ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوويت يونين ۽ قومون-III

Editorial-Article-Yameen Jaotoi

يونين جمهوريا بنيادي طور مزدورن ۽ هارين جي هڪ قومي سوويت سوشلسٽ رياست هوندي هئي، جيڪا پنهنجي مرضي ۽ ارادي جي بنياد تي سوويت يونين سان سڌيءَ ريت جڙيل هئي. سمورين يونين جمهوريائن کي برابر حق حاصل هئا ۽ اهو ئي ان الحاق جو بنياد هو.
سوويت يونين جو هڪ ميمبر هئڻ باوجود هر يونين جمهوريا هڪ خودمختيار رياست جي حيثيت رکندي هئي. ان جو مطلب اهو هو ته، انهن معاملن کان سواءِ جيڪي هن پنهنجي مرضيءَ سان سوويت يونين جي حڪومتي ادارن جي اختيار ۾ ڏئي ڇڏيا هئا، باقي سڀني معاملن ۾ هو پنهنجي عملداري اندر آزاداڻي طريقي تي رياستي اقتدار جو استعمال ڪندي هئي. ان جو مطلب اهو به هو ته هر يونين جمهوريا هڪ خودمختيار رياست هئي، جيڪا غيرملڪي حڪومتن جي اثر کان آزاد هئي.
ڪن يونين جمهوريائن جي ڪجهه علائقن ۾ ڪي اهڙيون قوميتون به آباد هيون، جيڪي انهن جمهوريائن جي اصلي رهواسين کان مختلف هيون، اهي اهڙيون اقليتون هيون، جيڪي مخصوص قومي خاصيتن جون مالڪ هيون، اهي قوميتون پنهنجي مرضيءَ سان خودمختيار جمهوريائون قائم ڪنديون هيون. انهن مان هر خودمختيار جمهوريا جو نالو ان کي قائم رکندڙ قوميت جي نالي تي هوندو هو.
سوويت يونين ۾ 16 خودمختيار سوويت سوشلسٽ جمهوريائون هيون، جن ۾ تاتار، بشڪير، داغستان، بريات، منگولي، ڪابردينيائي، ڪومي، ماري، ماردوويائي، اتر اويسيتيائي، ادمورت، چوواش، ياقوت، ابخازيان، ادجار، ناخيچيوان ۽ ڪراڪالپاڪ اچي ٿي ويون.
خودمختيار جمهوريائون مزدورن ۽ هارين جي ان قومي سوويت سوشلسٽ رياست کي چيو ويندو هو، جيڪي سڌيءَ ريت ڪنهن يونين جمهوريا سان ڳنڍيل هونديون هيون ۽ اڻ سڌيءَ طرح سوويت يونين سان. هر خودمختيار جمهوريا پنهنجي علائقي اندر خودمختياراڻي نموني رياستي اقتدار جو استعمال ڪندي هئي. ان جو مطلب اهو هو ته ان کي پنهنجن اندروني معاملن ۾ آزاديءَ جو حق حاصل هو. هر خودمختيار جمهوريا جي رياستي ادارن ۽ ان جي اسڪولن ۽ ٻين تهذيبي ادارن جي سموري ڪارروائي ان جمهوريا کي قائم ڪندڙ قوميت جي مادري ٻوليءَ ۾ ٿيندي هئي.
گهٽ انگ ۾ موجود سوويت قوميتون به پنهنجي مرضيءَ مطابق خاص پنهنجون قومي رياستي تنظيمون قائم ڪنديون هيون. انهن کي خودمختيار خطا ۽ قومي علائقا چيو ويندو هو. رياستي اقتدار ۽ رياستي نظم ۽ ضبط لاءِ انهن مان هرهڪ جا پنهنجا پنهنجا قومي ادارا هوندا هئا. يعني پورهيت عوام جي نمائندن جي سوويت ۽ ان جي انتظاميا ڪميٽي. انهن خودمختيار خطن ۽ قومي علائقن جون سوويتون، انتظاميا ڪميٽيون ۽ ٻيا رياستي ادارا انهن جا اسڪول ۽ باقي سمورا تهذيبي ادارا پنهنجا پنهنجا فرض پنهنجي عوام جي مادري ٻوليءَ ۾ پورا ڪندا هئا.
سوويت يونين ۾ 9 خودمختيار خطا هئا. يعني آديگئي، گورنوآلطائي، يهودي، تووا، خاڪاس، چرڪيس، ناگورنوڪاراباخ، ڏکڻ اويستيائي ۽ گورنوبدخشان. جڏهن ته سوويت يونين ۾ 10 قومي علائقا هئا، يعني نينيتس، يامالونينيتس، تائي مير (دولگانو نينيتس)، اگن بريات منگولي، است آردين بريات منگولي، خانتي مانسي، ڪورياڪ، چوڪوتسڪ، ڪومي پيرمياتس ۽ ايوينڪي. انهن مان اڪثر ملڪ جي ڏورانهين اترين حصي ۾ هيون.
مطلب ته سمورين سوويت قومن کڻي اهي ننڍيون هيون يا وڏيون، پنهنجون قومي رياستي تنظيمون قائم ڪيون هيون. يعني يونين جمهوريتون، خودمختيار جمهوريائون، خودمختيار خطا ۽ قومي علائقا. انهن مان هر قومي رياستي تنظيم جو عوام سوويت يونين جي سپريم سوويت ۾ پنهنجا نمائندا چونڊي موڪليندو هو ۽ انهن نمائندن وسيلي هو پنهنجي مخصوص قومي مفاد ۽ مصلحتن جي ترجماني سڌيءَ ريت يونين جي رياستي اقتدار جي اعليٰ ترين اداري ۾ ڪندو هو. گهڻ قومي رياست جو اهو سياسي ڍانچو سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جمهوري هو. ان جي ڪري سڀني سوويت قومن لاءِ اهو ممڪن ٿي سگهيو ته، اهي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي قيادت ۾ ۽ ڪل روسي رياستي ادارن جي مدد سان پنهنجي قومي معيشت ۽ قومي تهذيب کي ترقي ڏئي سگهن. ان خاص سياسي ڍانچي سمورين سوويت قومن جي گڏيل دوستي ۽ برادراڻي سهڪار کي استحڪام بخشڻ ۾ گهڻي مدد ڏني.
سمورن بنيادي معاملن کي جن ۾ ڪلچر بابت معاملا به شامل هئا، مقامي روايتن ۽ قومي خاصيتن کي ڌيان ۾ رکندي مقامي آبادي طئي ڪندي هئي. ٻيو اهو ته، تهذيبي انقلاب بغير ڪنهن استثنيٰ جي سوويت يونين جي سمورين قومن کي متاثر ڪيو. انهن سڀني هڪ سطح کان ئي پنهنجي ترقي شروع نه ڪئي هئي، انهن مان ڪيترين وٽ پنهنجي تحريري ٻولي به نه هئي ۽ ان جي ڪري انهن کي تحريري ٻولي تخليق ڪرڻي هئي. ان کان پوءِ ناخواندگيءَ سان جنگ کان سواءِ به گهڻو ڪجهه شامل هو.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button