پاڪستاني اداڪارا اشنا شاهه فرانس جي رسالي چارلي هيبڊو کي فاشسٽ قرار ڏئي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ميڊيا مطابق رسالي چارلي هيبڊو پاران ترڪيا ۽ شام ۾ آيل زلزلي بعد متاثرن تي چٿرون ڪرڻ تي اشنا شاهه ڪاوڙ ۾ اچي رسالي کي ڇتي تنقي جو نشانو بڻايو آهي. اشنا شاهه چيو تھ رسالو چارلي هيبڊو بدنام، نسل پرست ۽ فاشسٽ اشاعت رکي ٿو، هو خطرناڪ تباهي تي چٿرون ڪري انتهائي ڪريل حد تي هليو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close