“ڪهاڻي زندگي آهي ۽ زندگي ڪهاڻي آهي.” جهڙا لفظ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاريءَ پاران نوجوان ڪهاڻيڪار زاهد منگيءَ جي ڪهاڻين جي مجموعي “خوشي” جي مهاڳ ۾ چيا ويا آهن، جيڪي ان ڳالهه جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهن ته انساني زندگي ڪهاڻين جو ئي هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي. زندگيءَ جو هر پاسو ڪنهن نه ڪنهن ڪهاڻيءَ تي ٻڌل لڳي ٿو. ڪا ڪهاڻي ڏک ۽ پيڙائن جو عڪس آهي ته ڪا اندر جي احساسن جي ترجمان بڻجي اکين اڳيان اڀري ٿي. ڪڏهن سماج ۾ ٿيندڙ انيا ته ڪڏهن وري عقيدن جو روپ ورتل ڪهاڻي زندگيءَ جي اهنجن ۾ واڌ ڪري ٿي. ڪڏهن ڪهاڻي خوشيءَ جي حاصلات لاءِ سماج جي رائج قانونن کي ٽوڙڻ جو نالو بڻجي ٿي ته ڪڏهن وري حالتن جي جبر هٿان زندگيءَ جو انت اچڻ کي ڪهاڻي چئجي ٿو. زاهد منگي ڪهاڻيءَ جي انهن سڀني شڪلين کي قلمبند ڪري صاحبِ ڪتاب اديبن جي دنيا ۾ پير پاتو آهي. سندس موضوع سماج جي مسئلن جي چوڌاري ڦرن ٿا. مون کي ان حوالي سان هڪ فلم جو ڊائيلاگ پيو ياد اچي، جنهن ۾ هڪ ڪردار ٻئي خودغرض ڪردار کي چوي ٿو ته “پنهنجي تڪليف ته جانور به محسوس ڪندا آهن، انسان ته اهو آهي جيڪو ٻين جي تڪليف کي محسوس ڪري.” زاهد جي ڪهاڻين جا ڪردار به اهي ڌڪاريل ۽ ڏکويل ماڻهو آهن جن جي اهنجن جو درمان فقط ڪهاڻين ۽ قصن ۾ ٿئي ٿو.
اچو ته سندس ڪتاب ۾ موجود چونڊ ڪهاڻين جو سراسري جائزو وٺون. سندس ڪهاڻيون “پڙُ”، “ڀوري مينهن”۽ “ٽڪيٽ” مدِ خارج پير پرستيءَ ۽ وهم پرستيءَ کان نفرت جي اظهار تي ٻڌل آهن. سنڌ جهڙي خطي ۾ جتي ماڻهو وهمن ۽ وسوسن ۾ وڪوڙيل آهي ۽ رياستي جبر کان بغاوت بدران فرار وڃي پير پرستيءَ ۾ ڳولي ٿو. اتي اهڙن موضوعن تي لکڻ به ان ڏاڍ خلاف جدوجهد ۾ پنهنجو حصو ڳنڍڻ برابر آهي. سندس ڪهاڻي “خدمت” ڪتاب ڇپيندڙ ادارن جي گھڻائيءَ جي ناانصافين کي چٽي ٿي. ليکڪ پبلشر کان رائلٽي وٺڻ ته ٺهيو ابتو ڪتاب ڇپائڻ جي خرچن ڀرڻ ۾ پورو رهي ٿو. ادارن جي مالڪن جي ٻٽن روين کي چٽيندڙ هيءَ ڪهاڻي ليکڪ جي بيوسيءَ کي پڻ بيان ڪندڙ آهي. ڪهاڻي “قومي شهيد” ڇولا کپائيندڙ هڪ نوجوان جي قتل تي ٻڌل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ نوجوان هڪ سياسي جلسي ۾ ڇولا کپائيندي گولي لڳڻ سبب ماريو وڃي ٿو. جنهن جو ڪو به ازالو نه ٿو ٿئي سندس ورسي ۾ فقط هڪ لقب ملي ٿو سو آهي قومي شهيد.
تنهن کان سوا زاهد جي ڪهاڻي جانورن سان پيار ۽ انهن لاءِ احساس جو اظهار پڻ ڪري ٿي. سندس ڪهاڻي “ٻوٽي” ڪتا مار مهم تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ٽائون ڪاميٽيءَ جو هڪ حساس طبيعت رکندڙ ملازم ڪتن کي ڦٿڪندي نٿو ڏسي سگهي ۽ وڃي بالا آفيسر جي ڪتن کي مارڻ واري حڪم کان بغاوت ڪري ٿو ۽ زهر ڏنل گوشت جو ٽڪرو آفيسر اڳيان اڇلي ٿو. ڪهاڻي “قطار” ۾ ليکڪ حڪومتي نااهليءَ سبب انڪم سپورٽ پروگرام تحت سنڌ جي عورتن جي ٿيندڙ تذليل ۽ سماج جي بي حسيءَ کي موضوع بڻايو آهي. سندس هيءَ ڪهاڻي ڊائيلاگ ۽ پلاٽ جي حساب سان سگهاري آهي. ڪهاڻي “ڪک پتي” موضوع جي حوالي کان وفا صالح راڄپر جي ڪهاڻي “ٻه جريب” سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هنن ڪهاڻين جو موضوع ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم تي ٻڌل آهي. ٻنهي ڪهاڻين ۾ الزام هڻندڙ ڪردار، الزام کي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائين ٿا.
زاهد منگيءَ انساني جبلتي احساسن کي پڻ پنهنجي ليک جو موضوع بڻايو آهي. هن ڪتاب جو عنوان “خوشي” دراصل ڪتاب ۾ شامل هڪ ڪهاڻي جو ئي عنوان آهي. هي ڪهاڻي پلاٽ، تسلسل ۽ منظرنگاريءَ جي حساب سان لاجواب آهي. هن ڪهاڻيءَ جي مکيه ڪردار ياسمين مڙس جو ڌيان نه هئڻ سبب سماج جي رائج اصولن کي اورانگهيندي پنهنجي خوشيءَ جو راز ڪنهن ٻئي شخص ۾ ڳولي ٿي. هن ڪتاب ۾ هونئن ته ٻيون به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن پر جنهن ڪهاڻيءَ مون کي سڀ کان گهڻو متاثر ڪيو سا آهي “الا مان اڏري ويندو سانءِ”. هيءَ ڪهاڻي يونيورسٽيءَ جي هڪ اهڙي شاگرد تي ٻڌل آهي جيڪو عاشق به آهي ته هڪ انقلابي به. شروعات ۾ ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻيءَ ۾ قبائلي ۽ جاگيرداري سماج ۾ عورت جي غلام ۽ سرمائيداري سماج ۾ سندس مارڪيٽ جي وکر واري حيثيت کي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هن ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ غنڊاگردي خلاف بغاوت ڪري ٿو جنهن کي موت جي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو.
اسان کي اڄڪلهه اڪثر اهو ڏسڻ وٽان ملي ٿو ته جيڪو ليکڪ نئون يا مشهور ناهي تنهن سان پراڻن يا مشهور ليکڪن جو رويو ڪو ڍنگ وارو ناهي رهندو. نئين ليکڪ لاءِ اها ڳالهه انتهائي اهميت جوڳي رهي ٿي ته سندس ڪتاب ڪو سينيئر اديب پڙهي پر گھڻي ڀاڱي ٿئي ايئن ٿو ته پراڻن ليکڪن وٽ نون کي پڙهڻ لاءِ وقت ئي ناهي. ڪيترائي اديب سڳورا ڪتابن جي مهورتي تقريبن ۾ به ڪتاب پڙهڻ کان سوا اچي تقرير ڪندي نظر ايندا آهن. سندن ڳالهائڻ جو انداز ئي ٻڌائيندو آهي ته هنن ڪتاب کي کولي به ناهي ڏٺو. زاهد سينيئر اديبن جي اهڙي رويي کي به پنهنجي ڪهاڻي جو موضوع بڻايو آهي. پر سندس “مهمان خاص” ڪتاب جي ليکڪ تي ٿورو ڪندي اهو اعتراف ضرور ڪري ٿو ته هن ڪتاب ناهي پڙهيو. شاعريءَ جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ آيل خاص مهمان هال مان ٻاهر نڪرندي ئي ڊرائيور کي چئي ٿو ته “بس اڇلي ڇڏ ان ڪتاب کي ڪير ٿو پڙهي اها فضول شاعري.”
هن ڪتاب ۾ شامل هڪ ٻي ڪهاڻي “اڳي ايئن هياس” پڻ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن تي ٻڌل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ايڊيٽر جڏهن سندس رسالي جي ڪاميابي جي دور مان گذري ٿو تڏهن کيس هر خاص توڙي عام اديب کيس عزتون ڏئي ٿو. پر جڏهن هو زوال طرف وڃي ٿو ته کانئس چڱا ڀلا واقف به منهن موڙي ٿا ڇڏين. هن ڪهاڻي ۾ ايڊيٽر ته فقط هڪ مثال طور کنيو ويو آهي پر زندگيءَ هر شعبي سان واڳيل ماڻهو جڏهن ڪن سببن جي ڪري زوال پذير ٿئي ٿو ته کانئس ويجها دوست به پري ٿي وڃن ٿا. “ڪڙم قبيلو” ڪهاڻي ۾ صدين کان عوام جو رت چوسيندڙ جاگيرداري ۽ قبائلي نظام کي موضوع بڻايو ويو آهي. هن نظام جنهن ڪيترائي نسل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڪيترن ئي نوجوانن جي خوابن کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو آهي تنهن کي به موضوع بڻائيندي زاهد ان نظام جي بڇڙائپ کي پنهنجي تخليقي پرهئي ۾ شامل ڪيو آهي.
زاهد منگيءَ جون ڪهاڻيون پلاٽ، منظرڪشي، تسلسل ۽ ڊائيلاگ جي حوالي کان تمام سٺيون آهن. ڪهاڻين ۾ ٻولي به ڪردار جي عهدي، رهڻي ڪهڻي ۽ تعليمي حيثيت کي نظر ۾ رکي استعمال ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اهڙيون آهن جن ۾ اها قوت آهي ته اهي سنڌي ادب ۾ پنهنجي اهم حيثيت مڃرائڻ ۾ ڪامياب وڃن.