
بالي ووڊ جي خوبصورت جوڙي ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ ملهوترا جي وليمي جو ڪاڄ اڄ ممبئي ۾ ٿيندو، جنهن جون دعوتون پڻ ورهائجي ويون آهن. ميڊيا مطابق ممبئي جي هوٽل ۾ رٿيل وليمي جي تقريب جو ڪارڊ ميڊيا جي سامهون آيو آهي. هوڏانهن جوڙي شادي جي منڊپ واري رسم جي وڊيو پڻ شيئر ٿي آهي.