عمر قاضي
شيخ اياز جو ھڪ نثري نظم آھي:
“دل جو اداس ڪري رھيو آھين
ايترو غم نھ ڪر
پاڻ کي ايتري پيڙا نھ ڏي
موت دنيا ۾ نئون تھ ناھي
جنھن بھ جنم ورتو آھي
ان جو انت تھ اوس اچڻو آھي”
پر دل پوءِ بھ بيقرار ٿئي ٿي. جڏھن بھ ڪو خوبصورت خيالن وارو انسان ھن دنيا مان رخصت ٿئي ٿو، تڏھن دل ۾ ھڪ گھاءُ پيدا ٿئي ٿو. ھڪ پيڙا جنم وٺي ٿي. اکين ۾ پاڻي ڀرجي اچي ٿو. جھڙي ريت موت فطري آھي. تھڙي ريت سٺن انسانن جي موت تي غم بھ فطري آھي.
ھن ڀيري اھو غم جيڪو ماڻھن کي موت جي ويجھو آڻيندو آھي، اھو ملڪ جي ان شاعر جو ھو، جنھن تمام خوبصورت گيت لکيا. جنھن جا غزل حسين ھئا. ھن لاھور ۾ جنم ورتو پر ھن اردو ٻوليءَ جي جھوليءَ کي پنھنجي لازوال ادب سان ڀري ڇڏيو. ھن ايترو گھڻو ۽ ايترو سٺو لکيو آھي جو ھن جي حوالي سان لکيو ويندڙ ھي ڪالم ھن جون ڪھڙيون ڪھڙيون سٽون پاڻ ۾ سمائي. سٺو تھ اھو ٿئي ھا جو ھن جي حوالي سان ھڪ خوبصورت ۽ غمگين گيت جي تخليق ٿئي ھا پر ھر وقت شاعري انسان جي مٿان نازل ٿي نھ ٿي سگھي. جيڪڏھن شاعري برسات آھي تھ اھا برسات ان شاعر جي مٿان تمام گھڻي وسندي رھي. جنھن شاعر جو نالو امجد اسلام امجد آھي. اھو امجد اسلام امجد جنھن جي حوالي سان ڏک جو اظھار ڪندي پاڪستان جي صدر بھ جيڪو ٽوئيٽ ڪيو آھي، ان ۾ ھن جي ھڪ شعر جا ٻول لکيا اٿس. ان مان اھو سمجھڻ گھرجي تھ امجد اسلام امجد ڪيتري نھ وڏي درجي جو ۽ ڪيترو نھ مقبول شاعر ھو! ھن جو اھو ڪمال آھي تھ ھڪ سياستدان جي دل بھ ھن جي ڪلام تي ڌڙڪي. ھونءَ تھ سياست جي سيني ۾ دل نھ ھوندي آھي. پر امجد اسلام امجد ايترو تھ وڏو نالو ھو جو ھن جو ڪلام ھر ھنڌ تي پھتو ۽ ھن پنھنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻ پيدا ڪئي.
شاعري ۽ ادب جي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪرڻ تمام گھڻو مشڪل ڪم آھي. ڇو تھ دنيا ۾ لکڻ وارا ھڪ ٻئي کان ايترو تھ متاثر ٿين ٿا جو ھو نھ چاھيندي بھ ھڪ ٻئي جي اثر ۾ اچي لکن ٿا ۽ جيئن ئي ھو اثر قبول ڪن ٿا تھ انھن جي انفراديت کي تمام وڏو ڌڪ لڳي ٿو. پر امجد اسلام امجد جي انفراديت قائم رھي ۽ ھن ادب ۽ شاعريءَ ۾ جيترا بھ تجربا ڪيا، اھي ڪامياب رھيا. ان ڪري اسان ھن جو ڪوئي بھ غزل کڻي سگھون ٿا ۽ ھن جو ڪوئي بھ نظم حوالي طور پيش ڪري سگھون ٿا ۽ ان سان ثابت ڪري سگھون ٿا تھ ھو ڪيتري نھ وڏي درجي جو شاعر ھو.
ھن جو ھڪ مشھور غزل آھي:
“ڪھني ڪو اس سي ڪوئي ميرا واسطا نھين
امجد مگر وه شخص مجھي بھولتا نھين
ڊرتا ھون آنکھھ کھولون تو منظر بدل نھ جائي
مين جاگ رھا ھون مگر جاگتا نھين”
يا ھن جي ھڪ ٻئي غزل جا ٻول آھن:
“يھي بھت ھي دل اس ڪو ڍونڊ لايا ھي
ڪسي ڪي ساتھھ سھي وه نظر تو آيا ھي
ڪرون شڪايتين، تڪتا رھون ڪھ پيار ڪرون
گئي بھار ڪي صورت وه لوٽ آيا ھي”
ھن جي ھر شعر ۾ محبت جو جيڪو ڀرپور احساس آھي، ان تي ھن جي عمر جو ڪو بھ اثر پسي نھ ٿو سگھجي. اھو ئي تھ شاعر جو ڪمال ھوندو آھي تھ ھو پنھنجي معرفت پوري سنسار سان پيار جو وھنوار ڪندو آھي ۽ ھن جي ٻولن سان نھ معلوم ڪيتريون دليون تڙپنديون بھ آھن ۽ انھن کي سڪون بھ ملندو آھي.
مون کي گھڻي وقت کان وٺي اھو خيال ستائي رھيو ھو تھ پنجاب جي اردو شاعرن جي مٿان ڪجھھ لکان ۽ پر وقت نھ پئي مليو. ھاڻي جڏھن امجد اسلام امجد جي وفات تي لکيو رھيو آھيان تھ دل چاھي ٿي تھ پنجاب جي ٻين شاعرن ۽ اديبن کي بھ ڀرپور نموني ياد ڪجي. ڇو تھ پنجاب وارن پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اردو ادب کي ايترو تھ وڌايو ۽ ويجھايو آھي جو اردو ٻوليءَ کي ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾الڳ مقام ملي ويو آھي ۽ اھو سڀ ڪجھھ پنجاب جي اردو اديبن جو ڪمال آھي. جيڪي بھ پنجاب ۾ اردوءَ جا باڪمال اديب رھيا آھن، امجد اسلام امجد ان جي اڳئين صف ۽ مھڙ ۾ ھو. ھن جو نالو ڪنھن بھ صورت ۾ فراموش ڪري نھ ٿو سگھجي. ڇو تھ ھن پنھنجي نالي سان ايتريون تھ تخليقون ڇڏيون آھن، جيڪي ھن کي سدائين زندهه رکنديون. ھو ھر انسان وانگر آيو ۽ ھليو ويو پر ھن ادب جي سلسلي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي، اھو ڪنھن بھ صورت ۾ وسارڻ جھڙو ناھي. ھن جو نالو پاڪستان جي ادب ۾ سدائين جڳ مڳ ڪندو رھندو. ھو اردو ٻوليءَ جو ھڪ اھڙو اديب ۽ شاعر ٿي رھندو، جنھن کي سدائين محبت سان ياد رکيو ويندو ۽ ھن جي وفات تي سوشل ميڊيا تي نوجوانن جيترو لکيو آھي، ان مان بھ ظاھر ٿئي ٿو تھ ھو ڪيترن محبت ڪندڙ ادب دوست انسانن جو مرڪز ھو. ھن جي موت تي صرف اردو حلقن ۾ رنج ناھي پر مون سنڌ جي سوشل ميڊيا ۾ بھ ھن جي حوالي سان غم محسوس ڪيو آھي ۽ سنڌ جي ادبي مزاج رکندڙ نوجوانن ھن جا جيڪي شعر حوالي طور کنيا آھن، انھن ۾ ڪيتري نھ سونھن سوڀيا آھن. ان مان اھو ظاھر بھ ٿئي ٿو سنڌ جا نوجوان ادب جي سلسلي ۾ تنگ دل ناھن. ھو سياست جو زھريلو دور گذري ويو، جڏھن غيرسنڌي اديبن ۽ شاعرن جي مٿان چٿرون ڪيون وينديون ھيون. اھو دور اسان جي سياست جي جھالت جو دور ھو. ان دور ۾ اسان قومپرستيءَ جي اثر ۾ اچي اقبال ۽ ٻين اردو شاعرن لاءِ گھٽ وڌ ڳالھيون ٻڌندا ھئاسين ۽ اھو سڀ ڪجھھ اسان جي نيم دماغ قومپرست سياستدانن جو ڪارنامو ھو، جن قوم جي نوجوانن کي عظيم اديبن ۽ شاعرن کان پري رکيو. اھو ھڪ وڏو جرم ھو. ان ڏوهه جي ڏوھارين کي تاريخ ڪڏھن بھ معاف نھ ڪندي. ڇو تھ ادب کي ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ قيد ڪري نھ ٿو سگھجي. ادب تھ احساسن ۽ جذبن جي زبان آھي. ان کي ھڪ مخصوص حد ۾ ڪيئن ٿو رکي سگھجي؟
ڇا اھا حقيقت ناھي تھ ڪوئي بھ خوبصورت گيت اسان جي دل کي موھي وٺي ٿو ۽ اسان نھ چاھيندي بھ ان جي اثر ۾ اچي وڃون ٿا. جيڪڏھن اسان صرف اردو ٻولي ۽ پنجاب جي شاعر ھجڻ جي حوالي سان امجد اسلام امجد جي عظمت جو انڪار ٿا ڪريون تھ اسان جو اھو عمل اسان جو پنھنجو قد گھٽائڻ جو ڪارڻ ٿو بڻجي. ان مان ثابت ٿيو تھ اسان جي تعليم درست ناھي ۽ اسان جي تھذيب ۾ اھي گڻ ناھن، جيڪي گڻ ڪنھن بھ تھذيب جي عظمت سان سرشار ڪندي آھي. اھو ڪيئن ممڪن آھي تھ اسان اھڙا پيارا ٻول پڙھون ۽ اسان جي دل مان داد نھ اچي. ڇا اسان امجد اسلام امجد جي انھن لفظن کان دل کي دور ڪري سگھون ٿا؟
“ڪسي ڪي آنکھھ جو پرنم نھين ھي
نھ سمجھو يھ ڪھ اس ڪو غم نھين ھي
سمجھھ ۾ ڪڇ نھين آتا ڪسي ڪي
اگر چھ گفتگو مبھم نھين ھي
مين تجھھ ڪو چاهه ڪر پڇتا رھا ھون
ڪوئي اس زخم ڪا مرھم نھين ھي”
اھي ٻول تھ اسان جي دل ۾ ايئن گھر ڪري وڃن ٿا، جيئن فطرت جي اصل تقاضا ھوندي آھي.
امجد اسلام امجد جو موت جوانيءَ ۾ نھ ٿيو. ھن ڀرپور زندگي ماڻي. ھن جو موت پوءِ بھ اسان ۾ ھڪ قسم جو افسوس پيدا ڪري ويو آھي. ان جو ھڪ سبب تھ اھو آھي تھ ڪنھن بھ اديب ۽ شاعر جي جدائي اداسيءَ جو سبب بڻجي ويندي آھي پر صرف اھو ناھي. اسان کان امجد اسلام امجد ان وقت وڇڙي ويو آھي، جڏھن ھي ملڪ تمام سفاڪ ۽ عوام جي دشمن سياستدانن جي ھٿن ۾ آھي. جڏھن اقتداري سياست جي ايتري گھڻي بدبوءِ ھجي تھ اھڙي ماحول ۾ خوشبو جھڙي شخص جي جدائي وڌيڪ شدت سان غمگين ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي. اھو شاعر اسان کي ڇو نھ اداس ياد رھي، جنھن لکيو ھو:
“اداسي جب تيري افق پھ آئي گي
تو تيري ياد ستائي گي………!!”