ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جا اجڙيل قديمي زرعي فارم

Editorial-Article- Ghulam Hussain

سنڌ جو سيڪريٽري زراعت محترم اعجاز احمد مهيسر عدالتي هدايتن تحت سنڌ جي زرعي فارمن جو معائنو ڪري رهيو آهي. پاڻ اتر ۽ ڏکڻ سنڌ جي ڪافي زرعي فارمن جو معائنو ڪري چڪو آهي. هن کان اڳ به ڪيترائي سيڪريٽري صاحبان آيا ويا، جن به فارمن تي پهچي معائنا ڪيا هئا پر ڪنهن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، نه فارمن جي زرعي پيداوار وڌي نه وري قبضا ختم ڪرايا. ٿي سگهي ته سندس هٿ ۾ ڪا شفا هجي جو سنڌ جي زرعي فارمن جي ڪا اوسر ٿئي اهي فعال ٿين ۽ سنڌ سرسبز ٿئي. البت سنڌ ۾ اوائلي دور جي زرعي فارمن تي قبضن جو سلسلو هن وقت به جاري ساري آهي ۽ جيڪي غيرفعال بڻيل آهن، انهن کي فعال بنائڻ ۽ ٻيهر اوسر ضروري آهي.
اطلاع آهن ته گھوٽڪي ضلعي ۾ واقع زرعي تحقيقاتي اداري جو سرحد ويجيٽيبل فارم جو ڪيس سنڌ سمال انڊسٽريءَ سان ھلي پيو، جيڪو زراعت کاتي وونئڻن ۽ ڪمند جي تحقيق لاءِ وجود ۾ آندو هو ۽ انڊسٽريز کاتو زمين تي پنهنجي مالڪي جي دعويٰ ڪندي سمال انڊسٽري اسٽيٽ ٺاھڻ گھري ٿو، جنهن تي زراعت کاتي ۽ مقامي آبادگارن کي اعتراض آهي. هونئن به گهوٽڪي ضلعي ۾ هن قسم جي اسٽيٽ ٺاهڻ لاءِ ٻين هنڌن تي به ڪافي غيرآباد زمينون پيل آهن ته پوءِ سرحد زرعي فارم کي انڊسٽريز کاتو پنهنجي اسٽيٽ بنائڻ لاءِ آخر بضد ڇو آهي؟
سنڌ ۾ زرعي فارمن جي تاريخ ۽ اهميت الڳ آهي. سنڌ موهن جي دڙي واري دور کان زرعي حب رهندي پئي اچي. سنڌ ۾ وونئڻ به ان وقت کان پوکجي رهيا آهن. ڪڻڪ به سنڌ جو قديمي فصل رهيو آهي، موهن جي دڙي ۽ آمري ٻين دڙن توڙي سيوهڻ واري قلعي تان هن وقت به سڙيل ڪڻڪ جا داڻا هٿ اچن ٿا، جيڪي ڀلي ڀت ظاهر ڪن ٿا ته سنڌ ۾ پوکي راهي وارو ڪم قديمي رهيو آهي. سنڌ ۾ زراعت جي حقيقي اوسر ٽالپرن ڪلهوڙن ۽ انگريزن جي دور کان شروع ٿي. سنڌ ۾ زرعي فارم ان مقصد لاءِ قائم ڪيا ويا ته جيئن سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين تائين زرعي تحقيق ۽ زرعي توسيع وسيلي ڄاڻ ڏئي نوان ٻج، نوان ميوا، نيون ڀاڄيون ۽ ٻين مختلف فصلن جا ٻج پيدا ڪري انهن جي في ايڪڙ اپت وڌائي وڃي. سنڌ ۾ سيٺارجا، پڊعيدن، گهوٽڪي، عادلپور، ڪچو ٻنڊي، ڏهرڪي، لوڊرا، رڪ، اڏيرو لعل، باران، ڪوهستان، گولاڙچي، ڌاڌرڪو، پنگريو، ميرپورخاص، دادو، ڏوڪري، نئون ديرو، لاڙڪاڻو، ٺٽو، ملير، لانڍي، لالو کيت نرسري سميت وڏي انگ ۾ ٻيا به ننڍا وڏا زرعي فارم هئا، جن جو نالو پوري ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر به هو ۽ سنڌ به معاشي طور مضبوط هئي، جو سنڌ جو آبادگار عام ماڻهو خوشحال رهيو.
زرعي فارمن جي اهميت جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پنگريو، اڏيرو لعل، سيٺارجا، پڊعيدن ۽ گهوٽڪي فارم مختلف جنسن جا ٻج وڌائڻ جي لحاظ کان وڏي اهميت وارا سڏيا ويندا هئا، جتي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان عمارتون ٺهيون ۽ زرعي اوزار ٽريڪٽر خريد ڪري زراعت جي سڌريل سائنسي طريقن تي تحقيق ٿيندي هئي، جيڪا ڏسڻ لاءِ آبادگارن جا ميلا متل هوندا هئا. عالمي ادارن هنن فارمن جي ترقي ۽ تحقيق کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ائڊاپٽو ريسرچ جو پروگرام روشناس ڪرايو جنهن تحت الڳ ڊئريڪٽوريٽ قائم ٿي ڪروڙين ڊالرن جي مالي مدد ڪئي وئي جنهن سان سنڌ جي زرعي فارمن جي اهميت وڌي زرعي ڊگري ۽ ڊپلوما رکندڙ نوجوانن لاءِ روزگار جا ذريعا وڌيا، فارمن تي ڪم ڪندڙ هارين جو حوصلو وڌيو. هن وقت ائڊاپٽو ريسرچ بدران ميجر ۽ مائنر ڪراپس ۽ فارمز نالي سان ڊئريڪٽوريٽس ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي فنڊن جي اڻاٺ ۽ ٻين ڪجهه ڪوتاهين سبب اهي نتيجا نٿيون ڏئي سگهن جو وٽن وسيلا به گهٽ آهن ۽ ڪجهه ٻيا سبب ٿي سگهن ٿا.
سنڌ جي زرعي توسيع توڙي تحقيقي زرعي فارمز کي ڌارين سان گڏ پنهنجن به تباهي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن هنن فارمن جو عروج هو ته ان وقت سينيئر آفيسرن کي نظرانداز ڪندي گهٽ گريڊ جي معمولي قابليت رکندڙ زرعي ملازمن کي اڳتي آندو ويو، جن وڏن ڪامورن جا آله ڪار بڻجي فارمن کي تباهي ڏانهن ڌڪيو ۽ فارمن جي زمينن تي قبضا به ٿيڻ شروع ٿيا، سرڪاري ٽريڪٽر ۽ ٻي مشينري غائب ٿيڻ لڳي جنهنڪري به اپت گهٽجڻ لڳي.
زرعي فارمن تي قبضن جي شروعات اسي واري ڏهاڪي ۾ ان وقت ٿي، جڏهن وفاق جو هڪ ڪامورو امپورٽ ڪري سنڌ ۾ ڊئريڪٽر جنرل جي ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو، جتان زرعي فارمن جو زوال شروع ٿيو. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جا زرعي فارم نقصان هجڻ جو بهانو بڻائي انهن کي ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪيو ويو. ڪجهه زرعي فارم سنڌ سيڊ ڪارپوريشن حوالي ڪيا ويا جنهن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، موراڳو سيڊ ڪارپوريشن جو سڪرنڊ پلانٽ به بند ٿي ويو.
سنڌ ۾ هن وقت جيڪو به هڪ اڌ زرعي فارم بچيل آهي، اهو به ڪنهن زرعي تحقيق بدران هارين جي مدد سان واپاري بنيادن تحت پوکي راهي لاءِ ڪم پيو ڪري يا وري هارين ۽ مقامي ماڻهن جي والار جو شڪار آهن جو قبضو ڪندڙ يا ته بااثر آهن يا وري قبضو ڪندڙن جي مدد ڪئي پئي وڃي. فارمن جا انچارج آفيسر انهي ڪري بيوس آهن جو انهن جي مالڪي نٿي ڪئي وڃي يا عدالتن سان رجوع ڪرڻ لاءِ کين وڪيل ڪرڻ جي سهولت مليل آهي. سرڪاري وڪيل به خرچ گهرن ٿا. سنڌ جي زرعي فارمن جي اربين کربين رُپين جي زمين ان ڪري به قبضن هيٺ آهي جو روينيو جي مختيارڪارن ۽ تپيدارن انهن زمينن جي رڪارڊ تي ڪا به داخلا ناهي رکي، جنهنڪري به قبضا ٿين ٿيا. ڪافي هنڌن تي بينظير هائوسنگ اسڪيم جي نالي سان به زرعي فارمن تي والار ٿيل آهي ته ڪن تي وري با اثرن به والار ڪرائي آهي جن کي به ڪير چئي يا چئي سگهي ٿو.
عادلپور زرعي فارم جيڪو نوي ايڪڙن تي ٻڌل آهي، عدالت اهو فارم کاتي کي ڏياريو آهي پر ڪامورا اڃا تائين ان جو قبضو وٺي ناهن سگهيا نه ڪير سنڌ جي قومي زرعي فارمن جي تباهيءَ جي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، نه وري سرڪار به ڪنهن کي ذميوار بنائڻ جي اهليت رکي ٿي، جو ڪو به سرڪاري ملازم ڪنهن به جهيڙي ۾ پوڻ نه چاهيندو. بهرحال سنڌ جي زراعت کي هٿي وٺرائڻي آهي ته سنڌ جا سمورا قديمي ۽ قومي تباهه حال زرعي فارم ٻيهر فعال ڪرڻا پوندا، جنهن لاءِ بيروزگار زرعي گريجوئيٽن ۽ ڊپلوما هولڊرن کي انٽرشپ بنيادن تحت زرعي فارمن تي مقرر ڪرڻ لاءِ صاف شفاف نئون پراجيڪٽ آڻڻو پوندو، جنهن ۾ سمورا نه سهي پر ماضي جي مک پنج زرعي فارمن کي ماڊل زرعي فارم بنائڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button