ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئون سياسي تماشو

عالمي امداد جي رقم ايتري بھ ناھي، جيتري حڪومت جي ھام آھي. جڏھن توقع گھٽ ھجي، تڏھن ٿوري شيءَ بھ گھڻي محسوس ٿيندي آھي. ھن حڪومت کي اھو احساس ھو تھ شايد عالمي برادري ھن جي ايتري مدد نھ ڪري، جيتري تباھي ٿي آھي. ان مڪان جو سبب اھو ھو تھ پاڪستان جي حڪمرانن جو ٽريڪ رڪارڊ اھڙو رھيو آھي جو ڪوئي بھ ملڪ پاڪستان جي معاشي مدد ڪندي سوچي ٿو تھ ڇا ھن جي ملڪي عوام جو پئسو حقدارن حوالي ٿيندو؟ جيڪڏھن پاڪستان ۾ اڄ بھ اعتماد ۽ اعتبار جي بحالي ٿي وڃي تھ ھن ملڪ جي مدد ڪرڻ ۾ دنيا تنگ دليءَ جو مظاھرو نھ ڪندي.

پاڪستان لاءِ جنيوا ۾ جنھن امداد جو اعلان ٿيو آھي، ان ۾ ڪنھن ملڪ ڪيترا پئسا ڏنا آھن؟ ان جو ڇيد بھ ٿيڻ گھرجي پر اھو ھڪ الڳ موضوع ٿي ويندو، جڏھن تھ اسان جي دماغ جو ڌيان ٻھ نقطا گھري رھيو آھي. ھڪ نقطو اھو تھ پاڪستان کي اعلانيل امداد ڪئين ۽ ڪڏھن ملندي؟ ٻيو نقطو تھ ان امداد جي ونڊ ورڇ ڪٿي ۽ ڪئين ٿيندي؟ اھي ٻيئي سوال ايترائي اھم آھن، جيتري امداد جي رقم. ڇو تھ جيترو سنڌ ڀوڳيو آھي ۽ جيترو سرائڪي بيلٽ ڀوڳيو آھي، ايترو انھن مسڪين ماڻھن کي ملندو؟ ان جو يقين نھ ٿو اچي. ڇو تھ سنڌي ۽ سرائڪي ماڻھو سدائين بي انصافيءَ جو شڪار رھيا آھن ۽ انھن سان ٿيل بي انصافي انھن جي حال مان ئي پڌري آھي. انھن جا روڊ رستا، انھن جون جايون جڳھيون، انھن جا اسڪول ۽ اسپتالون، انھن جي زندگيءَ جو پورو نظام، انھن جي ھڪ ھڪ شيءَ ان ڳالھھ جو ثبوت آھي تھ انھن مٿان ورھين کان وٺي ناانصافيءَ جي برسات وسندي رھي آھي. ھن ڀيري بھ انھن مٿان بادل برسيا ۽ انھن کي سرڪار بچائڻ جي سلسلي ۾ سستيءَ جو مظاھرو ڪيو.

اھا سستي ڇو ڪئي وئي؟ ان جا ٻھ سبب آھن. ھڪ تھ سرڪاري سرشتو نااھل ۽ سست آھي. ٻيو تھ ھيٺين سطح کان وٺي مٿين سطح تائين برسات سبب ٿيندڙ نقصان جو تماشو ان اميد سان ڏٺو ويو تھ نئين سر تعمير ۾ جاري ٿيندڙ رقمون انتظامي ڪردارن کي ڪرپشن جو ڀرپور موقعو فراھم ڪنديون. ان ڪري روڊ لڙھندا رھيا. فصل ٻڏندا رھيا. عمارتون زيرآب اينديون رھيون. ڪنھن کي ڪا پرواهھ نھ ھئي. ڪنھن کي ڪو خيال نھ آيو تھ ھي نقصان ڪنھن جو ٿي رھيو آھي؟ گرامچيءَ لکيو آھي تھ “جڏھن رياست انصاف فراھم نھ ڪندي تھ عوام ۽ رياست ۾ ھڪ لاتعلقي پيدا ٿي پوندي آھي” عوامي سطح تي اھڙي لاتعلقي بھ ھئي ۽ ان کان سواءِ حڪمراني سطح تي ڪنھن وٽ اربين ڊالرن جا خواب ھئا ۽ ڪنھن وٽ ڪروڙن جي بجيٽ جا تصور ھئا. ھر ڪنھن کي پنھنجي پنھنجي پيٽ جي سائز مطابق بک لڳل ھئي پر ان ۾ جنھن جو نقصان ٿيو، اھو عوام ھو.

اھو عوام ھن وقت بھ خوش ناھي. جيتوڻيڪ حڪمران ھر ھر انھن ڏانھن اھي پيغام اماڻي رھيا آھن تھ انھن کي خوش ٿيڻ گھرجي. ڇو تھ امداد جو اعلان ٿيو آھي پر عوام کي اھو يقين ناھي تھ اھا امداد انھن تائين ايندي. ان ڪري خوشيءَ جو ڪو سبب انھن جي احساسن کي جاڳائڻ جي ڪا ڪوشش نھ ٿو ڪري. ھڪ تھ سنڌي ۽ سرائڪي ماڻھو تاريخ جي پس منظر ۾ پاڻ کي ڏسي سرھا نھ ٿا ٿين ۽ ٻيو تھ انھن کي معلوم آھي تھ اھا رقم ماڻھن جي حالت زار کي تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ استعمال نھ ٿيندي. اھا رقم جن شرطن تي آئي، اھي شرط بھ ڏاڍا ڏکيا ھوندا. ڇو تھ ھي اھو دور ناھي جو پاڪستان جي مٿان امداد ڏيڻ وارا اکيون ٻوٽي اعتبار ڪن. ھي اھو دور ناھي جو اسان جا حڪمران جھازن ۾ ڊالرن جون بيگون ڀري واپس ورن. اعلان ٿيو ۽ اعلان کان پوءِ ھاڻي رقم ڏيڻ جا مرحلا شروع ٿيندا. اسلامي بينڪ ۽ سعودي عرب تھ پاڪستان کي کڻي گھڻو پابند نھ بڻائي پر مغربي دنيا جو پورو زور ھوندو تھ اھا رقم اين جي اوز جي معرفت خرچ ٿئي ۽ پاڪستان ۾ انھن اين جي اوز جي مٿان پابندي لڳل آھي، جن جي عالمي سطح تي ساک آھي. اھا بھ ڪشمڪش ٿيندي. ان کان سواءِ پاڪستان ھڪ نئين آزار مان بھ گذرڻ جي گمان ۾ آھي. اھو آزار آھي، دھشتگرديءَ جو جن وري جاڳڻ جي لاءِ ڪر موڙي رھيو آھي ۽ جيڪڏھن ان معاملي کي ڪاميابيءَ سان نھ سنڀاليو ويو تھ وري ملڪ مصيبت ۾ اچي ويندو. اسان کي معلوم ھجڻ گھرجي تھ امن ۽ ترقي پاڻ ۾ گڏ ھلي نه سگھندا آھن. اھو ڪنھن بھ طرح سان ممڪن ناھي تھ ملڪ ۾ بدامني بھ ھجي ۽ ترقياتي منصوبا بھ مڪمل ٿيندا ھجن. جيڪڏھن بدامني ٿي تھ ترقيءَ جو تصور تمام گھڻو متاثر ٿيندو. اھڙي صورت ۾ پاڪستان پنھنجي ٻوڏ متاثر ماڻھن جي مدد بھ نھ ڪري سگھندو.

پاڪستان کي اعلان ڪيل امداد جي رقم اڃان نھ ملي آھي پر اھا رقم ڪنھن کي ملندي؟ ان سوال تي ھاڻي کان وٺي سياسي ڪشمڪش شروع ٿي وئي آھي. ڇو تھ وزيراعظم اھو علان ڪيو آھي تھ “امدادي رقم جي پائي پائي عوام تي خرچ ڪنداسين” ان جو مطلب اھو ٿيو تھ ھو امدادي رقم پنھنجي ھٿ ۾ رکڻ چاھي ٿو. جڏھن تھ امدادي رقم جو شيڊيول اڃان آخري مرحلي ۾ ھوندو تھ ھن حڪومت کي آئيني طور تي پنھنجا ٽپڙ ويڙھڻا پوندا. اھو صدمو ھيءَ حڪومت ڪنھن بھ طرح سان برداشت نھ ڪندي. ان حوالي سان ھن حڪومت جي پوري ڪوشش آھي تھ ڪنھن طرح سان حڪمرانيءَ جو وڌيڪ وقت ملي وڃي ۽ ان جو امڪان بھ عمران خان ۽ ھن جي پارٽيءَ کي تمام گھڻي تڪليف پھچائي رھيو آھي.

عمران خان گذريل ڏينھن جنھن انداز سان گفتگو ڪئي آھي، ھن جي آواز ۽ ھن جي چھري تي آيل چڙ کي ھو ڪنھن بھ طرح سان ڪنٽرول نھ ڪري سگھيو. ڇو تھ ھن بار بار ان ڳالھھ جو اظھار پئي ڪيو تھ ھن جي حوالي سان سياسي مارڪيٽ ۾ اھي افواھون ھلايون پيون وڃن تھ ھن تي “ريڊ لائن” لڳل آھي. ريڊ لائن لڳل ھجڻ جو مطلب اھو ھوندو آھي تھ اقتدار ۾ اچڻ جي اين او سي ڏيڻ واريون قوتون اھو فيصلو ڪري چڪيون آھن تھ عمران خان کي اقتدار ۾ اچڻ جي اجازت نھ ھوندي. عمران خان پنھنجي حوالي سان ان پوائنٽ تي مسلسل احتجاج ڪري رھيو ھو ۽ جيڪڏھن ان معاملي ۾ ڪا صداقت ۽ سنجيدگي نھ ھجي ھا تھ عمران خان اجايو ايترو پريشان بھ نظر نھ اچي ھا. عمران خان اڳ بھ اھو اظھار ڪري چڪو آھي تھ اسٽيبلشمينٽ اڃان تائين پراڻي پاليسيءَ تي ھلي رھي آھي. ھاڻي جڏھن ملڪ نئين چونڊ جي ويجھو پھتو آھي، تڏھن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جي خوشين مٿان خدشن جا ڪارا ڪڪر گجگوڙ سان ڪٺا ٿي رھيا آھن ۽ ھو نھايت پريشان نظر اچي رھيو آھي ۽ ھن کي لڳي رھيو آھي تھ ڪنھن بھ وقت ھن جي خلاف ڪو اھڙو فيصلو اچي سگھي ٿو، جنھن کي منھن ڏيڻ ھن جي لاءِ مشڪل ھوندو.

پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو پئسو رھيو آھي ۽ گھڻي وقت کان وٺي پاڪستان جي مٿان عالمي امداد جا در بند ھئا ۽ ھن ڀيري جڏھن اھي ٻوڏ سبب کليا آھن ۽ پاڪستان لاءِ امداد جو اعلان ٿيو آھي تھ ان رقم کي ھر سياسي قوت پنھنجي ھٿ ۾ رکڻ جي خواھشمند آھي.

مسلم ليگ ن جي اصل قائد يعني ميان نواز شريف کي اھڙي ئي شيءَ جو انتظار ھو. ھن کي پنھنجي ڀاءُ پاران مشروط طرح اقتدار ورتل ۽ اقتدار سان گڏ معاشي بحران پنھنجي ڪلھي تي کڻڻ سبب سخت ڪاوڙ ھئي. ھن جو خيال ھو تھ عوام جي مٿان آيل معاشي عذاب مسلم ليگ ن جي ووٽ بينڪ ۽ ھن جي سياسي ساک کي ڪاپاري نقصان پھچائڻ جو ڪارڻ بڻبو ۽ مسلم ليگ ن متاثر بھ ٿي پر ھاڻي جڏھن عالمي امداد جو اعلان ٿيو آھي تھ نواز شريف پنھنجي ھارايل بازي کٽڻ جي اميد ۾ اھو سوچي رھيو آھي تھ جيڪڏھن عوام کي ٿوري بھ معاشي مدد ملي تھ مسلم ليگ ن جي ڪريل ساک بحال ٿي ويندي. پر ان جو مطلب اھو ھوندو تھ ھو اھا امدادي رقم پنجاب ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ڇو تھ مسلم ليگ ن جون جڙون پنجاب ۾ آھن. ان جو مطلب تھ سنڌ ان امداد کان محروم رھندي ۽ جيڪو ڪجھھ سنڌ کي ملندو، اھو بھ ڪرپشن جي ور چڙھي ويندو. اھڙي ماحول ۾ سنڌ ڇا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي؟ ڇا سنڌ پنھنجي حق کان محروم ٿيندي بھ ماٺ رھندي؟

امداد جي رقم اڃان تھ آئي ناھي پر ان امداد جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني جھيڙن جا جھڙ گھاٽا ٿي رھيا آھن. ھيءَ حڪومت پوري ڪوشش ڪندي تھ ڪنھن طرح سان ھن کي اقتدار جو حصو پتي حاصل ھجي ۽ ھوڏانھن عمران خان جي پوري ڪوشش ھوندي تھ ڪنھن بھ طرح سان حڪومت جي ڀريل ڀت کي ڌڪو ڏئي ڪيرائي. ڇو تھ پنجاب جي وڏي وزير پاران اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد ھاڻي پنجاب جي اسيمبلي ھيڏي ھوڏي ٿي سگھي ٿي ۽ عمران خان ان معاملي تي پنھنجي ذاتي پوزيشن جي حوالي سان بارگينگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

ملڪ ھن مھل تمام گھڻي منجھيل صورتحال مان گذري رھيو آھي. مستقبل جو سياسي منظر امڪانن ۽ انديشن جي ڌنڌ سبب چٽو نظر نھ ٿو اچي. گذريل سال جي تبديلين ھن سال کي تمام گھڻو اھم بڻائي ڇڏيو آھي. ھي سال سياسي ڪشمڪش ۽ معاشي مصيبت جو سال آھي. ھن سال ۾ پاڪستان کي امدادي پئسو تھ ملندو پر اھو ايترو مشروط ۽ ايترو مشڪل ھوندو. جڏھن تھ امدادي رقم تي سياسي ڇڪتاڻ جو پھلو ڪنھن بھ طرح سان نظرانداز ڪري نھ ٿو سگھجي.

پاڪستان ۾ ٻوڏ ستايل علائقن جي عوام جي مدد ان موسم ۾ ٿيڻ جا امڪان آھن، جنھن موسم جي سلسلي ۾ موسميات جي ماھرن اھا اڳڪٿي ڪئي آھي تھ پاڪستان جي مٿان ماحولياتي مصيبت ھن سال وڌيڪ برساتن جي صورت ۾ وسندي. اھي سمورا امڪان صرف اھو پتو ڏئي رھيا آھن تھ ھي سال ملڪ جي مظلوم ماڻھن کي بي حال بڻائڻ ۾ ڪا بھ ڪسر نھ ڇڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button