ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خوراڪ جي کوٽ جو شڪار لکين ماڻهو

Editorial

پاڪستان ۾ هن وقت خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو سنجيده نوعيت جو ٿي ويو آهي. گذريل سال آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، سا ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن ڪري عام ماڻهوءَ جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي. خوراڪ جي کوٽ جي ڪري اسمن جا اگهه وڌي ويا آهن، عوام جي خريد واري قوت گهٽجي وئي آهي ۽ ان کان سواءِ پاڪستان جي هاڻوڪي معاشي صورتحال به ڳنڀير لڳي پئي آهي. ڪيتري وقت کان ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. آءِ ايم ايف جا نوان شرط قبولڻ کان پوءِ جيڪو مهانگائيءَ جو طوفان اچڻ وارو آهي، ان سان عوام جي چيلهه چٻي ٿي ويندي ۽ ان لاءِ ٻن ويلن جي ماني کائڻ به مسئلو ٿي ويندو. ملڪي معيشت رڳو آءِ ايم ايف تي ڀاڙي رهي آهي. پئسو نه هجڻ ۽ روزگار جا وسيلا نه پيدا ٿيڻ سبب ماڻهن ۾ گهڻي مايوسي آهي. پر تنهن هوندي به حڪومت انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو عوام جو ڀيٽ ڀرڻ آهي. پر جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام جي کاڌي پيتي جو مسئلو به حل نٿي ڪري سگهي ته پوءِ ان کي حڪومت ۾ رهڻ جو ڪو حق ڪونهي. ڪالهه جيڪا رپورٽ عالمي بئنڪ پاران جاري ڪئي آهي. اها ڳڻتي جوڳي آهي.
مُلڪ ۾ لکين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، عالمي بئنڪ ڇرڪائيندڙ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل چوماسي دوران سخت برساتن ۽ بدترين ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ سٺ لک ماڻهو خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. عالمي بئنڪ جي فوڊ سيڪيورٽي جي جاري ڪيل تازي رپورٽ موجب ٻوڏ جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا، لکين ڍور مري ويا. جڏهن ته نوَ ڏهائي چار ملين ايڪڙ ايراضي تي بيٺل فصل مڪمل طور تباهه ٿي ويا، سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻوڏ کان پوءِ مُلڪ ۾ کاڌي پيتي واري شين جي اگهن ۾ واڌ آئي. آڪٽوبر 2021ع ۾ مهانگائي جي شرح 8 ڏهائي 3 سيڪڙو هئي، جيڪا مارچ 2022ع ۾ 15 ڏهائي 3 سيڪڙو ۽ ٻوڏ کانپوءِ سپٽمبر ۾ 31 ڏهائي 7 سيڪڙو تي پهچي چڪي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي طور تي ڏکڻ ايشيا ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين، مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۽ مقامي ڪرنسي جي قدر ڪِرڻ سبب مهانگائي ۾ واڌ جو رجحان آهي جنهنڪري کاڌي پيتي وارين شين جا اگهه به وڌي رهيا آهن. رپورٽ موجب بنگلاديش ۾ ڊسمبر دوران مهانگائي جي شرح ۾ ساليانو بنيادن تي ست ڏهائي نوَ سيڪڙو، نيپال ۾ ۾ ست ڏهائي چار سيڪڙو، پاڪستان ۾ 35 ڏهائي 5 سيڪڙو مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته چوماسي دوران ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ڪجهه علائقن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پيون. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ گهٽ مينهن وسيو، جنهنڪري خوراڪ جي پيداوار ۾ رنڊڪ پيدا ٿي جنهن جا اثر هاڻي سامهون اچي رهيا آهن.
مٿئين رپورٽ ۾ مهانگائي بابت جيڪي به انگ اکر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جا ڏنا ويا آهن، انهن موجب سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پاڪستان ۾ٿي آهي. جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ مهانگائيءَ جي شرح ايتري ناهي وڌي ۽ جيڪڏهن وڌي به آهي ته اتي 60 لک ماڻهو بک جو شڪار ڪونه آهن. جنهن ملڪ ۾ اٽي لپ لاءِ به ماڻهو پريشان هجن ته ان ملڪ ۾ ڪيتري مهانگائي ٿي سگهي ۽ ماڻهو ڪيترا پريشان رهي سگهن ٿا، ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي. هن صورتحال ۾ عوام ڪيئن جيءَ رهيو آهي، اها عوام کي خبر آهي. اسين سمجهون ٿا ته لکن جي انگ ۾ بک وگهي پريشان رهندڙ ماڻهن لاءِ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن انهن کي خوراڪ نصيب ٿي سگهي ۽ اهي جيئڻ جهڙا ٿي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button