نالو تھ ھن جو پرويز ھو پر ھو پنھنجي والد جي نالي مشرف سان سڏيو، لکيو ۽ سوچيو ويندو ھو. اھو پرويز مشرف جيڪو پاڪستان جو منفرد فوجي حڪمران بڻجي ديس ۽ دنيا جي آڏو آيو. پاڪستان جي عوام جنرل ضياءَ جي جڙتو مذھبي آمريت کي ايترو تھ ڀوڳيو ھو جو انھن جي ذھنن ۾ اھا ڳالھھ ڳوڙھي طرح سان ويھي وئي ھئي تھ ھر فوجي حڪمران عوام جي مٿان ڪوڙا ۽ گوليون وسائيندو آھي ۽ ھو مذھب کي پنھنجي آمريتي راڄ لاءِ استعمال ڪندو آھي. پر جڏھن ھن نواز شريف جو تختو انڌو ڪيو تھ ھن جون بھ تصويرون ميڊيا ۾ مشھور ٿيون. ھن جي ھڪ اھا تصوير جنھن ۾ ھو اڳوڻي وزير اعظم کي آمريڪي پستول ”گلاڪ“ جو تحفو ڏئي رھيو آھي ۽ ھن جي ٻي تصوير انھن ٻن فينسي ڪتن سان ھئي، جن لاءِ ميڊيا ماڻھن کي اھو ٻڌايو تھ ھڪ ڪتي جو نالو ”ڊاٽ“ ۽ ٻئي ڪتي جو نالو ”بڊي“ آھي. اھي ٻيئي ڪتا پنھنجي ھنج ۾ کڻي مشرف ملڪ سميت پوري دنيا کي اھو اطلاع ڏنو تھ ھو جنرل ضياءَ جو تسلسل ناھي.
ھو جنرل ضياءَ جو تسلسل نھ ھو. ھو تھ جنرل ضياءَ جي بنھھ الٽ ۽ ھن جي پاليسين جو ابتو پاسو ھو. جھڙي ريت جنرل ضياءَ مذھب کي استعمال ڪندي آمريڪا جي جنگ وڙھي ھئي. ھن وري آمريڪا جي جنگ مذھبي ويڙھاڪن جي خلاف وڙھي ھئي. ھن پنھنجي ڪتاب ۾ فخر سان لکيو آھي تھ ھن جي حڪومت ڪھڙي ريت مشھور دھشتگرد پڪڙي آمريڪا کي فروخت ڪيا. ھو پنھنجي اسٽائيل ۾ ھڪ بي پرواھه ۽ شوقين مزاج فوجي حڪمران ھو. ھن ڪڏھن بھ پنھنجي شوقين ڪردار کي پردي جي پويان نھ لڪايو. ھن وقت بھ ”يوٽيوب“ تي ھن جون اھي وڊيوز موجود آھن، جن ۾ ھو محفل ۾ ڳائي رھيو آھي. نچي رھيو آھي. ھن جي لاءِ مشھور ھو تھ ھو مڌ جو گلاس مٿي تي رکي رقص ڪندو ھو ۽ گلاس مان مڌ نھ ڇلڪندي ھئي. ھن جي انھن شوقن شڪارن جو پتو سڀ کان اڳ مرحوم پاڳاري ڏنو ھو. جڏھن پرويز مشرف اقتدار ۾ آيو تھ ھو عوام تھ ڇا پر ميڊيا لاءِ بھ اجنبي ڪردار ھو. پرويز مشرف جي مزاج کي ميڊيا معرفت عوام آڏو پيش ڪرڻ وارو اڳوڻو پاڳارو ھو.
پير پاڳارو نواز شريف جي وڃڻ ۽ مشرف جي اچڻ جي حوالي سان پريس سان ڳالھائي رھيو ھو تھ ھن کان ڪراچيءَ جي ھڪ صحافيءَ پڇا ڪيو تھ پير صاحب! پرويز مشرف ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھي؟ ان سوال جي جواب ۾ پير پاڳاري پنھنجي مخصوص اسٽائيل ۾ جواب ڏيندي چيو ھو تھ: ھن جي ”ڪلاس فيلوز ۽ گلاس فيلوس“ کان معلوم ٿيو آھي تھ شوقين مڙس آھي.
پرويز مشرف صرف ھڪ شخص نھ ھو. ھو ھڪ حڪمران ھو ۽ انتھائي دبنگ حڪمران ھو. ھن ۾ حد کان وڌيڪ اعتماد ھو. ھن جي اعتماد جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو تھ ڀارت جي خلاف ڪارگل جنگ جي ڪارروائي ڪري دنيا ۾ مشھور ٿيندڙ جنرل جڏھن حڪمران ٿيو تھ ھن ڀارت جي طرف ايتري تھ اعتماد سان دوستيءَ جو ھٿ وڌايو جو واجپائي نھ چاھيندي بھ ھن سان ھٿ ملائڻ تي مجبور ٿي ويو. مشرف ان مھل پنھنجي شھرت جي بلندين تي ھو جڏھن ھو ڀارت جي دوري تي ويو. ان وقت ڀارت ھن جي آجيان ۾ اھا ”نھر والي حويلي“ ٻيھر سينگاري ھئي، جتي ھن جو جنم ٿيو ھو. ڀارت جي انتھائي جارحيت ڀريل ميڊيا کي مشرف اھڙا تھ جواب ڏنا ھئا جو انھن کي تپرس وڪوڙي ويو ھو.
مشرف جي ڀارتي دوري دوران ان مھل محفل جو رنگ مٽجي ويو ھو، جڏھن ھن سان ڀارت جا مشھور اداڪار ملاقات لاءِ گھرايا ويا ۽ ھن ان ملاقات ۾ شاھه رخ خان سان ھٿ ملائيندي چيو ھو تھ ”تون کي تھ اسان پاڪستان ۾ ڏسندا رھندا آھيون“ ۽ جڏھن ايشوريا راءِ پنھنجو ھٿ مشرف جي ھٿ ۾ ڏيندي چيو تھ اوھان جي آجيان ڪجي ٿي پر اوھان جيڪا ڪارگل واري جنگ ڪئي………! ايشوريا راءِ جي جملي کي پورو ٿيڻ کان روڪيندي مشرف انتھائي شرارت سان کيس چيو تھ ”گھٽ ۾ گھٽ توھان تھ جنگ جون ڳالھيون نھ ڪيو“ ۽ ان تي محفل ۾ ٽھڪڙو مچي ويو ھو.
پرويز مشرف پنھنجين انھن ادائن جي حوالي سان انتھائي مشھور ھو. ھو ڀارت ۾ ڀارتي صحافين توڙي اتان جي ماڻھن جي چڀندڙ سوالن جا جواب کلندي بھ ڏيندو ھو ۽ کلي بھ ڏيندو ھو. ھن جو اھو جملو ھن جي گھڻي سڃاڻ بڻيو ھو تھ ”مين ڊرتا ورتا ڪسي سي نھين ھون“ ھو پنھنجي حڪمرانيءَ واري انداز ۾ گھڻو بيخوف نظر آيو. جڏھن تھ ھن پاڪستان ۾ انھن مذھبي انتھاپسند ويڙھاڪن سان مھاڏو اٽڪايو ھو، جيڪي ان وقت خودڪش حملن جي حوالي سان پوري دنيا ۾ مشھور ٿيا ھئا. انھن مذھبي ويڙھاڪن مشرف جي مٿان بھ حملا ڪيا ۽ ھڪ حملي ۾ تھ ھن جي ڪار ھوا ۾ اڏامي ھيٺ ڪري ھئي. پر ھن ڪڏھن بھ پنھنجي پاليسيءَ ۾ ڪنھن قسم جي تبديلي نھ آندي.
پرويز مشرف جي ڪائو بواءِ ٽائيپ ڪردار کان آمريڪا ايترو تھ متاثر ھو جو ھن جي آمريڪا ۾ لئھ ڏسي واجپائي آمريڪا کي چيڙائڻ جي لاءِ چين جي دوري تي ويو ھو. آمريڪا دنيا جي گھٽ حڪمرانن جي دعوت ”ڪيمپ ڊيوڊ“ ۾ ڪندو آھي. پرويز مشرف کي ڪيمپ ڊيوڊ ۾ گھرايو ويو ھو ۽ ان وقت جي آمريڪي صدر جارج بش ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکي ھن کي مڃتا ڏني ھئي. مشرف آمريڪا جي اکين جو تارو ھو. ھو نھ صرف آمريڪا پر يورپ ۾ بھ تمام گھڻو مقبول ھو. ھن کي آمريڪا ۽ يورپ مان دعوتون ملنديون ھيون تھ ھو انھن جي ادارن ۾ اچي ليڪچر ڏئي.
پرويز مشرف پھريون فوجي آمر ھو، جنھن سان پاڪستان جي تمام گھڻن خانداني ماڻھن گڏجي سياست ڪرڻ جو شوق فرمايو. ھو ملڪ جي حسين خواتين جو چھيتو ليڊر ھو. ھو جيڪو کلم کلا ميان نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو خلاف تنقيد ڪندو ھو ۽ انھن جي طرز جمھوريت کي ”شرمناڪ جمھوريت“ قرار ڏيندو ھو.
پرويز مشرف کي جيترو ملڪي ۽ بين الاقوامي پاور مليو ايترو پاڪستان جي ٻئي ڪنھن بھ حڪمران کي مشڪل سان حاصل ٿيو ھجي. ان پاور ھن جي مٿي کي ان حد تائين متاثر ڪيو جو ھو ھر مسئلي جو حل طاقت جي استعمال ۾ تلاش ڪرڻ لڳو. ھن پنھنجي ھر مخالف کي طاقت جي ذريعي طابع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھن جي اھا روش ھن جي عروج کي زوال ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪارڻ بڻي. جڏھن ھن پنھنجي مرضيءَ سان فيصلا ٻڌائڻ وارا پنھنجي مرضيءَ جا جج مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تھ ھن جي ان راھه ۾ اڳوڻو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري آيو ۽ ھن کيس ڌمڪيءَ ۽ دھشت سان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو پنھنجي انڪار تي اٽل رھيو. ان جي نتيجي ۾ مشرف جي خلاف پھريون ڀيرو وڪيلن جا قافلا نڪتا ۽ مشرف ڪمزور ٿيندو ويو. مشرف طاقت جي نشي ۾ چور ٿي جيڪي جرم ڪيا، اھڙا جرم ھن کان اڳ ڪنھن بھ حڪمران نھ ڪيا ھئا. اھو مشرف جيڪو عالمي سطح تي مشھوري ماڻي چڪو ھو پر سياسي فرسٽريشن ۾ اچي ھن جڏھن ايم ڪيو ايم جي مٿان ھٿ رکيو ۽ متحده جي نيم مرده وجود ۾ ھن جھڙي طرح طاقت جو تحرڪ پيدا ڪيو ان سان پاڪستان جي سياست ناقابل تلافي نقصانن جو باعث بڻي. اھو مشرف ھو، جنھن وڪيلن جي تحريڪ کي روڪڻ جي لاءِ ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي استعمال ڪندي 12 مئي جو قتلام ڪرايو ۽ پنھنجي ان شرمناڪ ڪارروائيءَ تي ھن فخر سان ٻانھون لھرايون ھيون.
اھو پرويز مشرف ھو، جنھن ديرا بگٽيءَ جي جن کي بوتل مان ڪڍيو ۽ ھن کي اھا کليل لفظن ۾ ڌمڪي ڏني ھئي تھ بگٽيءَ کي اتان گولي ھنئي ويندي، جتان کيس پتو بھ نھ پوندو تھ گولي ڪٿان آئي؟ ھن بگٽيءَ خلاف جيڪا آپريشن ڪئي ۽ ان آپريشن جي نتيجي ۾ اڪبر بگٽي جھڙي طرح پھاڙن ۾ ھليو ويو ۽ ھن مذاڪرات جي دعوت ڏئي، جھڙي ريت غار کي بارود سان اڏايو ھو، اھو واقعو بلوچستان کي بنيادن تائين لوڏي ويو ھو.
پرويز مشرف صرف ڪراچيءَ کي رت ۾ نھ وھنجاريو ھو. ھن صرف بلوچستان مٿان بارود جي برسات نھ ڪرائي ھئي پر ھن اسلام آباد جي لال مسجد کي جھڙي ريت اتان جي شاگردن ۽ استادن جي رت سان سرخ ڪيو ھو. ھن جي اھا ڪارروائي انھن لاءِ بھ روح ڪنبائڻ جھڙي ھئي، جيڪي مذھبي انتھاپسنديءَ جا سخت مخالف ھئا ۽ پنھنجي سوچ توڙي عمل ۾ انتھائي لبرل ھئا.
سنڌيءَ ۾ مشھور پھاڪو آھي تھ ”ڍءُ يا مينھن سھي ويندي آھي يا واڻيو“ مشرف نھ تھ واڻيو ھو ۽ نھ ھو مينھن ھو. ھو پرويز مشرف ھو. اقتدار جي نشي ۾ چور. ھڪ رنگين مزاج آمر ۽ جابر!
ھن جي فرعونيت جو انت ائين ئي ٿيڻو ھو. ھن جي شھرت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ان وقت لڳو، جڏھن ھن جي حڪومت ۾ بينظير ڀٽو پراسرار انداز سان راولپنڊيءَ ۾ قتل ڪئي وئي. جنھن قتل جي واردات جون شاھديون ضايع ڪرڻ لاءِ ھن ھر وسيلو استعمال ڪيو ھو بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ عوام جي نظر ۾ بنھھ ھيٺ ڪري پيو ھو. پرويز مشرف کي معلوم ھو تھ ھن جي اصل سگھھ ھن جي وجود تي پيل فوجي وردي آھي. ھو آرمي چيف جي ورديءَ کي نھ لاھڻ جا آخر تائين جتن ڪندو رھيو. جڏھن تھ پورو سسٽم ھن جي مخالف ۾ بيھي رھيو ۽ کيس مجبورن وردي لاھڻي پئي پر ھن پنھنجي وردي ائين لاٿي جيئن ڪوئي جيئرو شخص پنھنجي ھٿ سان پنھنجي جسم جي کل لاھي.
ھن جو سمورو ٺٺ ٺانگر ۽ ھن جي سموري آڪڙ ان وقت ناليءَ ۾ وھندي نظر آئي، جڏھن ھو اقتدار جي تختي کي آخر تائين چنبڙيو رھيو. ھن جڏھن ھن کي طاقت ڇڏي چڪي ھئي پر پوءِ بھ ھو طاقت جي تختن سھاري سياست جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو رھيو ۽ ان طاقت جي حرص ھن جو اھو حال ڪيو جو ھو پاڪستان ۾ پير رکڻ جھڙو نھ رھيو. ھن جي خلاف غداريءَ جو ڪيس ڪنھن تکي تلوار جيان موجود رھيو ۽ ھو سر بچائڻ لاءِ عرب امارات جي ھڪ اسپتال ۾ گھڻي وقت تائين دوائن جي سھاري ساھه کڻي نيٺ ان پار ھليو ويو، جنھن پار ھر ولين ۽ ھر ھيرو کي وڃڻو ھوندو آھي.
تاريخ جو مورخ تمام تلخ منصف ھوندو آھي. ھو پرويز مشرف جي سموري ڪردار جو حساب ڪڍي جڏھن پاڇيءَ تي نظر وجھندو تھ ھن کي ”عروج جو زوال“ نظر ايندو.