مڪاني چونڊون هجن يا وري عام چونڊون هجن. بين پارٽين ۾ جوڙ توڙ ته ٿيندي رهندي آهي ۽ ايم ڪيو ايم جو اگهه انهن چونڊن ۾ وڌي ويندو آهي. جڏهن کان ايم ڪيو ايم پنهنجو رشتو ايم ڪيو ايم لنڊن کان ٽوڙيو آهي، اها ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي. نتيجي ۾ نه رڳو اها پارٽي سياسي بي چينيءَ جو شڪار رهي پر ايم ڪيو ايم جي ڪک مان پاڪ سر زمين يا فاروق ستار گروپ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيون، انهن پنهنجا سياسي حدف حاصل نه ڪيا. ڪجهه ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم جا سڀئي ڌڙا پاڻ ۾ گڏجي ويٺا. انهن ڌڙن هڪ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان کان پوءِ جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي وئي آهي، ان ۾ نه رڳو نفرت واري ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي، پر اهو پڻ محسوس ٿيو ته ايم ڪيو ايم ان ساڳي روپ ۾ موٽي آئي آهي، جيڪو روپ ماضي ۾ هن جي سڃاڻپ رهيو آهي. اهو ساڳيو دڙڪو، سنڌي قوم خلاف ساڳي نفرت ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي اچڻ تي اعتراض وارڻ واريون ڳالهيون پڻ ٿينديون رهيون. ڪراچيءَ جي اڳوڻي ميئر ۽ پي ايس پي جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جو لهجو اهو ساڳيو ئي هو، جڏهن هو ڪراچيءَ جو ميئر هوندو هو ۽ وڏي هوڏ سان ڳالهائيندو هو.
ايم ڪيو ايم جي شڪل ڪهڙي به هجي پر هن جي سياست جي صورت تبديل نٿي ٿي سگهي. اها ان ڪري جو ايم ڪيو ايم اڄ به مهاجرن جي نالي تي سياست ڪري ٿي. ان جا اردو ڳالهائيندڙن جي هڪ خاص آباديءَ سان جڙيل آهن. جيتوڻيڪ اها ڪئين سال اڳ مهاجر قومي موومينٽ مان متحده قومي موومينٽ بڻجي چڪي آهي پر تنهن هوندي به اها پنهنجي سياسي مزاج کي تبديل ڪونه ڪري سگهي آهي. سنڌ ۾ هن وقت ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ سان گڏ آهي، اها پنهنجون فرمائشون پيش ڪندي رهندي آهي ۽ پيپلز پارٽي انهن فرمائشن کي بنا دير پورو ڪندي رهندي آهي.
جڏهن ايم ڪيو ايم اهو چيو ته اها 15 جنوريءَ تي چونڊون ٿيڻ نه ڏيندي ته پيپلز پارٽي نه رڳو ان جي حمايتي ٿي بيهي رهي پر ان صوبائي اليڪشن ڪمشنر درخواست ڪئي ته 15 جنوريءَ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊون حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ ملتوي ڪيون وڃن. پر اليڪشن ڪمشن سنڌ حڪومت جي درخواست تي عمل نه ڪيو ۽ پنهنجو فيصلو ڏيندي چيو ته هر حال ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ چونڊون ٿينديون. ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم 2002ع ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ به مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ جي ميئرشپ جماعت اسلامي ڏانهن هلي وئي هئي. ان کان پوءِ 2005ع وارين چونڊن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ميئرشپ ايم ڪيو ايم ماڻي ورتي هئي. ايم ڪيو ايم پاران بائيڪاٽ ڪرڻ يا حڪومت کان ڌار ٿيڻ وارو سلسلو سدائين هلندو رهندو آهي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ وري اها حڪومت ۾ به ويٺي هوندي آهي ۽ اتحادي پارٽيءَ کي ساراهيندي به رهندي آهي. ڪجهه عرصو اڳ تائين ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ جي اتحادي هئي. جنهن لاءِ عمران خان نيازيءَ جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم کان وڌيڪ نفيس ماڻهو پارٽيءَ ۾ ڪونه آهن. پر ايم ڪيو ايم جي سياست اسٽيبلشمينٽ جي اشاري جي منتظر رهي آهي، تنهنڪري اڄ جڏهن ايم ڪيو ايم هڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان جو مقصد شهري آباديءَ کي هڪ ڀيرو وري ايم ڪيو ايم ڏانهن ڌڪڻ آهي ته جيئن پنهنجي وڃايل ووٽ بينڪ کي ايم ڪيو ايم وري بحال ڪري سگهي ۽ اها شهري آباديءَ لاءِ سياسي قوت طور اڀري سامهون اچي. پيپلز پارٽيءَ جو ڪراچي يا حيدرآباد جي شهري آباديءَ ۾ ايترو ووٽ بينڪ ڪونهي جو اها اتي مڪاني حڪومت ٺاهي سگهي. تنهن هوندي به بلاول ڀٽي زرداري اها دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڀيري حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جا چيئرمين هوندا.
ڌڙن ۾ ورهايل ايم ڪيو ايم کي هڪ ڪرڻ يا ان ۾ ساهه وجهڻ ان ڪري به ضروري آهي جو پي ٽي آءِ جي ووٽ بينڪ کي ختم ڪرڻو آهي ته جيئن اها شهري آباديءَ جي مستقل ووٽ کڻندڙ جماعت نه بڻجي وڃي. اهڙي ريت شهري آباديءَ لاءِ پيپلز پارٽي ٽين آپشن طور به سامهون نٿي اچي. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به شهري علائقن ۾ ان حساب سان ڪم ئي ڪونه ڪيو آهي يا ڪرڻ ئي ڪونه ڏنو ويو آهي، جيئن اها ننڍن شهرن يا ٻهراڙين ۾ ڪندي رهي آهي. ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ ان وٽ اهي اليڪٽيبلز آهن، جيڪي هر صورت ۾ ووٽ کڻي اچن ٿا ۽ پيپلز پارٽيءَ کان پنهنجا مفاد پورا ڪرائيندا آهن پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سنڌي آبادي گهڻي ڀاڱي پنهنجا ووٽ اڃا تائين به وڏن شهرن ۾ داخل ڪونه ڪرائي سگهي آهي. تنهنڪري اها آبادي چونڊن وقت وري به پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ووٽ وجهڻ ويندي آهي. ان ڪري هڪ وڏي آبادي شهرن ۾ ووٽ ڏيڻ کان محروم رهجي ويندي آهي.
پيپلز پارٽيءَ کي بنگالين ۽ برمين جي ووٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ جي ڳڻتي هوندي آهي پر هن ڪڏهن اها ڪوشش ڪونه ڪئي آهي ته ڪراچيءَ ۾ آباد سنڌين جا ووٽ داخل ڪرائجن يا وري انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ اتي ٺهرائي ڏجن يا وري سنڌين جي ڪچين آبادين کي پڪو ڪيو وڃي. جڏهن پيپلز پارٽي انهن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ته پوءِ سنڌي ماڻهو به ان دلچسپي نٿا وٺن ته انهن جو ووٽ ڪٿي داخل ٿيل آهي. ان ڪري جڏهن به چونڊون ٿينديون آهن ته شهري علائقن مان پيپلز پارٽي ووٽ ڪونه کڻي سگهندي آهي.
2018ع وارين چونڊن ۾ اهو تجربو ٿيو ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ ڪري پيو هو، ان جو هڪ سبب ايم ڪيو ايم مان الطاف حسين جو مائنس ٿيڻ هو ۽ ٻيو سبب ايم ڪيو ايم جو ڌڙن ۾ ورهائجي وڃڻ هو. ان جو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيو ۽ ڪراچيءَ مان ئي هن جا ڪيترائي نمائندا چونڊجي ويا هئا. جيڪي پوءِ سنڌين خلاف ئي زهر اوڳاڇڻ لڳا ۽ اڃا تائين به اوڳاڇي رهيا آهن. جيئن پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي ڪجهه ڏينهن اڳ فرمايو ته ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي مهاجر آهن. اهو عجيب مثال آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪنهن شهر ۾ ڪم ڪندڙ ڌرتي ڌڻي مهاجر ٿي ويا پر جيڪي ٻين ملڪن ۽ ٻين صوبن کان آيل آهن، اهي مهاجر ڪونه آهن. جڏهن ته ايم ڪيو ايم اڃا تائين پنهنجي مهاجر هجڻ واري ڳالهه تي قائم آهي، اها ته هاڻ مهاجر ڊي به ملهائي ٿي ۽ ان کي هڪ ثقافت جو نالو ڏئي ٿي.
هاڻوڪين مڪاني چونڊن ۾ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جا اميدوار ڪامياب ٿين ٿا، انهن جو سڀ کان اهم ترين ڪم اهو هجڻ گهرجي ته اهي هيٺئين سطح تي جيڪي به مسئلا آهن، انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي وري هڪ ڪرڻ سان اڳيان هلي سياسي صورتحال ڪهڙي ٿيندي ۽ اها پنهنجو ووٽ بينڪ وري بحال ڪرائي سگهندي يا نه، اهو ايندڙ وقت به طئي ٿي ويندو. پر جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ساڳي لساني سياست ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ سنڌ کي ئي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.