ڀارتي اداڪارا راکي ساونت جي ٻي شادي جو تڪرار اڃا ماٺو ٿيو ئي ناهي تھ سندس اميد سان هجڻ جا افواهه پکڙجي ويا آهن. ميڊيا مطابق راکي ساونت سان اميد سان هجڻ جي تصديق جي حوالي سان جڏهن ميڊيا رابطو ڪيو تھ ان نو ڪمنٽس چئي ڪجهه بھ ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن راکي جي ڄاڻايل مڙس عادل خان شادي مڃڻ کان انڪار بعد مهلت گهري ورتي آهي. عادل خان جو چوڻ آهي تھ راکي سان شادي کان انڪار يا اقرار نٿو ڪيان، تنهنڪري ڪجهه بھ ڳالهائڻ جي ڏس ۾ مون کي 10 يا 12 ڏينهن مهلت ڏني وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close