بالي ووڊ ۾ هميشا بحثن دوران سرخين ۾ رهندڙ اداڪارا ڪنگنا رناوت انڪشاف ڪيو آهي تھ مون پنهنجي فلم ايمرجنسي ٺاهڻ خاطر سڄي ملڪيت گروي رکي ڇڏي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ هاڻ فلم مڪمل ٿي وئي آهي، ظاهر اهو سڀ وڏي سڪون سان ٿيو، پر حقيقت ائين ناهي، مان وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي. هن ٻڌايو تُھ فلم خاطر مون پنهنجي سڄي ملڪيت گروي رکي آهي، شوٽنگ شروع ڪئي تھ ڊينيگي بھ ٿي پيو، پر شڪر آهي تھ هاڻ اهو وقت گذري ويو، اهو ماضي آهي، اسان کي اڳتي ڏسڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close