وڌيڪ ڪجهه ناهي، 6 ٻارن جو پيءُ غذائي عدم تحفظ جو پهريون شڪار ناهي. ڪميشن جو چوڻ آهي ته رياست سڄي ملڪ ۾ سستي اگهه تي خوراڪ جي منصفاڻي ورهاست کي ترجيح نه ڏني ته اهڙا واقعا ٿيندا رهندا.
ڪجهه ڏينهن اڳ ميرپورخاص ۾ ٿيل واقعو ڪنهن به ريت وساري نٿو سگهجي. هي پنهنجي نوعيت جو هڪ اهڙُو واقعو هو، جنهن مان خبر پئي ته ملڪ جو عوام رڳو اٽي لپ لاءِ پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهڻ لاءِ تيار آهي. هي موت جو هڪ واقعو آهي پر اٽي جي قطارن ۾ لڳي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي واري جو انتظار ڪندڙ به عذاب ڀوڳي رهيا آهن. هي به انساني حقن جي لتاڙ ئي چئجي جو ماڻهو اٽي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ لڳل هوندا آهن ۽ تنهن هوندي به انهن کي اٽو ڪونه ملي سگهندو آهي. ڇا هي انهن ماڻهن سان زيادتي ناهي، جيڪي هيتري عرصي کان هڪ ته مهانگو اٽو خريد ڪري رهيا آهن ۽ ٻيو قطارن ۾ بيهي پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. جهڙي ريت مهانگائي وڌي پئي جهڙي ريت عوام لاءِ پريشاني وڌي رهي آهي. ان کان پوءِ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿيڻ جا واقعا ٿيڻ ممڪن ته ڇا لازمي آهن. خوراڪ جي کوٽ کي حڪومت ڪيئن منهن ڏيڻ چاهي ٿي، ان حوالي سان حڪومت وٽ ڪو لائحه عمل ڪونهي. ڪا رٿا بندي ڪونهي. جنهن ڪري ماڻهو ڏينهون ڏينهن پريشان ٿي رهيا آهن. ڇا حڪومت کي اهو اندازو آهي ته هاڻوڪو پيدا ٿيل بحران ملڪ کي ڪٿي وٺي ويندو ۽ عوام کي ڪيڏانهن پيو وٺي وڃي.
هن وقت تائين جيڪي ٿورا گهڻا واقعا ٿيا آهن. انهن تي عوامي ردعمل ڪو گهڻو ڪونه آيو آهي پر جيڪڏهن اٽو ماڻهن جي پهچ کان پري ٿيندو وڃي، مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪندي هجي ۽ خوراڪ جي کوٽ ختم نه ٿئي ته عوام جو صبر نيٺ ته ختم ٿيندو. ان کان پوءِ ڇا ٿيندو. ڇا حڪومت ان لاءِ تيار آهي.
اسين سمجهون ٿا ته انساني حقن جي ڪميشن (ايڇ آر سي پي) جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آهي، اها اهم آهي. ان رپورٽ جي روشنيءَ ۾ حڪومت ۽ انتطاميه کي ڪا اهڙي رٿا بندي ڪرڻ گهرجي. جنهن وسيلي عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي. ان جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ عملي اپاءَ ورتا وڃن جيئن اڳيان هلي ڪا اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي.