اهو زمانو جنهن ۾ انسان ذات پنهنجي جسماني ارتقا پوري ڪئي، اهو ان جي تاريخ جو سڀ کان ڊگهو ۽ تخليقي (زمانو) هو. اهو گهڻين حوالن سان ڊيڄاريندڙ ۽ ويڳاڻپ وارو دور هو. انهن آڳاٽن ماڻهن اڃا ٻني ٻارو ڪرڻ ڪونه سکيو هو. اهي پنهنجي خوراڪ اُپائي نٿي سگهيا ۽ سندن سڄو دارومدار شڪار ۽ ان کي گڏ ڪرڻ تي هو. انهن جي بقا لا ڏند ڪٿائون به ايتريون ئي اهم هيون جيترا سندن شڪاري هٿيار ۽ قابليت، جيڪي انهن شڪار ڪرڻ ۽ وايو منڊل تي قابو ڪرڻ لا ايجاد ڪيون. نينڊرٿل (Neanderthal) وارن جيان پٿر جي دور جا اهي ماڻهو به سندن ڏند ڪٿائن کي لکت ۾ نٿي آڻي سگهيا، پر اهي ڪهاڻيون اهڙيون ته اهم ثابت ٿيون جو ان کان پو وارن سڌريل ثقافتن جي ماڻهن انهن ڏند ڪٿائن جي ٽڪرن مان پاڻ سان گڏ انهن مصيبتن کي جن مان اهي گذري چڪا هئا، کي سمجهي ورتو. Pygmies ۽ اصلي آسٽريلوي ماڻهن (Australian aborigines)، جهڙن مڪاني ماڻهن، جيڪي پٿر جي دور وارن جيان شڪار ڪندڙ سماجن ۾ رهندا هئا ۽ جن ٻني ٻاري وارو انقلاب نه ڏٺو هو، انهن مان اسين آڳاٽي انسان جي تجربي ۽ عادتن بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻي سگهون ٿا.
انهن مڪاني ماڻهن لا اهو فطري هو ته اهي ڏند ڪٿا ۽ نشانين ۾ سوچين، ڇو ته علم انسان جا ماهر (anthropologists) ٻڌائين ٿا ته اهي پنهنجن عام رواجي زندگين ۾ روحانيت جي حوالي سان ڏاڍا محتاط هئا. اهو تجربو جنهن کي پاڻ مقدس يا آفاقي سڏيون ٿا، اهو صنعتي ۽ شهري ماڻهن لا ڏورانهين حقيقت بڻجي ويو آهي، پر انهن آسٽريلوين (اصلوڪا) لا نه رڳو ثابت ٿيل پر هن مادي دنيا کان به وڌيڪ حقيقي هو.
“خوابن جون گهڙيون” جن جو هنن سُتي يا وري ڏيکارن جي روپ ۾ تجربو ٿي ڪيو، اهي لافاني ۽ سدائين رهندڙ آهن. اهو (تجربو) عام رواجي زندگي کي استحڪام ڏئي ٿو جنهن تي موت، تباهي، هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ واقعن جو نه کٽندڙ سلسلو ۽ موسمن جو ڦيرو حاوي رهن ٿا. ماڻهن کي خواب سندن خاص ۽ طاقتور ابن ڏاڏن کان مليا، جن انهن ماڻهن کي جيئري رهڻ جون اهم قابليتون جهڙوڪ: شڪار ڪرڻ، ويڙهه ڪرڻ، جنسي سڪون حاصل ڪرڻ، ڪورڪو ڪم ۽ ٽوڪريون ٺاهڻ سيکاريون. ان ڪري اهي غيرمنطقي نه پر پاڪ مشقون آهن، جيڪي فاني ماڻهن کي خوابن سان ڳنڍين ٿيون. مثال طور جڏهن ڪو آسٽريلوي (اڄ جي دور ۾) شڪار ڪرڻ نڪري ٿو ته هو پنهنجي رويي کي صفا ان پهرين شڪاري (جي رويي) جهڙو ئي سمجهي ان وڌيڪ سگهاري ۽ خاص دنيا ۾ هليو وڃي ٿو. جڏهن هو ان روحاني تجربي کي خوابن سان ڳنڍي ٿو، تڏهن ئي سمجهي ٿو ته هُن جي زندگي جي ڪا معنا به آهي. ان کان پو هو ان اوائلي خوشي (جي احساس کان) ڏور ٿي پنهنجي زماني ۾ واپس اچي وڃي ٿو. ان دنيا ۾ جنهن مان هن کي ڀئو آهي ته اها کيس سُسائي ڪجهه نه ۾ بدلائي ڇڏيندي. روحاني دنيا اهڙي ته اوچتي ۽ متاثر ڪندڙ حقيقت آهي جو آڳاٽا انسان مڃين ٿا ته اها ڪنهن ماڻهو لا سولائيءَ سان رسائي واري هوندي. وڃائجي ويل جنت واري ڏند ڪٿا جنهن ۾ انسان خدائن سان روز جي بنياد تي ويجهي ناتي ۾ رهيو ٿي پاڻ کي هر ثقافت ۾ ملي ٿي. اهي ٻئي (خدا ۽ انسان) لافاني هئا ۽ پاڻ سان گڏ جانورن ۽ فطرت سان به ايڪي ۾ رهندا هئا. دنيا جي وچ ۾ ڪو وڻ، جبل يا ٿنڀو هوندو هو، جنهن تان سولائيءَ سان چڙهي اهي ديوتائن جي بادشاهيءَ ۾ وڃي پهچندا هئا. پو وري مصيبتون آيون، جبل ڦاٽي پيو، وڻ وڍجي ويو ۽ آسمانن تائين پهچڻ ڏکيو ٿي پيو. سونهري دور (The Golden Age) واري جيڪا اوائلي ۽ ذري گهٽ آفاقي ڏند ڪٿا آهي، ان کي ڪڏهن به تاريخي حقيقت نه ڀانيو ويندو هو. اها (ڳالهه) پاڪائيءَ جي ان سگهاري تجربي مان ڦٽي نڪري ٿي، جيڪو انسان ذات لا فطري آهي ۽ انهن جي ان حقيقت بابت مونجهارن کي ظاهر ڪري ٿي جيڪا ذري گهٽ وجود رکندڙ آهي پر رسائي کان ٻاهر آهي.
گهڻا مذهب ۽ ڏند ڪٿائون ان وڃائجي ويل جنت جي ڳولا (جي جستجو) سان ڀريل آهن. ان ڪري ڏند ڪٿا رڳو ماضي ۾ رهڻ (Nostalgia) واري مشق نه هئي. ان جو مقصد ماڻهن کي اها اصلوڪي دنيا رڳو خوابن يا خيالن ۾ ڏيکارڻ نه هو، پر عام رواجي زندگي جي ڪم ڪارين ۾ به ڏيکارڻ هو. اڄ اسين مذهبي سوچ کي سيڪيولر سوچ کان الڳ ڪريون ٿا. پر انهن Paleolithic شڪارين جن لا ڪابه ڳالهه غيرمنطقي نه هئي، لا ايئن ڪرڻ تصور کان ئي ٻاهر هو. هر اها شيءِ جيڪا هنن ڏٺي ٿي يا سندن تصور ۾ آئي ٿي، اها آفاقي دنيا ۾ موجود ان جهڙي ڪنهن ٻئي شيءِ جو عڪس هئي. ڪا به شيءِ پو ڀلي اها ڪيتري به ننڍڙي ڇو نه هجي، اها مقدس ٿي ٿي سگهي. هر اهو عمل جيڪو هنن ڪيو ٿي اهو خير ۽ برڪت وارو هو ۽ ان کين خدائن جي رابطي ۾ ٿي آندو. (ان زماني ۾) سڀ کان عام عمل اهي رسمون هيون، جن ۾ فاني ماڻهن ابدي زندگي حاصل ڪرڻ لا بهرو ٿي ورتو. اسان جديد ماڻهن لا نشاني ان حقيقت کان الڳ آهي جنهن ڏانهن اها اشارو ٿي ڪري. پر يوناني لفظ ‘symballein’ مان مراد ٻن الڳ شين جو هڪ ٿي وڃڻ آهي، جيئن ڪنهن ڪاڪٽيل ۾ جن ۽ سوڊا جيان. جڏهن اوهان ڪنهن دنياوي شيءِ کي ڏسندا هئا ته آفاقي دنيا ۾ انهي جهڙي شيءِ جي روبرو به ٿي پوندا هئا. دنيا جي ڏند ڪٿائي تصور ۾ شين جو اهڙو ايڪو ڏاڍو اهم هو: ڏند ڪٿا جو مقصد ماڻهن کي ان روحاني ڏسا جو پورو شعور ڏيڻ هو، جيڪا هر پاسي کان کين گهري ويٺي هئي ۽ زندگي جو فطري حصو هئي.
شروعاتي ڏند ڪٿائن ماڻهن کي اهو سيکاريو ته هي ظاهري دنيا ڪنهن ٻي شيءِ جو حصو هئي. پر ايئن سمجهڻ لا ڪنهن عقيدي جي ضرورت نه هئي، ڇو ته ان دور ۾ پاڪائي ۽ ناپاڪائيءَ جي وچ ۾ ماورائي طب واري ڪابه وٿي نه هئي. جڏهن انهن شروعاتي انسانن پٿر کي ٿي ڏٺو ته اهو انهن لا رڳو بي جان پٿر نه هو. پر اهو سگهه، دائميت ۽ مضبوطيءَ جي علامت هو، جيڪا انساني لاچاري کان الڳ ٿلڳ هئي. ان جي اهڙي ئي الڳ روپ ان کي مقدس ٿي بڻائي ڇڏيو. آڳاٽي دنيا ۾ پٿر خدائن پاران موڪليل تحفو سمجهيو ويندو هو. (هلندڙ)