مشتاق احمد يوسفي اردو ادب ۾ هڪ اهم مزاح نگار طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪتاب زرگذشت سندس سوانح حيات يا آتم ڪٿا آهي. جيئن ڪتاب جي نالي مان ظاهر آهي ته ليکڪ هن ڊگھي ڪٿا ۾ هڪ بينڪر طور پنهنجي پيشه ورانه زندگي تي گھڻي توجهه ڏني آهي جڏهين ته ان ۾ سندس پنهنجي ذاتي ۽ خاندان جي زندگي جون ڪجھه جھلڪيون ملن ٿيون. ساڳي وقت ان وقت جي ڪراچي جي ثقافتي ۽ سماجي زندگي جون ڪجھه جھلڪيون پڻ نظر اچن ٿيون.
سندس تعلق راجستان جي شهر ٽونڪ سان آهي. سندس پي جئپور ميونسپالٽي جو چيئرمين ۽ پو جئپور اسمبلي جو اسپيڪر به هو. هي پاڻ آگره مان بي اي ۽ علي ڳڙهه مان ايم اي ڪرڻ کانپو سول سروس ۾ هو. هو ٿر جي رستي پاڪستان لڏي آيو. ان جو ڪارڻ اهو هو ته سندس پي اسمبلي ۾ حيدرآباد جي رياست جي الحاق حوالي سان پاڪستان جي حق ۾ تقرير ڪئي هئي.
سندس خاندان ته شروع ۾ ٽنڊو آدم ۾ رهندو هو جڏهين ته هن پاڻ اصفهاني سيٺ جي چوڻ تي سول سروس جي بجائي بينڪنگ ڪيريئر اختيار ڪيو. اهو پاڪستان جو شروعاتي دور هو. بينڪون نجي شعبي ۾ هيون ۽ اعليٰ عهدن تي گھڻي ڀاڱي اڃا تائين انگريز ئي هئا. هو ڪنهن خاص بينڪ جو نالو نه ٿو کڻي بس هڪ بينڪ جي جنرل مينيجر اينڊرسن جو ذڪر ڪري ٿو جنهن نوڪري لا سندس انٽرويو ورتو هو.
بينڪن جي نجي شعبي ۾ اچڻ ڪري ان جي ڪلچر، ڪم جي طريقيڪار ۽ ملازمن سان ورتا ۾ گھڻيون تبديليون آيون آهن. سرڪاري شعبي ۾ هئڻ جي ڪري ملازمن کي نوڪري جو تحفظ حاصل هوندو هو، آفيس اچڻ وڃڻ جو وقت مقرر هوندو هو ۽ ملازمن جي مراعاتن وغيره جي حصول لا يونين هوندي هئي. هن وقت اها صورتحال آهي ته بينڪ ملازمن کي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته اوهان جي آفيس اچڻ جو وقت ته مقرر آهي پر واپسي جو وقت مقرر ناهي ۽ پو اهو اڌ رات جو وقت به ٿي سگھي ٿو. ليکڪ ان وقت به ان ساڳي صورتحال جي نشاندهي ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته جڏهين سندس پي گذاري ويو ته کيس حيدرآباد وڃڻو پيو ته واپسي تي سندس آفيسر کيس تنبيهه ڪندي چيو ته ان جي ڪري ڪم متاثر ٿئي ٿو ۽ آئنده ائين نه ٿيڻ گھرجي. بينڪ ۾ رات جو دير تائين ويهڻ ته هڪ عام ڳالهه هئي ۽ رات جو دير سان ڪڏهين بس ۾ ته ڪڏهين پنڌ گھر ويندو هو.
پنهنجي پي جو ذڪر ڪندي هو ٻڌائي ٿو ته هو هڪ الله لوڪ ماڻهو هو. هڪ ڀيري هو جڏهين ساڻس ملڻ لا ڪراچي آيو ته پاڻ سان ماني ٻڌي کڻي آيو. سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي پٽ جي آمدني يعني وياج جي پئسن جي ماني کائي نه ٿي سگھيو. پنهنجي پي جي وفات جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته کيس دل جي تڪليف ٿي پيئي ۽ هڪ عطائي ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن هڻڻ ڪري سندس وفات ٿي ويئي. کيس لاوارث قرار ڏيئي ٽرڪ ۾ سندس لاش حيدرآباد موڪليو ويو. ليکڪ کي جيستائين ان جي خبر پيئي ۽ هو اتي پهتو تيستائين ان جي تدفين بس ٿيڻ واري هئي ۽ کيس ان ڳالهه جو افسوس ئي رهجي ويو ته هو پنهنجي پي جو ڪلهي ڪانڌي به نه ٿي سگھيو.
هو ان وقت پير الاهي بخش ڪالوني ۾ رهندو هو. هڪ ننڍو ڪوارٽر هو جنهن ۾ هو زال ۽ چار ٻارن سان نهايت ڏکيائي سان رهندو هو. مينهن جي موسم ۾ ڇت پيئي وهندي هئي ۽ گھر جي سامان ۽ پاڻ کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. آفيس لا بس ۾ سفر ڪندو هو ۽ رش ۽ پنهنجن ڪپڙن کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لا ڊگھو پنڌ ڪري کيس بس اسٽاپ تائين وڃڻو پوندو هو.
ان وقت ڪراچي هڪ اهم بندرگاه، ملڪ جي گادي جو هنڌ ۽ هڪ اهم تجارتي مرڪز هو شهر جي صفائي سٿرائي ۽ سونهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته گھڻن ملڪن جا ماڻهو خاص طور هتي شهر کي ڏسڻ ۽ گھمڻ ايندا هئا. هڪ آزاد ماحول هوندو هو. ڪاڪ ٽيل پارٽين جو رواج هو. باقي مينهن جي موسم ۾ شهر جي اها ئي حالت هوندي هئي جيڪا اڄڪلهه هوندي آهي. مطلب ته روڊ رستا گندي پاڻي سان ڀريل، کليل گٽرن هئڻ ڪري رستي تان هلڻ محال هوندو هو.
ان وقت به بينڪن جا آفيسر تاجرن ۽ صنعتڪارن کان مراعتون ۽ فائدا وٺي کين قرض ڏيندا هئا جيڪي اهي پو مختلف بهانا ڪري واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙو ئي هڪ قرضدار اوڀر پاڪستان ڀڄي ويو هو ۽ جڏهين ان جي اڳاڙي جي سلسلي ۾ هو اتي پهتو ته کيس ڪجھه به حاصل نه ٿيو ۽ نامراد ٿي واپس آيو. ساڳي ريت ملڪ جي هن حصي ۾ به صورتحال مختلف نه هئي. جيڪو اسٽاڪ بينڪ وٽ گروي رکيل هوندو هو جڏهين ان جي چڪاس ڪبي هئي ته ڪجھه به نه ملندو هو. بينڪ آفيسر ۽ قرضدار تاجر ۽ صنعتڪار ملي ڀڳت سان کاتيدارن ۽ بينڪ جي پئسن تي عيش ڪندا هئا.
هڪ مزاح نگار هر وقت مزاح نه ٿو لکي سگھي. سندس لکڻين ۾ وقت بوقت سندس ڏک ۽ زندگي جا ٻيا مختلف پاسا به ظاهر ٿين ٿا. هو ٻڌائي ٿو ته اهڙو وقت هو جڏهين سندس پگھار ٿوري هئي ۽ کيس پنهنجن چئن ٻارن ۽ زال کانسوا ما، هڪ بيروزگار ڀا ۽ سندس ٻارن جو به خيال ڪرڻو پوندو هو. ساڳي وقت هن ما جي احساس ۽ زال ۽ ما جي روين ۾ فرق جي پڻ اپٽار ڪئي آهي. کيس بينڪ پاران ڪجھه ڏينهن لا موٽرڪار ملي هئي. سندس زال گاڏي جي رنگ تي تبصرو ڪندي چيو ٿي ته مون کي ته اهو رنگ ئي پسند آهي جڏهين ته ما کانئس اهو پڇي ٿي ته پٽ تو ماني کاڌي آهي. ساڳي ريت جڏهين ٻه ٽي ڏينهن کانپو ڪار کانئس واپس ورتي وڃي ٿي ته زال ۽ ٻارن کي ان تي افسوس ٿئي ٿو پر ما جو وري اهو ساڳيو سوال هجي ٿو ته پٽ تو ماني کاڌي آهي.
جيتوڻيڪ ليکڪ جو بينڪنگ ڪيريئر هڪ ڊگھي عرصي تائين رهيو ۽ هو بينڪن جي قومي ملڪيت ۾ اچڻ کانپو يونائٽيڊ بينڪ جو صدر به ٿيو پر هي ڪٿا هڪ بينڪ ۽ اتي ان جي انگريز آفيسر ايندرسن جي مدي تائين محدود آهي. اهو آفيسر پاڻ کي انگريز چورائڻ پسند نه ٿو ڪري ۽ چئي ٿو ته اسڪاٽ آهي ۽ انگريزن اسڪاٽ کي گھٽ ڪرڻ لا گھڻا لطيفا ٺاهيا آهن. هي هر وقت نشي ۾ هجي ٿو ۽ سندس ماتحتن کي خبر نه ٿي هجي ته هو ڪهڙي وقت ڪهڙي موڊ ۾ آهي. ڪڏهين هو ساڻن نهايت سٺي نموني پيش ٿو اچي ۽ ڪڏهين کين ٽڪي جو ڪري ڇڏي ٿو. هو هميشه هندوستان ۾ پنهنجين خدمتن جي عيوض وڪٽوريا ڪراس ملڻ جي آسري ۾ هجي ٿو پر اهو آسرو ئي رهجي ٿو وڃي ۽ کيس اهو اعزاز نه ٿو ملي.
ٻولي جي حوالي سان ڪتاب جي ٻولي فارسي آميز اردو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي سمجھڻ ۾ ڏکيائي به ٿئي ٿي. هن مختلف موقعن تي سنڌي، پنجابي ۽ پشتو جون چوڻيون ۽ پهاڪا پڻ استعمال ڪيا آهن ۽ شاهه لطيف جو ذڪر ڪيو آهي. پاڪستان جي ماڻهن ۽ ٻولين ڏانهن سندس رويو معاندانا ناهي. باقي اوڀر بنگال جي حوالي سان سندس ناپسنديدگي کي پڙهندڙ محسوس ڪري ٿو.
مزاح جي انداز ۾ اهو ليکڪ جو پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جو هڪ منفرد انداز آهي. بهرحال آتم ڪتا جي حوالي سان اهو ڄڻ ليکڪ جي حياتي جو هڪ پاسو آهي جڏهين ته ٻين پاسن کي ڄاڻڻ جي خواهش رهي ٿي.