نه معيشت سياست کان الڳ آهي نه سياست معيشت کان الڳ. مختلف نالن ۽ نعرن سان ٺاهيل سياسي پارٽيون اصل ۾ مختلف طبقن جي معاشي مفادن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ۾ مصروف آهن. مسلم ليگ نواز جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيل اتحاد جي وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف وچ ۾ هاڻوڪو جهڳڙو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. عمران خان گذريل سال عدم اعتماد واري رٿ ذريعي وزيرِ اعظم جي ڪرسيءَ کان محروم ٿيندي ئي حڪومت مخالف مهم تيز ڪري ڇڏي هئي. سندس ايم اين ايز جون استعيفائون، ڌرڻا، لانگ مارچ، ميڊيا مهم توڙي عدالتي فريادون وغيره ان سلسلي جي ئي ڪڙي هيون. انهن احتجاجن دوران ئي خان صاحب پنجاب ۽ خيبر پختونخواه جون صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندو، جن ۾ سندس پارٽيءَ جي حڪومت هئي.
نيٺ پنجاب اسيمبليءَ کان شروعات ٿي ۽ پوءِ خيبر پختونخواه جي وڏي وزير به اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صوبي جي گورنر ڏانهن سمري اماڻي ڇڏي. هينئر جڏهن اوهان هيءُ ليک پڙهي رهيا آهيو، آئيني گهرج موجب اسيمبلي تحليل ٿي چڪي هوندي. مرڪز ۾ وزيرِ اعظم شهباز شريف خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ لاءِ عمران خان قومي اسيمبليءَ ۾ واپس وڃڻ جو اعلان ڪيو ته اسپيڪر تحريڪِ انصاف جي مستعفي ايم اين ايز منجهان 34 جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون، جن کي اليڪشن ڪميشن فوري طور تي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو آهي. هڪڙي پاسي عمران خان ۽ سندس اتحادي آهن جيڪي مرڪزي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي پٺيان آهن ته ٻئي پاسي حڪمران مسلم ليگ نواز آهي جيڪا ظاهري طور بهادريءَ سان ٻنهي صوبن يعني پنجاب ۽ خيبر پختونخواه ۾ ضمني چونڊون وڙهڻ لاءِ تيار آهي. ٻين لفظن ۾ اها سمجهي ٿي ته مرڪز ۾ سندس حڪومت ختم نه ٿي سگهندي. ڪا به بي اعتمادي رٿ سندس تڏا ويڙهه ڪرائي سگهڻ جي سگهه نه ٿي رکي. ٻنهي صوبن ۾ صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ کانپوءِ اتي نگران حڪومت قائم ڪرڻ ۽ صوبائي اسيمبليءَ لاءِ چونڊون ڪرائڻ جو هدف هوندو. مسلم ليگ نواز جي قيادت واضح طور تي چيو آهي ته ڀل ڇا به ٿي وڃي، قومي اسيمبلي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي. قومي اسيمبليءَ لاءِ عام چونڊون مقرر وقت تي يعني هن سال آڪٽوبر يا نومبر مهيني اندر ئي ٿينديون.
بهرحال، جيڪڏهن وقت کان اڳ عام چونڊون ٿيون، پوري ملڪ اندر چونڊون ٿيون ته نواز ليگ ۽ سندس اتحادين لاءِ ضروري هوندو ته اهي ٻه ڀاڱي ٽي سيٽون کٽن. پر جيڪڏهن وقت کان اڳ عام چونڊون نه ٿيون ٿين ۽ رڳو ٻن صوبن اندر ئي ٿين ٿيون ته ان صورت ۾ نواز ليگ ۽ سندس اتحادين لاءِ اها للڪار هوندي ته تحريڪِ انصاف انهن ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي نه ماڻي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ تحريڪِ انصاف جي ڪاميابيءَ لاءِ ماحول وڌيڪ سازگار بڻجي ويندو.
مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ طلال چوڌري بين الاقوامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته ايندڙ عام چونڊن کان اڳ اهو طئي ٿي وڃڻ گھرجي ته چونڊون ڪيئن ۽ ڪهڙي ماحول ۾ ٿيڻيون آهن؟ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ اڄ يا سڀاڻي، پنهنجي وقت تي يا وقت کان اڳ، جڏهن به چونڊون ٿيون، انهن جا نتيجا ڪير به نه قبوليندو ۽ موجوده سياسي گھوٽالو نه رڳو جيئن جو تيئن قائم رهندو بلڪه صورتحال اڃان به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. ساڳي نموني جيڪڏهن عمران خان پنهنجو پاڻ کي داناءَ سياستدان سمجهي ٿو. جيڪڏهن هُو پنهنجو پاڻ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جو وزيرِ اعظم بڻجڻ جو حقدار ۽ لائق سمجهي ٿو ته اها لائقي ثابت ڪرڻ جو هينئر کان وڌيڪ بهتر ڪو ٻيو وقت ڪونهي. کيس چونڊ سڌارن بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ حڪمران سياسي جماعت سان ڳالهين جي ميز تي ويهڻو پوندو.
قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ هڪڙي ئي وقت چونڊون نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪڙي پاسي ملڪي خزاني تي خرچ جو اضافي بار پوندو ته ٻئي پاسي آئيني حوالي سان پڻ بحران پيدا ٿي پوندو. پنجاب ۽ پختونخواه ۾ عام چونڊن کان اڳ عبوري حڪومتن جي قيام تي مسئلو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته نگران وڏي وزير جي مقرري صوبي جي وڏي وزير ۽ اسيمبليءَ ۾ موجود مخالف ڌر جي اڳواڻ جي صلاح سان ئي ٿيندي آهي. يقينن موجوده روين سان اها صلاح بيهڻي ڪانهي. آئيني طور تي جيڪڏهن اهي ٻئي همراه متفق نه ٿا ٿين ته پوءِ قائم مقام وڏي وزير جي مقرريءَ وارو فيصلو اليڪشن ڪميشن جي اختيار ۾ هليو ويندو. ظاهر آهي گھٽ ۾ گھٽ عمران خان ته اهڙي ڪا به مقرري قبول نه ڪندو، جيڪا سندس ڏانءَ وٽان نه هجي. پوءِ ڀل ان مقرريءَ جي پٺيان اليڪشن ڪميشن بيٺي هجي يا سپريم ڪورٽ. ان صورت ۾ به گهوٽالو پڄاڻيءَ کي نه پهچندو. ان کان سواءِ انتظامي معاملا به پيدا ٿيندا. جهڙوڪ: قائم مقام حڪومت دوران مختلف آفيسرن جي مقرري ۽ بدليءَ جو معاملو يا وري ٻنهي صوبن جي حڪومتن جي قيام کان بعد جڏهن 10 مهينا بعد ۾ مرڪزي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿينديون ته ان وقت اهي صوبائي حڪومتون يقينن مداخلت ڪنديون. پنهنجو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪنديون.
اتحادي مرڪزي حڪومت جنهن ۾ خاص ڪري پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جهڙيون وڏيون ۽ تجربيڪار سياسي پارٽيون موجود آهن. جن سان مولانا فضل الرحمان جهڙو گٺل پيٺل سياستدان به موجود آهي. جن کي خبر آهي ته وقت کان اڳ ٿيندڙ چونڊون ڪنهن به ريت سندن حق ۾ نه هونديون. ان ڪري اهي به قومي اسيمبليءَ کي سندس آئيني مدي پوري ڪرڻ تائين بچائي رکڻ لاءِ هر قسم جو جتن ڪندا.
هڪڙي پاسي ملڪ جي معاشي حالت ڏيوالي نڪرڻ تي وڃي پهتي آهي. سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي اڪثر آبادي اڃان تائين گذريل سال واري مينهن ۽ ٻوڏ جي تباهين منجهان نه نڪتي آهي. ٻئي پاسي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جا اهي حال آهن جو اهي عقل سکڻ لاءِ تيار ڪونهن. آئين ۾ اها گنجائش به آهي ته ملڪ جي صورتحال کي جيڪا نازڪ آهي نظر ۾ رکندي قومي اسمبليءَ جي پنجن سالن واري مدي کي هڪڙو سال وڌائي ڇهه سال ڪيو وڃي. جڏهن ته ائين ڪرڻ سان اهو خطرو ته موجود رهي ٿو ته متان سپريم ڪورٽ ائين نه ڪرڻ ڏئي يا وري سياسي حوالي سان اڳ ئي موجود بحران اڃان شدت اختيار ڪري وٺي پر جيڪڏهن ملڪ جي معاشي صورتحال ساڳي رهي ۽ معيشت جو ٻيڙو ڪنڌيءَ نه ٿو لڳي ته آئين جي ڪجهه مخصوص شقن جو فائدو وٺندي ايمرجنسي به لاڳو ڪري سگهجي ٿي. وقت کان اڳ چونڊن وارو مطالبو اتي ئي پيو هوندو مٿان هڪڙو سال وڌي نه وڃي.
گذريل سال اپريل مهيني ۾ تحريڪِ انصاف جي ايم اين ايز استعيفائون ڏنيون هيون جن منجهان 11 استعيفائون ان وقت ئي قبول ڪري انهن تڪن تي ضمني چونڊون ڪرايون ويون هيون. جڏهن ته ٻين لاءِ اسپيڪر صاحب چيو هو ته انهن جي هڪ هڪ ڪري جانچ پڙتال ڪئي ويندي، يعني اها تسلي ڪئي ويندي ته انهن واقعي به پنهنجي مرضي ۽ ارادي مطابق استعيفائون ڏنيون آهن يا معاملو ڪجهه ٻيو آهي. ان زماني ۾ راجه رياض ۽ سندس ساٿين استعيفائون نه ڏنيون هيون. تحريڪِ انصاف جو خيال آهي ته هاڻي انهن استعيفائن منجهان 34 قبولڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن راجا رياض کي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ واري حيثيت تي برقرار رکيو وڃي.
پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان حمزه شهباز شريف پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ احد چيمه ۽ محسن نقويءَ جا نالا پيش ڪيا آهن. اهڙيءَ ريت پاڪستان تحريڪِ انصاف ۽ مسلم ليگ (ق) پاران ٽي نالا تجويز ڪيا ويا آهن، جن ۾ اڳوڻو وزيرِ صحت نصير خان، ڪيبينٽ سيڪريٽري احمد نواز سُکيرا ۽ اڳوڻو چيف سيڪريٽري ناصر سعيد کوسا شامل آهن. هن وقت ٻنهي صوبائي اسيمبلين ٽوڙڻ جو مقصد ملڪ اندر سياسي گهوٽالي کي وڌيڪ شديد بڻائڻ جي ڪوشش کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. ان کان سواءِ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي کين ان ڳالهه جو حامي بڻائڻ ته تحريڪِ انصاف ۽ ان جي قيادت اقتدار جي سڪايل ڪانهي. ان اقتدار کي ٿُڏي ڇڏيو آهي. اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ به ڪرڻ ضروري هو ته جيئن ايندڙ عام چونڊن ۾ ڳاٽ اونچو ڪري اچي سگهجي. تحريڪِ انصاف عوام جي ڪمزور يادگيري جو فائدو وٺندي سڀ ڪنهن کي اهو باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ چاهي ٿي ته جيستائين تحريڪِ انصاف جي حڪومت هئي، سڀ ڪجهه ڏاڍو زبردست هلي رهيو هو. بهرحال، موجوده صورتحال ۾ هڪڙي پاسي معاشي بحران ملڪ جون پاڙون لوڏي ڇڏيون آهن ته ٻئي پاسي سياسي بحران سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ غير يقينيءَ واري صورتحال کي تيز ڪري رهيو آهي. جلد ئي ملڪ اندر آئيني بحران پڻ جنم وٺڻ وارو آهي. هڪ اهڙو ملڪ جيڪو بحران در بحران جو شڪار هجي ۽ جنهن جا والي وارث رڳو ان کي کائڻ پٽڻ لاءِ آتا هجن، ڊگهي مدي واري ڪا به پاليسي نه هجي. ان جي روشن مستقبل تي ڪنهن سادي سودي ماڻهوءَ کي ئي يقين ٿي سگهي ٿو.