حڪمرانن ۽ انتظاميه جي بي حسي هونئن ته سموري سنڌ ۾ ٿيندڙ هاڃن، حادثن ۽ سماجي لقائن سان ڏسي سگهجي ٿي. جتي روز ماڻهو جيئن ۽ مرن ٿا. هڪ بي حسي جي انتها ڏسڻي هجي ته اهو ماڻهو بدين ضلعي جي پڇاڙي واري شهر گلاب لغاري ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ اچي ڏسي وڃي. اتي جي بنيادي ڍانچي کي سڌارڻ، سنوارڻ بدران مڪمل ختم ڪيو پيو وڃي. اتي ٺاهيل ڪي اڌ صدي وارا روڊ، رستا ۽ گس هاڻ اکڙجي کڏن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. تازو پيل برساتن هتي جي روڊن ۽ رستن کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهي منظر ڪنهن شهر ۽ ڳوٺ نه پر هڪ برباد ٿيل ويل پراڻي شهر جا ئي لڳن ٿا. جنهن جي ڀرسان اگهم ڪوٽ ماڳ جو شاندار ماضي هن وقت هڪ آثار ۾ تبديل ٿيل ملي ٿو. جنهن تي تحقيق اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. جنهن جي تاريخ بابت جيترا منهن اوتريون ڳالهيون مشهور آهن. پاڻ ڳالهه پئي ڪئي تباهه ٿيل روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي، تازو پراڻي مراه واهه جي پل موري کي ڊهي مهينو ٿيو آهي، جيڪا بحال نه ٿي سگهي آهي. جنهن جي تعمير لا آبپاشي کاتي، ضلعي انتظاميه، ٽائون انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن دلچسپي نه ورتي آهي. ڳوٺاڻن جي طرفان ٽٽل موري تان وڏيون گاڏيون گذرڻ تي بندش لاڳو ڪئي وئي آهي. ننڍي گاڏي لا باقي بچيل موري ڪنهن وقت به ڊهي سگهي ٿي. جنهن لا پڻ ڪنهن تحرڪ نه ورتو آهي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته هتي ڊي سي جي ٽيم دورو ڪرڻ آئي هئي، جنهن کانپو ڪم اڃا تائين مڪمل نه ٿيو آهي. ڳوٺن کي گلاب لغاري شهر سان ملائيندڙ روڊن جي تباهي کانپو گلاب لغاري شهر کي وڏن شهرن، جهڙوڪ حيدرآباد، ٽنڊو الهيار ۽ ماتلي سان ملائيندڙ روڊ به 30 سالن کان تعمير نه ٿيا آهن. هڪ روڊ تازو شيخ ڀرڪيو کان گلاب لغاري ۽ چمبڙ کان گلاب لغاري تائين منظور به ٿيو پر ٽنڊو الهيار مان چونڊيل ڪن طاقتور سياسي ڌرين هنن روڊن جي تعمير وارو ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي روڪرائي ٻين علائقن جا لنڪ روڊ ٺاهڻ لا جتن ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ورلڊ بينڪ ۽ ايشين بينڪ طرفان پڻ گلاب لغاري کان صابن دستي روڊ تائين منظوري ڏني وئي، جنهن جو ڪم پڻ شروع ٿيڻ جو نالو به نٿو وٺي.
گلاب لغاري وارو علائقو مڪمل طور تي زرعي علائقو آهي. هن علائقي جي سون جهڙي زمين سنڌ ۾ ڪٿي ورلي ملي پر پاڻي نه هجڻ جي ڪري اها زمين بنجر بڻيل رهي ٿي. تازو ٻوڏ ۽ برساتن جي پاڻي هن شهر کي زراعت جي حوالي سان ٿوري ترقي ڏني آهي. ٽماٽر، ڪڻڪ ۽ ٻئي قسم جي فصل ۽ سبزين سان ماڻهن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون آهن. 2010 جي ٻوڏ جي وقت به گلاب لغاري ۾ پاڻي آيو هو. هونئن سالن کان هي ماڻهو پاڻي لا سراپا احتجاج رهيا آهن. روهڙي، ڪوٽڙي بئراجن جي چيف انجينئرن کي جيترو گلاب لغاري ۽ ان جون اڃاريون شاخون ۽ ڪڙيا ياد هوندا اوترو کين ڪير به ياد نه رهيو هوندو. ان باوجود هتي مراد واهه، ميران خوري ۽ ٻيون شاخون پاڻي لا پياسيون رهيون آهن. 2012 کانپو هتي مسلسل خشڪ سالي جي ڪري ماڻهن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ وڏي لڏپلاڻ ڪئي هئي. ايتري قدر ڪراچي شهر ۾ هنن جن علائقن کي وڃي وسايو زري گهٽ اتي به هنن پنهنجي ڳوٺًن جا نالا به رکڻ شروع ڪيا هئا. مون کي آبادگارن ٻڌايو ته هن وقت پاڻي سان جيڪو فصل ٿيو به آهي ته ان مان ٽن حصن جي رقم ته گذريل 10 سالن کان کنيل قرض ۾ هلي وئي آهي.
جيتوڻيڪ جنهن وقت اپريل ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ٿي. هتي هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل سڙي ويو هو. مال جانور به اڃ وگهي مري رهيا هئا. ان کانپو تازو سيپٽمبر کانپو آبادگارن، هارين فصل پوکڻ شروع ڪيا. زراعت سان گڏ هتي بنيادي انساني زندگي به سخت متاثر ٿيندي رهي آهي. هن علائقي ۾ زميندارن کانسوا اسڪول جا ماستر. عملو، ٿاڻي جا اهلڪار ۽ دڪاندار ئي ڪجهه رقم ماهوار هٿ ڪري زندگي جو چرخو هلائي سگهندا آهن. ٻي خدا جي خلق ڏهاڙي لا به پريشان هوندي آهي. هن شهر جا هنرمند ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور رهيا آهن. هتي ٺهندڙ زرعي ڪاٺ جي هر ۽ ٻيا زرعي اوزار به مشهور رهيا آهن. واڍڪو ڪم به پنهنجي مٽ پاڻ رهيو آهي. مٽي جي ٿانون واري ڪرت کي به هتي جي ڪنڀارن صدين کان زندهه رکيو آهي. هنن هنرمندن تي ڪا لاجواب اسٽوري لکي سگهجي ٿي. ديهانت ڪري ويل سيٺ لالو مل جي سخاوت جو ڪير مقابلو ڪري سگهي ٿو. سندس اولاد ۾ شامل سيٺ ڪوڏو مل اڄ به ملهه پهلوانن ۾ وڏي سڃاڻپ رکي ٿو. جيڪو هر سال ڀٽ شاهه جي ميلي تي پهچي ملاکڙي ۾ ملهه پهلوانن کي پٽڪن، ڪيش انعام جا تحفا ئي ڏئي ٿو. ملهه راندين ۾ هي گلاب لغاري شهر مشهور رهيو آهي.
تازو مهمان نواز طور مشهوري ماڻيندڙ مرحوم محمد حسن سريوال جي ورسي جي موقعي تي پڻ ملهه جو ملاکڙو ٿيو. جتي سنڌ جي مشهور پهلوانن پنهنجا جوهر ڏيکاريا. هن وقت سندس اولاد ۾ شامل ادا محبوب خان سريوال ملهه پهلوانن جي تنظيم ملهه ايسوسيئيشن جو سرپرست اعلى آهي، جيڪو تازو لغاري اتحاد سنڌ جو صدر به مقرر ٿيو آهي، ملهه سان گڏ ڪرڪيٽ راند ۾ به نوجوانن پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن. گلاب لغاري ۾ ورهاڱي کان پهرين جا ٺاهيل ڪي خالي اداس پيل گهر اڄ به ورهاڱي جي زخمن کي تازو ڪن ٿا. هتي پيرسني ۾ پهتل ماڻهو سستي علاج لا ترسن ٿا. عيسو فقير ناهي ته هن شهر ۾ ڇم ڇم جا جيڪي ساز ڇڙندا هئا، اهي به هاڻ بند ٿيا آهن.
هاڻي ته روزاني بدران ڪنهن ڪنهن وقت اهي ساز وڄن ٿا. دل ڌڙڪي ٿي ۽ نوجوانن جا جسم رقص ۾ جهومن ٿا. صوفين، متولين، بزرگن جو شهر به گلاب لغاري آهي. مشهور صوفي بزرگ محمد فقير کٽياڻ به هن شهر جي ڀرسان آباد نانگن فقير جي آشرم، آستاني تي آيو هو. مولوي احمد لغاري پيرن پنڌ حج تي به هن شهر مان پهرين قدم کنيا هئا. جنهن پنهنجو ڇا ته سفرنامو لکيو آهي. جيڪو شايع ڪيو وڃي ته بهترين ڄاڻ پئي ماڻهن کي ملندي. هن ان وقت جي مشهور سياستدانن سان دوستي جا قصا لکيا آهن. هن جي لکت اهڙي شاندار آهي، اوهان ڏسندو ته چوندا هي هٿ جي لکائي نه پر ڪمپيوٽر جي لکائي آهي. گلاب لغاري جي ڀر ۾ رهندڙ مرحوم حاجي خان انڙ به جاکوڙي ڪردار رکندڙ شخص ٿي گذريو آهي. حافظ عمر لغاري پڻ وڏو ڪاتب ٿي گذريو آهي. هن شهر ۾ جبار فقير جي حجام واري دڪان تي رڳو ڪو ويهي رهي ته راڳ جي وڏن نالن جا داستان کلي پون ٿا. هن جو ڏاو ڦل فقير مڱڻهار وڏو گويو هو، هن وٽ ڦل فقير جو ڇڏيل يڪتارو ۽ چپڙي جو پراڻو ساز به پيل آهي. هي ٻڌائي ٿو ته اهو ڪي 110 سال پراڻو آهي. سندس وڏا مشهور راڳي هئا. اسماعيل فقير به وڏو گويو ٿي گذريو آهي. ڦل فقير پنهنجي مرشد مها ولي جي در تي چوڪي ڏيندو هئو. جتي جبار فقير اڃا به حاضري ڀري ٿو. سموري سنڌ جي شهرن جيان هن شهر ۾ به ٻه شهر آهن. جڏهن شام جا ڪي 8 ٿيندي ئي هي شهر سمهي رهندو آهي پو ٻيو شهر جاڳندو آهي، هڪ نوجوان نسل به سياسي شعور سان تيار ٿيل گلاب لغاري جي تاريخ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جمن شاهه شهيد به هتي دفن آهي، ستين جو قبرستان به هتي آهي. مولوي اسماعيل سومرو جي مزار به هتي آهي. جنهن جي علم جو عروج گلاب لغاري کان ٺٽي تائين پيو ڳائبو هو. جنهن جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ميلو به لڳي ٿو. انڪري گلاب لغاري کي تباهي کان بچائڻ لا سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو.