ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

معاشي بدحالي عوام لاءِ اذيت

Editorial-Article- Ghulam Hussain

ملڪ ڪجهه عرصي کان معاشي بدحالي جو شڪار آهي جتي وچولو طبقو خاص ڪري ڏهاڙي مزدور ۽ بيروزگار بکئي پيٽ سمهي ٿو وٽس علاج لاءِ پئسو ناهي نه وري سرڪاري طور ڪو سندس علاج ٿئي ٿو. اهو ڏهاڙو خالي ناهي جو بک ۽ مفلسي سبب ماڻهو مرن ٿا سندن جياپو مشڪل نظر اچي رهيو آهي. اٽو ملي نٿو جيڪڏهن ملي ٿو ته اهو به ڏيڍ سئو رپيا في ڪلو تائين پهچي چڪو آهي جنهن جو به معيار ناهي جو اٽي لاءِ جيڪا ڪڻڪ ڪارخانن کي مهيا ٿئي ٿي سا غيرمعياري ۽ اها آهي جيڪا کليل آسمان هيٺ برساتن ۽ ٻوڏن ۾ سڙي تباهه ٿيل آهي. جڏهن اهڙي ڪڻڪ جو اٽو واپرائبو ته يقين سان بيماريون خاص ڪري پيٽ جون بيماريون ته جنم وٺنديون.
اهو اٽو جيڪو پاڪستان ٺهڻ وقت رپئي مڻ ملندو هو، اهو جمهوريت جي دور ۾ ڇهه هزار رپين جو مڻ ٿي ويو سو به غيرمعياري جنهن جي واپرائڻ سان خاص ڪري غريب واهپيدار مختلف بيمارين جو شڪار ٿيو، گهڻن وري سستي اٽي جي حصول لا قطارن ۾ بيهي جانين جو نذرانو ڏنو ۽ اهو عذر ڏنو ويو ته خوراڪ کاتي وارن جي بدنظمي هئي، معنيٰ ته سرڪار جو نه وڃي ڪيڏي نه بي حيائي چئجي. اٽو پنهنجي جا تي چانور به ڏهن هزارن جي حد ٽپي ويا. ڀاڄيون خاص ڪري بصر ۽ گوگڙو به ملهه ڪري ويا واڱڻ ته موراڳي انگل ڪري ويا. گوشت مڇي ته اگهه ڪري چڪي هئي پر دالين به ڪا رعايت نه ڏيکاري چوڻ جو مطلب ته عوام بک بيروزگاري جو شڪار آهي ۽ رهندو ايندو.
پاڪستان جي ڀرپاسي ڊالر سستو، تيل سستو، بجلي سستي، ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا سستا هر شئي سستي پر پاڪستان ۾ هر شئي آسمان تي چڙهيل آهي، جتان لهڻ جي ڳالهه نه پئي ڪري جو جمهوريت بهترين انتقام آهي ۽ عوام به اهڙي جمهوريت پويان لڳل آهي ڇاڪاڻ ته کين محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي نالي تي قطارن ۾ بيهاري ڪجهه هزار رپيا ڏئي باور ڪرايو وڃي ٿو ته حڪومت غريبن سان گڏ آهي. ڪاش اهڙن بيوس ۽ بيروزگارن کي روزگار سان نوازيو وڃي ها سرڪاري طرح نه پر ملڪ اندر شهري ۽ ڳوٺاڻي سطح تي ڪارخانا ۽ ڪاٽيج انڊسٽريون قائم ڪري کين باعزت معاوضو ڏنو وڃي ها پر هن ملڪ ۾ هن جمهوريت ۾ اهو ممڪن ناهي.
ملڪ ۾ مارڪيٽنگ جو نظام معاشي نظام ڊالر جي خريد فروخت بجلي مهيا ڪندڙ ڪمپنيون سڀ ڪجهه پاڪستاني سياستدانن جي مٺ ۾ بند آهن ۽ انهن جا ريٽ به اهي خود مقرر ڪن ٿا، جو انهن جو پئسو زرمبادله به سياسي سرمائيدارن وٽ آهي، جيڪي غريبن کي زنده رهڻ ڏسڻ نٿا چاهين. ملڪ جو قانون ملڪ جون عدالتون ملڪ جا ادارا پارليامينٽ به سياستدانن ۽ سرمائيدارن جي قبضي هيٺ آهن، اهي ڪيئن چاهيندا ته ملڪ جو عوام سک جي ماني کائي سک جي ننڊ ڪري؟ روزمره جي کاڌ خوراڪ وارين شين جا سرد توڙي گرم گودام به سياسي ۽ معاشي بدمعاشن جي ملڪيت آهن، جتي هر شئي ذخيرو ٿئي ٿي. تيل کنڊ جا ڪارخانا به معاشي بدمعاشن جي ملڪيت آهن، اهڙي صورت ۾ مهانگائي اڻٽر آهي. فلور ملون کنڊ جون ملون چانورن جا سيلر به هنن جي هٿ ۾ آهن ته لازمي آهي ته اٽو چانور تيل کنڊ ته مهانگا ضرور ٿيندا. محلن ۾ رهندڙن کي ڪکاوان گهر ڪٿي نظر ايندا.
ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ معاشي بدحالي ۽ کاڌ خوراڪ جي شين ۾ جيڪا به ڪمي آئي آهي ان ۾ معصوم ٻارڙن جي جياپي واريون شيون خاص ڪري کير ۽ وٽامنز وارين دوائن جي به کوٽ ۽ انهن جا اگهه وڌيا آهن جيڪي خاص ڪري ٻهراڙين ۾ پلجندڙ ٻارڙن يا جنم وٺندڙ ٻارڙن کي به متاثر ڪيو آهي جنهنڪري ماءُ توڙي ٻار جا اموات به وڌيا آهن. کير جيڪو ماءُ ۽ ٻار جي جياپي واڌ جو مک جز آهي اهو معياري نه هجڻ ڪري ٻارڙن جي واڌ ويجهه متاثر ٿي آهي. کير ۽ مکڻ ملاوت وارو ۽ غير معياري هجڻ ڪري ٻارڙن ۽ مائرن جي صحت ۾ وڏو بگاڙ آيو آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون ۽ علاج جون سهولتون نه هجڻ ڪري به اموات ۾ واڌارو ٿيو آهي. نجي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جون فيون حد کان مٿي هجڻ ڪري به عام ماڻهو پريشان آهي. عام نجي ڊاڪٽرن به پنهنجيون فيون في مريض هڪ هزار تائين وڌائي ڇڏيون آهن جڏهن ته اسپيشلٽ ڊاڪٽرن اهي فيون ٻن کان ٽي هزار رپيا في مريض ڪري ڇڏيون آهن جن تي سرڪار جو ڪو به ڪنٽرول ناهي جو عام ماڻهو پنهنجو علاج سستو ڪرائي سگهي. تندرستي هزار نعمت آهي پر سنڌ ۾ اها هزار ڀيرا زحمت ٿيندي پئي وڃي.
اڌ ملڪ اڌ سنڌ بلوچستان ٻڏي ويو لکين گهر ڊهي ويا ڪروڙين مارو بي گهر ٿيا سندن لاش لڙهندي هٿ آيا پو به چون ٿا ته جمهوريت بهترين انتقام آهي. چون ٿا ته ٻوڏن ۽ برساتن ملڪ ۾ معاشي تباهي آندي پر جڏهن ڏسجي ٿو ۽ ٻڌجي ٿو ته گڏيل قومن سميت دنيا جي مختلف ملڪن پاڪستان کي اربين کربين ڊالرن جي امداد ڏني آهي جيڪا هن وقت تائين برسات ۽ ٻوڏ متاثرين تائين ناهي پهتي. پاڻي نڪري ناهي سگهيو ۽ گهارا بند ٿي ناهن سگهيا جنهنڪري خريف ۾ به وڏو معاشي بحران ڪر کڻندو جو شاخن ۽ ڪئنالن کي گهارن پوڻ ڪري ۽ اهي ٻڌجي نه سگهڻ ڪري فصلن کي شايد ئي پاڻي ملي سگهي. ربيع ۾ جيڪا به ڪڻڪ پوکي وئي آهي تن جا لابارا به شروع ٿيڻ وارا آهن پر حڪومت ڪڻڪ جي خريداري واري پاليسي واضح نموني پڌري ناهي ڪئي تنهنڪري ڪڻڪ وري به سرڪاري ادارن جي آڙ ۾ حڪومت ۾ شامل بااثر ڌريون ۽ سرمائيدار سستي اگهن تي خريد ڪندا ۽ اها وڏي اگهه تي مارڪيٽ ۾ آڻيندا جڏهن اها مهانگي وڪامندي ته اٽي جو بحران لازمي پئدا ٿيندو جيڪو ممڪن آهي ته ٻن ٽن سون تائين به پهچي جو حڪمرانن کي ماڻهن مارڻ جو ٽاسڪ مليل آهي. سڀني کي ڀلي ڀت اها خبر آهي ته جڏهن بنگلا ديش ۾ جنگ لڳي هئي تڏهن اهو نعرو هنيو ويو هو ته زمين گهرجي ماڻهو نه گهرجن.
جيستائين ملڪ معاشي بدمعاشن جي هٿ ۾ رهندو، تيستائين غريب متاثر رهندو، اٽي لپ لا مرندو رهندو جيئن ميرپورخاص ۽ ٻين هنڌن تي مري چڪا آهن. ملڪ کي معاشي بدحالي مان ڪڍڻ لاءِ واحد دڳ اهو آهي ته غيرآباد زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ عالمي ادارن جي معاونت سان رٿائون عمل ۾ آنديون وڃن جنهن لاءِ ڪرپشن جي پاڙ پٽڻي پوندي ته جيئن سياسي ۽ معاشي رهزن عوام جو پئسو ملڪ کان ٻاهر موڪلي نه سگهن ۽ جيڪو به پئسو ۽ ملڪيتون ٻاهر آهن تن کي ضبط ڪري ڏيهه واپس آندو وڃي. پارليامينٽ سميت مختلف ادارن کي صاف شفاف بڻايو وڃي. کاڌ خوراڪ واريون شيون سستيون ڪيون وڃن جيئن ڪو به عام ماڻهو بک وگهي نه مري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button