ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اُبتي سوچ

Editorial-Article- Asar Imam

اسان جي سماج ۾ عمومي سمجهه ڪيترن ئي معاملن ۾ اُبتي آهي. مثال طور هڪڙو مشهور مفروضو يا سوچ اها آهي ته جيڪو جتي آهي، اتي خوش آهي. يعني جيڪو جهڙي حال ۾ آهي، خوش آهي. حقيقت به ائين آهي ڇا؟ ان باري ۾ تنقيدي ٿيڻ بدران عام طور تي اسان جي سوچ سهمتي بڻجڻ واري هوندي آهي. يعني جڏهن اسان جي اڳيان ڪو ماڻهو اها ڳالهه ڪندو آهي ته بس الله جو جهان آهي، پيو ٿو هلي. جيڪو جتي آهي، خوش آهي. ته اسان ان ڳالهه کي تنقيدي نظر سان ڏسڻ يا ان جي عقلي بنيادن تي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بدران ان سان سهمتي ڏيکاريندي ڪنڌ لوڏيندا آهيون. ڳالهه ڪرڻ واري سان ها ۾ ها ملائيندا آهيون. “بلڪل ائين آهي” چئي ڇڏيندا آهيون. حقيقت اها آهي ته اسان انڪار ڪرڻ سکيا ئي نه آهيون. ماءُ جي جهوليءَ کان وٺي اسڪول تائين اسان کي رڳو فرمانبرداري ئي سيکاري ويندي آهي. مڃڻ، قبولڻ ۽ ڪنڌ جهڪائڻ سيکاريو ويندو آهي. اسان انڪار ڪرڻ جي جرئت وڃائي ويٺا آهيون. انتهائي مذهبي ماڻهو به اقراري رويي سان جيئندا آهن. حالانڪه جيڪڏهن انهن عقل جو استعمال ڪيو هجي ته کين پتو پئجي وڃي ته مذهب جي ابتدا ئي انڪار کان ٿئي ٿي. اصل مسئلو ئي انڪار سان ٿو ٿئي. جيسيتائين توهان انڪار نه ٿا ڪريو تيسيتائين اوهان سڀ ڪنهن جي اکين جو ٺار لڳا پيا هلندئو. جتان انڪار ڪرڻ شروع ڪندئو، جتان پڇا ڳاڇا شروع ٿئي ٿي. جتان سوال پڇڻ ۽ مڃڻ کان اڳ ۾ سمجهڻ واري ڳالهه اچي ٿي اتان کان ئي ڏچو به شروع ٿئي ٿو. اتان کان ئي پنهنجي آس پاس موجود ماڻهن سان اوهان جا لاڳاپا خراب ٿيڻ شروع ٿين ٿا. اوهان انڪار ڪريو ٿا تڏهن مسئلو ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪو ماڻهو اوهان سان پنهنجا خيال ونڊي ٿو ۽ اوهان ڪنڌ لوڏيو ٿا، هائو ڀائو هائو ڀائو ڪريو ٿا ته سڀ صحيح آهي. ڪنهن ماڻهوءَ چيو: حڪمران هڙ کائي ويا”. اوهان به چئو ٿا “واقعي” ته اوهان جا ان ماڻهوءَ سان لاڳاپا ويتر سگهارا ٿين ٿا. اوهان ان ماڻهوءَ جي نظر ۾ عزت لائق بڻجي وڃو ٿا پر جيڪڏهن اوهان ان کان پڇڻ شروع ڪريو ٿا، وڌيڪ نه رڳو ايترو پڇوس ٿا ته ڪيئن حڪمران هڙ کائي ويا آهن؟ اوهان کي به لڳي ٿو ته حڪمران هڙ کائي ويا آهن پر ڪهڙيءَ ريت؟ ته اوهان ان ماڻهوءَ جي نظر ۾ پنهنجو وقار وڃائڻ لڳندا آهيو. کيس ائين لڳندو آهي ته يار هيءُ عجيب ماڻهو آهي جيڪو اهڙي سڌي ۽ سچي ڳالهه کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ جو عادي آهي. کيس لڳي ٿو اوهان جي ڪلَ ٿڙيل آهي.
سو، جيڪو جتي آهي، خوش آهي جو مطلب آهي جيڪو بادشاهه آهي اهو پنهنجي بادشاهيءَ جي ڪري خوش آهي. جيڪو غلام آهي اهو ان غلاميءَ جي زنجيرن سميت خوش آهي. ڇا واقعي ائين آهي؟ هڪڙي بادشاهه جي اڳيان لامحدود اختيار هوندا آهن. جيڪڏهن چاهي ته ڪنهن کان زندگي ڦُري وٺي. جيڪڏهن چاهي ته موت جي سزا مليل ڪنهن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏي. کيس جيئڻ جو حق ڏئي ڇڏي. دنيا جي ڪا به نعمت جيڪا سندس دل گُهري، حاصل ڪري سگهي. ڪنهن به ناپسنديده ماڻهو، منظر يا ماحول منجهان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو هجيس ته اک ڇِنڀ ۾ ڪري سگهي. پر ڇا واقعي به اهو ائين سڀ ڪجهه ڪري سگهندو آهي؟ جواب آهي نه. بادشاهه چاهيندو آهي ته سندس اقتدار هميشه لاءِ قائم دائم هجي. جڏهن ته سموري انساني تاريخ شاهد آهي ته بادشاهن نه رڳو شڪست کاڌي آهي پر اهي انتهائي مجبور به رهيا آهن. ايتري تائين جو بادشاهيءَ جو ادارو ئي پنهنجو پاڻ کي بچائي نه سگهيو آهي. وقت نيٺ ان اداري کي ئي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. سموري دنيا منجهان بادشاهيءَ جي سرشتي جي تڏا ويڙهه ٿي وئي آهي. ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ انتهائي طاقتور بادشاهن به پنهنجو پاڻ کي هيڻو محسوس ڪيو آهي. آخري وقت ۾ مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي حيثيت ڪنهن صوبيدار جهڙي به نه رهي هئي. بلڪل ان وقت جڏهن وزيرِ اعظم ميان نواز شريف ايشيا جو ٽائيگر بڻجي اڀري رهيو هئو تڏهن هڪڙو صوبيدار وڃي کيس هٿڪڙيون هڻي گرفتار ڪري آيو هئو. مطلب ته مسئلا هوندا آهن. هر ڪنهن سان مسئلا هوندا آهن. اقتدار حاصل ڪرڻ جيترو ڏکيو ڪم آهي ان کان گھڻو ڏکيو ڪم ان اقتدار کي برقرار رکڻ هوندو آهي. اوهان اختيار ڌڻي ٿيڻ کان پوءِ ان پريشانيءَ ۾ مبتلا هوندا آهيو ته اهو اختيار هميشه اوهان وٽ ڪيئن محفوظ رهي سگهي ٿو. بادشاهن کي پنهنجي اولاد کان به ڊپ هوندو آهي. متان اهي جيئري ئي کين اقتدار کان محروم نه ڪري ڇڏين. وزيرِ اعظم کي مخالف ڌر کان ڊپ هوندو آهي. پاڙيسري ملڪن جي حڪمرانن کان ڊپ هوندو آهي. اقتدار جي ڪرسي کسجي وڃڻ جو ڊپ سڪون سان ويهڻ نه ڏيندو آهي. تخت ۽ تاج کي هميشه پاڻ وٽ رکڻ تمام وڏي للڪار هوندي آهي. ائين سمجهو ته ڪنڊن جي سيج هوندي آهي جنهن تي سمهڻو آهي. اقتدار ڌڻي بڻجي هلڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانه هوندي آهي. ملڪ جو مالڪ، صدر يا وزيرِ اعظم هجڻ ته ٺهيو ڪنهن ننڍڙي، پنهنجي پر ۾ انقلابي ٽولي جو سربراهه بڻجي هلڻ ۽ آخري پساهن تائين سربراهه بڻيو رهڻ لاءِ به تمام گھڻا ڪشالا ڪاٽڻا پوندا آهن. هر گهڙي ان ڳالهه جو خيال رکڻو پوندو آهي ته ٽولي ۾ توهان جو ڪو متبادل پيدا نه ٿئي. انهن سمورين عياشين ۽ آسائشن توڙي اختيار هوندي به نفسياتي مسئلا جنم وٺندا آهن. شهزادي چارلس جي گهر واري بڻجي وڃڻ کان پوءِ به ڊيانا کي خوشي نصيب ڪانه ٿيندي آهي. ليڊي ڊيانا جهڙي زال هوندي به چارلس جي دل جي حڪمراني ڪاميلا پارڪر وٽ هوندي آهي. بڪنگهم پيليس ۾ رهندي به اڪيلائي، ويڳاڻپ ۽ مايوسي اوهان جو پيڇو نه ڇڏينديون آهن. غريب هجڻ ته اڃان هڪڙو ٻيو عذاب آهي. ان جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي. اسين سمجهندا آهيون يا اسان کي سمجهايو ويندو آهي ته هڪڙو هاري پنهنجي ڏاندن، گڏهه، ٽريڪٽر، ٻنيءَ جي ٻاري ۽ ٻڪرين جي جوڙي يا مينهن جي واڙي ۾ رهندي ڏاڍو خوش آهي پر حقيقت ائين ڪٿي آهي! خوشيءَ ۽ پسند سان ڪير ٿو اهڙي زندگي جيئڻ چاهي!
اسين سمجهندا آهيون يا اسان کي سمجهايو ويندو آهي ته سِرن جي بٺي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت به ان حال ۾ خوش آهي ۽ اسين مڃي ويهندا آهيون ته واقعي اهو خوش آهي. جون مهيني جي ساڙيندڙ گرميءَ ۾ بٺي جي باهه تي بيهي پگهر وهائيندڙ پورهيت اهڙي ڪِرت منجهان خوش ڪيئن ٿو هجي سگهي؟ اسين اهو سوال نه اٿاريندا آهيون. جيڪڏهن ان مزدور وٽ ٻِي ڪا واهه هجي جيڪڏهن ان وٽ ڪو ٻيو رستو هجي ته اهو ڀلا اهڙي ڌنڌي ۾ ڇالاءِ اٽڪيل رهندو؟ اهو سوچڻ جيئن ته اسان کي اڃان ٻين سوالن بابت به سوچرائيندو جهڙوڪ: اهو ته ان پورهيت وٽ زنده رهڻ لاءِ ٻيا ڪي رستا ڇو موجود نه آهن؟ سندس اهڙي خراب حالت جو ذميوار نيٺ ڪير آهي وغيره وغيره. ان ۾ اسان جي سماج يا رياست جو ڪردار ڪيترو آهي؟ اهڙن سڀني سوالن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ضمير جي ملامت کان بچڻ لاءِ اسان کي سيکاريو ويو آهي ته اهو مزدور ان حال ۾ خوش آهي. قدرت کيس اهڙي گرمي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت عطا ڪئي آهي. ائين ئي جيئن اهو سمجهيو ويندو آهي ته ڊسمبر ۽ جنوري مهينن ۾ مڇي ماريندڙ ميربحر کي سخت سيءَ ۾ به ٿڌي پاڻيءَ ۾ لهڻ جي قوت عطا ڪئي وئي آهي. سوچ جي اهڙي انداز سان حڪمران طبقن جي ظلم ۽ زيادتين خلاف سوچڻ يا آواز اٿارڻ بدران، مزاحمت ڪرڻ بدران تسليم ۽ رضا وارو رستو اختيار ڪرڻ جو رستو صاف ٿئي ٿو. سوچ جو اهڙو انداز اپنائڻ سان اسين اهو سمجهندا آهيون ته اصل ۾ دنيا اندر ظلم ۽ زيادتيءَ جو ڪو وجود ئي ڪونهي. جيڪي حاڪم آهن انهن کي حاڪم بڻائي پيدا ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي محڪوم آهن انهن کي محڪوم بڻائي پيدا ڪيو ويو آهي. جيڪي ظالم آهن انهن کان انهن جو خدا پاڻ حساب وٺندو. اسين جيڪي مظلوم آهيون انهن کي ظلم برداشت ڪرڻ جي سگهه ۽ صلاحيت عطا ڪئي وئي آهي. اسان جي دنيا خراب آهي ته ڪو مسئلو ڪونهي، ان جي بدلي ۾ اسان جي آخرت موچاري ٿيڻ واري آهي. اسين جنهن حال ۾ به آهيون، خوش رهڻ ۽ شڪر ادا ڪرڻ گھرجي. اهڙي سوچ ۽ رويو ظالم حڪمرانن جي مفاد وٽان آهي ان ڪري اهي پنهنجي پوري طاقت استعمال ڪندي اهڙي سوچ ۽ رويي کي هٿي وٺرائن ٿا ۽ اسين اڻ ڄاڻائيءَ ۾ سندن هم خيال بڻجي اهو قبوليون ٿا ته واقعي جيڪو جتي آهي، اتي خوش آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button