ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪجهھ يادگيريون

مون کي ياد آھي ته سال 1981ع ڌاري پي آءِ اي جي ھڪ ھوائي جھاز (اي بي 300) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي لکيل انگريزي نالي ۾’آر’ بدران’آءِ’ لکجي ويو هو، جنھن جو ڪنھن نوٽيس ڪونه ورتو. ھڪ ڀيري انھيءَ جھاز جي اڏامڻ کان اڳ، انھيءَ ھوائي جھاز اڳيان فوٽو ڪڍيو ويو جيڪو پي آءِ اي، اردو اخبارن وغيره جي ميڊيا کي ڇپائڻ لاءِ موڪليو. اھو پي آءِ اي جي ‘اردو ھائوس جنرل فلڪ پرواز’ ميڊيا ۾ به ڇپيو جنھن جون ڪاپيون وڏي انگ ۾ ٻاھر موڪليون وينديون ھيون. پي آءِ اي وارن اھڙي ڪاپي دستور موجب ڪراچي پريس ڪلب کي موڪلي ڏنيون. روزاني “ھلال پاڪستان” ڪراچي اھا خبر ڪراچي پريس ڪلب کان ھٿ ڪري ڇاپي. مان تن ڏينھن ۾ پي آءِ اي پبلڪ رليشنس ۾ آفيسر ھئس. جيئن ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وزيراعظم طور سرڪار، ختم ڪئي وئي ۽ جنرل ضياءُالحق 90 ڏينھن اندر نئين اليڪشن ڪرائڻ جو بھانو ڏئي، پوءِ اٽڪل 10 ورھيه ملڪ جو ڊڪٽيٽر سربراهه طور قائم رھيو. تن ڏينھن ۾ مختلف بھانا بڻائي سنڌين کي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون ھيون. اسان جي ڊپارٽمنٽ ۾ ھڪ شرارتي آءِ ايڇ فاروقي (احراز حسين فاروقي، اصل ڀارت واسي) ھيٺئين گروپ ۾ ڪم ڪندو ھو. تنھن اسان جي تڏھوڪي جنرل مئنيجر انور مُوراج کي شڪايت ڪئي ته ھڪ سنڌي اخبار ۾ خبر ڇپي آھي، تنھن جو مان ذميدار آھيان. موراج عام طور نفيس ماڻھو ھو تنھن مون کي گهرائي پڇيو ته مون اھا خبر ڇو ڇپرائي آھي جيڪا سنڌي اخبار ڇاپي آھي؟
مون کيس ٻڌايو ته پي آءِ اي خلاف ھر ڏھاڙي کوڙ خبرون اردو اخبارن ۾ ڇپجن ٿيون. مان سيڪشن ۾ اڪيلو سنڌي ملازم آھيان پر اوھان پنھنجي اردو ڳالھائيندڙ ملازمن کي، اردو اخبارن ۾ پي آءِ اي خلاف خبرن ڇپجڻ تي کين ذاتي طور ذميدار ڪونه سڏيو آھي ڇو؟ سنڌي اخبارون ته منھنجي ذاتي ملڪيت ڪونه آھن جيڪي مون کان ڇپائيءَ لاءِ پڇي پوءِ خبرون ڇاپن. ٻيو ته پي آءِ اي جي ھائوس جنرل اخبار ۾ فوٽو ڇپيو آھي سو ڪوبه ڏسي خبرون ڇاپي سگهي ٿو، تڏھن وڃي منھنجي جند ڇٽي.
انھيءَ کان وڏي پر دکدائڪ خبر اھا ھئي ته پي آءِ اي جو ھڪ آفيسر، پنھنجي ماءُ کي زال سڏائي سفر ڪرائيندو ھو. ايئرلائين جي ملازمن کي ملندڙ ٽڪيٽن تي ڪنھن ٻئي کي سفر ڪرائڻ وڏو ڏوهه ھوندو ھو جنھن جي سزا نوڪريءَ مان ڪڍڻ ھوندي ھئي ۽ اھڙن ملازمن کي ڪابه رعايت ڪونه ملندي ھئي. اھو پراڻو داستان آھي ته پي آءِ اي جي ڪجھه ٻين ملازمن وانگيان ھڪ سنڌي ملازم پنھنجي سڳي ماءُ کي زال بڻائي سفر ڪيو ته پڪڙجي پيو. پي آءِاي جي تڏھوڪي چيئرمن ايئر مارشل (ر) نور خان آڏو کيس پيش ٿيڻو پيو، جتي ھن پنھنجي غلطي مڃي پر رقم ڀري رعايت جي آڇ به ڪيائين پر چيئرمن کيس دستور موجب نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.
جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو صدر ٿيو ته ھن پي آءِ اي ۾ سنڌين جي ڀرتي ڪرڻ لاءِ زوردار ڪوششون ڪيون. مان روزاني “ھلال پاڪستان” ڪراچيءِ جو سب ايڊيٽر ھئس ته گهڻو ڪري شام جو پي آءِ اي پبلڪ رليشن جو اھم آفيسر مون وٽ ايندو ھو، جيڪو مون کان پي آءِ اي بابت سنڌي خبرون انگريزيءَ ۾ مفت ترجمو ڪرائي، پنھنجي پي آءِ اي چيئرمن ايئر مارشل (ر) نور خان کي پيش ڪندو ھو. آخرڪار ھن مون کي ملازمت انٽرويو ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته جيئن پي آءِ اي لاءِ باقاعدي ترجما ڪرائيندا رھن. مون ھا ڪئي ته منھنجو منو ڪلاڪ سخت انٽرويو ٿيو پر ڪامياب ٿيس ۽ پي آءِ اي پبلڪ رليشنس ۾ ڇھين گريڊ ۾ آفيسر مقرر ٿيس.
جنرل ضياءُالحق، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ٽن چئن مھينن ۾ ختم ڪري ڇڏي. پوءِ، پي آءِ اي مان سنڌي ملازمن کي ڪڍڻ لاِءِ اڻ سڌي ريت کوڙ ڪوششون ڪيون ويون جيڪو وڏو دکدائڪ داستان آھي. جنھن جو حوالو معلومات لاءِ الڳ ڏبو.
مون کي ياد آھي ته فرانس جي ھڪ عورت جو مون تي نه وسارڻ جوڳو ٿورو ٿي پيو. مان يورپ جا ٻه اھم ملڪ جرمني ۽ فرانس ذاتي طور اڪيلو گهمڻ ويس پر جنهن ڏينهن فرانس جي گاديءَ واري شهر پيرس کان ڪراچي، سنڌ موٽڻو هو، ان ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪميونيڪيشن وارن جي هڙتال هئي جنهن ڪري نه رڳو ريل گاڏين جي اچ وڃ گهڻو گهٽجي وئي هئي پر هوائي جهازن جي به. مان پيرس ۾ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ويجهي ميٽرو اسٽيشن (زمين دوز ٽرين يعني زمين اندر ھيٺ ريلوي اسٽيشن) تي ويس ته ايڪڙ ٻيڪڙ ڊيوٽيءَ تي موجود ھڪ اسٽاف سکڻي ڏيکاءُ لاءِ ويٺل ھو جنھن مون کي ٻڌايو ته هيٺ لهي وڃ، اُتان ٽڪيٽ ملندي پر مون ڏٺو ته اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا. يعني ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جو ڪو به بندوبست ڪونه هو. ڪيترا مسافر ته اڳ ورتل ماهوار يا هفتيوار ٽڪيٽن تي سفر ڪري رهيا هئا، البت ڪجهه مسافر مون وانگيان ٽڪيٽن کان سواءِ به هئا ۽ انھيءَ ڏينهن ٽڪيٽ کان سواءِ، سفر ڪرڻ جي غير رسمي اجازت حاصل هئي. هڙتال سبب ٻڌايائون ته گاڏيون دير سان اچن ٿيون يعني ھاڻي هر ساڍن ستن منٽن کان پوءِ هڪ ريل گاڏي اچي رهي آهي. جيئن ته ٽرينن ۾ پيهه گهڻي هئي سو مجبوريءَ ڪارڻ بيهڻ جي مناسب جاءِ ملڻ لاءِ مون کي هڪ ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.
مان هڪ اسٽيشن تي لٿس جتان مون کي وري ڪنهن ٻي اسٽيشن تي وڃڻو هو ته جيئن آخرڪار چارلس ڊيگال ايئرپورٽ تي پهچي سگھان پر ريلوي اسٽاف موجود ئي ڪونه هو ۽ نه ئي ريل گاڏي ڏانهن وڃڻ جي ڪا جاءِ، باقاعدي کليل هئي. جيڪي آيا ٿي سي اتي مشينن ۾ ‘پاس’ وجهي ريل گاڏين وٽ وڃي رهيا هئا. مان ڦاسي ويس. ھوائي جھاز وڃائڻ جو به اڳتي ھلي ڊپ ھوندو هو. سوچيم ته ڇا ڪريان؟ پيرس ۾ عام طور اتان جي قومي زبان فرينچ ڳالھائين ٿا پر پوءِ به ٿورا نوجوان انگريزي به ڳالهائين ٿا. مان ڏاڍو پريشان هئس ته ايتري ۾ هڪ خوبصورت، نوجوان، بالغ، وات وڪيل، ٻه ڪپڙا پاتل ۽ شايد ڪنواري، فرانسسي ڇوڪري آئي جنهن مون کي چيو: مون وٽ ‘پاس’ آهي، جيڪا مان مشين ۾ وجهندس، تون مون سان گڏ بيهجانءِ.
چوندا آهن ته “انڌو گُهري هڪ اک، ان کي ٻيئي ملن ته باقي ڇا کپي.” تنهن وانگيان مون کي ڀلا ڪهڙو اعتراض؟ مون ڏٺو ته ڪجهه ماڻھو تختن جي مٿان لانگ ورائي ۽ ٽِپُ ڏئي مشين کي پار ڪري ٿي ويا پر مون پرديس ۾ پنھنجي عادت موجب اهڙو جوکو نه ٿي کڻڻ چاهيو. بهرحال، انهيءَ فرانسسي ڇوڪريءَ جا دلي ٿورا مڃيم، سندس ٿورو وسارڻ جوڳو ڪونه هو، جيڪو فرانس جي ڪنهن جڳ مشهور ۽ وڻندڙ پرفيوم وانگي اڃا به ياد اٿم. ٻي حالت ۾ مان ھوائي جھاز به وڃائي ويھان ھا ۽ گھڻو پريشان به ٿيان ھا.
بھرحال، اھا سمجهاڻي ڏيڻ مناسب آھي ته ڪيتريون پراڻيون يادگيريون اھم ھونديون اھن جن کي ياد ڪرڻ مناسب ھوندو آھي. ڇاڪاڻ ته پاڻ يا ڪالم پڙھندڙ، ان جي خوبين توڙي خامين مان سبق حاصل ڪري پنھنجون حياتيون بھتر بڻائي سگھن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button