اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ ٽئين مرحلي ۾ مڪاني چونڊن بابت تاريخ مقرر ڪندي، صوبي جي حڪومت جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو، ان جي باوجود نين چونڊن جي حوالي سان ڪو به اتفاق راءِ نظر نٿو اچي. ان سان گڏ ايم ڪيو ايم جي ڌڙن، جن کي مڪاني چونڊن جي هن مرحلي لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويو آهي، اهي قوتون جن الطاف حسين کانسواءِ باقي ڌرين کي هڪ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو،انهن جي سموري محنت تي پاڻي ڦيرجندي نظر اچي ٿو. مڪاني چونڊن لاءِ مختصر وقت آهي، عدالتي جنگ لاءِ ميدان محدود آهي، اهڙي صورتحال ۾ معاملا ڪهڙو رخ اختيار ڪندا؟ انهن بابت اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن نه رهي آهي، پر متحدا ۽ سنڌ حڪومت ساڳئي پيج تي ضرور اچي ويون آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ٿي آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ سان عمران خان جا ڪراچي شهر جو ڪنٽرول سنڀالڻ وارا خواب ساڀيان ٿيندي نظر نه پيا اچن.
ايم ڪيو ايم، ڪافي عرصي کان ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي هئي، جيڪڏهن ائين چئجي ته ايم ڪيو ايم ڇهن گروپن ۾ ورهائجي وئي، جنهن ۾ هڪ طرف متحدا پاڪستان ۽ ٻئي پاسي الطاف حسين نظر آيو. 2018 ۾ عام چونڊون ٿيون، ان جي نتيجن سامهون اچڻ سان سڀني ڏٺو ته ايم ڪيو ايم جا الطاف حسين کان الڳ ٿيل ڌڙا سياسي مات کائي ويا. ووٽ بينڪ ته تمام گهڻو گهٽ نظر آيو، پر ڪراچي شهر کي پي ٽي آءِ جي جهولي ۾ وڌو ويو، هي پلان يقينن واڳ ڌڻين جو هو، پر ان جي باوجود جيڪا ايم ڪيو ايم بچي، اها اسٽيبلشمنٽ جي چوڻ آکڻ سان اٿندي ويهندي رهي. ان وچ ۾ ننڍين چونڊن جا مرحلا به سامهون آيا، پر انهن ۾ به ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ڌڙي کي پذيرائي نه ملي. ايم ڪيو ايم جو توڙي جو اسٽينڊ انتهائي نفرت وارو رهيو، پر ان جي منظر تان پس منظر ۾ هليو وڃڻ سان ٽي ايل پي سميت اهي پارٽيون سامهون آيون، جن جي سياست کي سنڌ جي مستقبل لاءِ ناڪاري سمجهيو وڃي ٿو. تحريڪ لبيڪ ۽ جماعت اسلامي ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪراچي مان ڪجهه سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون، يا وري انهن کي ڪاميابي ڏياري وئي. ڪي حلقا چون ٿا ته سياسي قوتن خاص ڪري پيپلز پارٽي کي ڪراچي مان پاسيرو ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ جو سياسي تڪ ٺاهڻ لاءِ رٿابندي ڪئي وئي، ان نئين صفبندي ۾ وڌيڪ نقصان لياري جهڙن علائقن کي ٿيو، جتان ٻه ايم پي ايز ۽ هڪ ايم اين اي هڪ جماعت اسلامي، ٻيو لبيڪ ۽ ايم اين اي شاهجهان بلوچ پي ٽي آءِ جي کاتي ۾ سامهون آيا، پر گذريل اٺن، نون مهينن ۾ پي ٽي آءِ کي عاق ڪرڻ کانپوءِ واڳ ڌڻي نئين ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن.
جن به نئين ايم ڪيو ايم يا متحدا پاڪستان جي پراڻن اڳواڻن کي نئين پليٽ فارم تي اچڻ کانپوءِ ٻڌو هوندو، انهن کي اندازو ٿيو هوندو ته هنن شهري بابوئن جي سوچ ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي. هو هينئر به پراڻي سياست ڪن ٿا. خاص ڪري سنڌ جي حوالي سان انهن جا خيال انتهائي اُگرا آهن. متحدا جو هڪڙو اڳواڻ ايستائين چئي رهيو هو ته “ڪراچي ۾ مقامي رهواسين جو ڪوبه حصو ناهي، هتي مقامي پوليس ته مقرر ناهي، پر ڌاڙيل به ديسي ناهن”! جيڪڏهن ڪو انهن کان پڇي ها ته انهن جي ڪن ڪٽين، ماڌوري، ڪي ٽو ۽ ٻين جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ڇا انهن ڪراچي ۽ حيدرآباد کي امن جو گهر بڻايو؟ ڇا هو هاڻ به چاهين ٿا ته تاريخ جا متروڪ ڪردار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي امن کي تاراج ڪن؟ جيڪڏهن ڪراچي، سنڌ جي گادي وارو شهر آهي ته اتي سنڌ پوليس ئي مقرر ٿيندي، جنهن ۾ اڪثريت سنڌي ڳالهائيندڙن جي آهي. فطري طور تي ڪراچي، سنڌ جو حصو هجڻ جي نتيجي ۾ ان تي عملداري به مڪاني سنڌين جي هجڻ گهرجي. هي ته تازو آيل ٻوڏ متاثرن، جن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر هو، انهن کي به ڌاڙيل سڏي رهيا هئا. انهن مان ڪيترائي سوشل ميڊيا توڙي فارمل ميڊيا تي چئي رهيا هئا ته ڪراچي واسي، رات جو جلد پنهنجن گهرن جا در بند ڪري سمهن، شهر ۾ ڌاڙيل پهچي ويا آهن. هي ساڳيو شهر آهي، جنهن ۾ روزانو هزارين ماڻهو ٻين صوبن يا ملڪن کان اچن ٿا، اهي متحدا جي اکين جا تارا آهن، انهن کي مستقل شهري جا سرٽيفڪيٽس ڏيارين ٿا، انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائين ٿا، انهن کي ڊوميسائل ڏين ٿا، ته جيئن انهن جو ووٽ بينڪ مضبوط ٿئي. هي سلسلو اڄ جو ناهي، گذريل ٽن، چئن ڏهاڪن کان ائين ئي ٿي رهيو آهي.!
اردو آبادي جا ايترائي بنيادي حق آهن، جيترا سنڌي ڳالهائيندڙن جا آهن،صوبي جي وڏي آبادي کي نه ئي سمنڊ ۾ اڇلائي سگهجي ٿو، نڪي واپس هندستان موڪلي سگهجي ٿي. هينئر جيڪي اردو ڳالهائيندڙ آهن،انهن جو ڀارت يا ڪنهن ٻئي ملڪ سان ڪوبه واسطو ناهي، اهي فطري طور تي سنڌ جا شهري آهن. انهن جي حقن تي ڪوبه سواليا نشان لڳائي نٿو سگهجي. پر اهي جن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اردو آبادي تي حڪمراني ڪئي، انهن ڪهڙا ڦاڙا ماريا؟ انهن ته اردو آبادي وارن علائقن کي بنيادي سهولتون روڊ ۽ رستا به ٺهرائي نه ڏنا، نه ئي انهن جي روزگار جو مسئلو حل ڪيو. متحدا جي خراب ۽ تڪراري ماضي هجڻ سبب کين عام چونڊون هجن يا مڪاني چونڊون، کين اردو آبادي نظر انداز ڪيو. جيڪڏهن کين هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويو آهي، ته ڇا هي اميد ڪري سگهجي ٿي ته ٻنهي وڏن شهرن جا اردو ڳالهائيندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر متحدا کي ووٽ ڏيندا؟
هينئر، اهي لاٺڙيا صحافي دانشور، جن جو سنڌ جي شهري آبادي سان ڪوبه واسطو ناهي، اهي هر چينل توڙي ميڊيائي حلقن ۾ چون ٿا ته متحدا ۾ شامل اڳواڻن کي هڪڙو موقعو ملڻ گهرجي. انهن کي گهڻو عرصو اقتدار کان محروم رکڻ کانپوءِ اقتدار ڏنو ويو ته اهي آپي کان نڪري ويا. انهن کي يقينن فوجي آمر پرويز مشرف ۽ جنرل ضياءَ به استعمال ڪيو، پر ان ۾ انهن جو ڏوهه نه هو، اهي سياسي طور گهڻا ميچوئر نه هئا، انڪري هو استعمال ٿي ويا.! انڪري جيئن عمران خان جي مخالفن کي سياسي اسٽيج ڏنو ويو آهي، تيئن هنن کي به هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار جو مزو وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي. سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڪجهه حلقا، متحدا کي پ پ سان گڏ پاور شيئر ڏياري به وٺن، ان کانپوءِ ڪير ضمانت ڏيندو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ خون جي هولي نه کيڏندا؟ هي پڇي سگهجي ٿو ته ڇا گذريل چونڊن ۾ انهن کي عوام رد ڪيو هو يا انهن جي جاءِ تي پي ٽي آءِ کي ڄاڻي واڻي مڙهيو ويو؟ جيڪڏهن نئين متحدا جا اڳواڻ هڪ پليٽ فارم تي اچي به وڃن، ان جي باوجود، عوام کين ووٽ ڏئي ته ڇو ڏئي؟ هي شهري بابو ڪيترا به پاڻ کي پڙهيل لکيل سمجهن پر ڇا اهي سنڌ جي وسيع مفادن خاطر سنڌ جي عوام سان گڏ بيهندا؟ سنڌ جي مالي وسيلن جي حاصلات لاءِ ڪيترو ساٿ ڏيندا؟ انهن جو ماضي بلڪل ان جي ابتڙ آهي. اهي نه صرف ڪيترائي ڀيرا پيپلزپارٽي جا اتحادي رهيا، پر انهن فنڪشنل ليگ کان وٺي، انهن سمورن ڍنڍ جي پکين جو ساٿ ڏنو،جن سنڌ پرستي جون دعوائون ڪرڻ باوجود سنڌ کي گهڻو سياسي ۽ معاشي نقصان پهچايو. جيڪڏهن هو سٺي حڪمراني قائم ڪن ها ته ڏيڍ ڏهاڪي کان پيپلز پارٽي حڪمران جماعت نه هجي ها. جيڪڏهن هاڻ هو پيپلز پارٽي سان گڏ ڪراچي جي ميئرشپ يا حيدرآباد جي ناظم اعليٰ جي عهدن تي سوديبازي ڪرڻ گهرن ٿا ته ان مان سنڌ کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ هي به ڏسون پيا ته متحدا، هينئر به پيپلز پارٽي کان وڌيڪ ن ليگ جي اتحادي آهي. هنن ن ليگ جي خاطرين ۽ واڳ ڌڻين جي اشارن تي گڏيل حڪومت ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان پارٽي جي اڳواڻن قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ يا سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪي تقريرون ڪيون، اهي ريڪارڊ تي موجود آهن. انهن سنڌي ۽ اردو آبادين ۾ نفرت ڦهلائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي، هينئر به هو چون ٿا ته ڪراچي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيل سنڌي آهن!
متحدا ۾ جن ڌرين کي شامل ڪيو ويو آهي، يقينن سان چئي سگهجي ٿو ته ان پٺيان اهي ئي هٿ آهن، جن جا پيرا واڳ ڌڻين جي در تي ختم ٿين ٿا. اهي سنڌ حڪومت کي به دٻاءُ ۾ رکڻ گهرن ٿا. هي به حقيقت آهي ته سنڌ حڪومت ۾ ڪي فرشتا ته نه ويٺا آهن، نه ئي اهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي، پر هتي برائي ۽ گهٽ برائي واري سوچ موجود آهي. پر طاقتور ڌريون، جنهن متحدا جي گهوڙن تي شرط لڳائي هئي، اهي ريس ۾ ڊوڙي به سگهندا يا نه؟ ان حوالي سان متحدا باني جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا سامهون آيو. سنڌ جي گورنر کان وٺي، متحدا جي اڳواڻن تائين سمورا چون ٿا ته اهي جيڪي ملڪ جا وفادار آهن، انهن کي متحدا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هو سمجهن ٿا ته الطاف حسين هينئر به محب وطن پاڪستانين جي لسٽ ۾ شامل ناهي، انڪري موجوده متحدا کي مائنس الطاف حسين سمجهيو وڃي. هي انهن جي پنهنجي صفبندي آهي، پر ماضي ثابت ڪيو ته موجوده متحدا اڳواڻن جو ووٽ بينڪ ناهي، انڪري هو واڳ ڌڻين کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه به ڏئي نٿا سگهن، رڳو پيپلز پارٽي پنهنجو آڱريون ساڙڻ کان پاسو ڪري.