پاڪستان سرڪار جي خزاني وارن وزيرن، نائب وزيرن ۽ آفيسرن 29 جنوريءَ کان آيل انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي نمائندن سان ڏھن ڏينھن تائين مغزماري توڙي کين منٿ ميڙ ڪرڻ کانپوءِ به نيٺ انھن جا ڳاٽي ٽوڙ شرط مڃي ملڪ جي ڪروڙين پورھيتن، ٻوڏ سٽيل لکين انسانن ۽ بيروزگاريءَ جي ماريل عوام تي ھڪڙي ئي فيصلي سان بجلي ڪيرائي ڇڏي آهي. فقط ھڪ ارب ڏهه ڪروڙ ڊالرن جي قرض واسطي پي ڊي ايم حڪومت اھو مطالبو به قبول ڪري ورتو ته ايندڙ جون مھيني کان اڳ ۾ ئي خانگي شعبي وارن بجلي گهرن جا 170 ارب روپيا (17000ڪروڙ) ادا ڪري ڇڏبا ۽ ھيءَ ڳري رقم رڳو ٽن مهينن اندر خدا جي خلق کان زوريءَ وصول ڪرڻ خاطر ھڪ عدد ٻي مني بجيٽ پارليامينٽ مان منظور ڪرائينداسين.
جنهن زماني ۾ اسان استاد رسول بخش پليجي واري جي عوامي تحريڪ سان سلهاڙيل ھئاسون ته 1975ع ڌاري ڪيناڊا مان پليجي صاحب جو ھڪ دوست پروفيسر ڊاڪٽر فيروز احمد ڪراچيءَ پھتو، جنھن کي پريس ڪلب ۾ وٺي وڃڻ ۽ سنگت سان ملائڻ جو ذمو پارٽيءَ پاران مون تي رکيو ويو. پريس ڪلب ڪراچيءَ مان لنچ ڪري آئون ڊاڪٽر فيروز احمد کي طارق روڊ تي مرحوم آغا اڪبر علي يا ايم ايم پيرزادو ايڊوڪيٽ جي گھرن تي وٺي ويندو هئس، جتي ساٿين کي گڏ ڪري ڊاڪٽر فيروز کان عالمي سامراج جي سوشلسٽ دشمن سازشن بابت ليڪچر ٻڌندا ھئاسين.
ھيءَ ڳالهه سوويت يونين جي ٽٽڻ کان گھڻي آڳاٽي آهي. ان وقت تائين نه افغانستان تي روسي فوجن قبضو ڪيو ھو ۽ نه سوويت يونين ٽٽي ٽڪرا ٿي ھئي. ڊاڪٽر فيروز احمد واتان پھريون ڀيرو ٻڌوسين ته عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، آءِ ايم ايف ۽ ٻيا قرض ڏيندڙ ادارا حقيقت ۾ سامراجي مفادن جي حفاظت واسطي جوڙيل آهن. ھيءَ ادارا ٿرڊ ورلڊ جي پوئتي پيل ملڪن کي قرضن جي ڄار ۾ ڦاسائي سوشلسٽ ملڪن خاص ڪري سوويت يونين خلاف استعمال ڪندا آهن. انھن ملڪن تي مارشل لا مڙهي عوام کي قيد ۽ بند جي غلاميءَ ۾ ڌڪي ڇڏيندا آهن.
اڄ اسان جي نئين ٽهيءَ کي اکين سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي ته اسان جا Lumpin Bourgeoisie
گماشته حاڪم ڪيئن نه ھڪ سامراجي ڊونر آءِ ايم ايف وارن جي غلامي ڪندي ڪروڙين مسڪين ماڻهن تي مھانگائيءَ جي وڄ ڪيرائڻ جو ٺاهه ڪرڻ لاءِ آتا آهن ته جيئن ھڪ پاسي پنهنجي 13 جماعتي اتحاد جي جڏي سڏي حڪومت کي بچائي سگهن ۽ ٻئي پاسي پنهنجن اربن پدمن جي ڪارخانن ۽ ڪاروبار جي به حفاظت ڪن.
مون کي ھتي ھڪ تاريخي حقيقت ياد اچي وئي آهي جنهن بابت نئين ٽهيءَ جي پڙھندڙن کي ڄاڻ ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو. سال 1979ع ۾ سوويت يونين پاران افغانستان تي ڪيل چڙھائيءَ کان پوءِ ھڪدم پاڪستان حڪومت سان آمريڪي اختيار ڌڻين ھڪ ٺاهه ڪيو جنهن مطابق افغانستان ۾ روسي فوجن خلاف مزاحمتي جنگ جوٽڻ خاطر اتر وزيرستان توڙي مختلف قبائلي علائقن ۾ جنگجو جٿا تيار ڪرڻ واسطي طالبان کي راڪيٽ لانچر ۽ ٻين جديد ھٿيارن استعمال ڪرڻ لاءِ تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو. جمعيت علماءِ اسلام جي حقاني مدرسي جھڙن انيڪ مدرسن ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ ننڍن ننڍن کٿابي شاگردن کي سيکاريو ويو ته افغانستان اوھان جو برادر اسلامي ملڪ آهي جنهن تي روسي سوشلسٽ ڪافرن فوجي ڪاهه ڪري ناجائز قبضو ڪري ورتو آهي. روسي ڪميونسٽ اوهان جي مسلمان ڀائرن کي زوريءَ پنهنجو غلام بڻائي رهيا آهن. انھن مظلوم مسلمان ڀائرن کي بچائڻ ۽ افغانستان مان روسي فوجن کي ڀڄائي ڪڍڻ اسلامي جھاد آھي جنھن ۾ سوڀ ماڻڻ وارو غازي ٿيندو ۽ جيڪي شھيد ٿيندا سي سڌو سنئون بھشت ۾ داخل ٿي ويندا.
اڄ به پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ آپگهاتي حملا ڪرڻ وارا اھڙن ئي مدرسن مان سکيا وٺي نڪتل آھن. بھرحال پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اھو معاھدو ٿيڻ شرط آمريڪي سرڪار طالبان جي تربيت ۽ مدرسن ۾ وڌيڪ ڀرتيون ڪرڻ لاءِ جنرل ضياءَ جي حڪومت کي چار ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اھو اعلان ٻڌڻ شرط جنرل ضياءَ اسلام آباد ۾ رهندڙ آمريڪي ۽ مغربي يورپ جي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز جي نمائندن کي گھرائي پريس ڪانفرنس ڪري انهيءَ امداد کي رد ڪندي چيو ته These are peanuts only، جيتوڻيڪ ان دور ۾ ڊالر جو اگهه پاڪستاني ڪرنسيءَ ۾ ويھه ٻاويهه روپيا ھو (جيڪو ھاڻي ڏھوڻ کان به مٿي چڙھي ويو آهي) ۽ چار ارب ڊالرن جي امداد پاڪستان کي ڪڏهن به ڪونه ملي ھئي، تڏهن به جنرل ضياءَ ان وڏي رقم کي مڱ ڦريون چئي آمريڪا کي امداد وڌائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. وزير اعظم شھباز شريف به پنهنجي ڀاءُ نواز شريف جيان جنرل ضياءَ جو ٻالڪو رهيو آهي. پر منجھس ايتري به جرئت ناهي ته آءِ ايم ايف کي صاف لفظن ۾ چئي سگھي ته ھن ٿورڙي امداد سان اسان جي ملڪ کي فائدو نه ٿيندو ڇو ته ھيءَ رقم اوھان جي پراڻن قرضن جو وياج ڀرڻ ۾ ئي کٽي ويندي. ھونئن به پاڪستان کي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ سميت مختلف ڊونرس جا قرض موٽائڻ لاءِ ٽي ارب ڊالر ته ايندڙ مهيني مارچ ۾ گھربل آھن. مون کي حيرت آهي پي ڊي ايم سرڪار جي وزير اعظم شھباز شريف طرفان ڏنل انھيءَ بيان تي ته “سمجھه ۾ نه ٿو اچيم ته غربت، بيروزگاري ۽ مھانگائيءَ کي ڪيئن ٿو ختم ڪري سگھجي؟” سندس انھيءَ سوال جو مقصد آهي ته 13 پارٽيون گڏجي به ملڪ کي ھاڻوڪي بدحاليءَ مان ڪڍي نه ٿيون سگهن! ھنن حڪمرانن کي گھرجي ته دھليءَ جي وڏي وزير ڪجريوال کان وٺي بنگلاديش جي پرائيم منسٽر حسينه واجد کان سکن ته انھن رڳو ڪرپشن کي ٻنجو ڏيئي ۽ ميرٽ جو قدر ڪري ڪيڏي نه وڏي مڃتا ماڻي ورتي آهي.
پي ڊي ايم سرڪار آءِ ايم ايف کي لکت ۾ اھا به خاطري ڏني آهي ته بجلي پيدا ڪندڙ سمورن پبلڪ سيڪٽر بجلي گهرن کي پرائيويٽائيز ڪري ڇڏينداسين. ان کان سواءِ اهڙا سرڪاري ادارا به کپائي ڇڏبا جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان نفعي بدران نقصان ڏين پيا. اھڙن ادارن ۾ پي آءِ اي، ريلوي، اسٽيل ملز ۽ پرائيم لوڪيشن تي قائم سرڪاري عمارتون به شامل آهن. اھو به دور مون کي ياد آهي جڏهن مٿي ڄاڻايل سڀئي ادارا پاڪستان جي ماڻهن کي روزگار جا ھزارين موقعا ڏيڻ سان گڏوگڏ منافعو ڪمائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندا هئا. ھنن جو ٻيڙو ٻوڙڻ وارا خود اسان جي ملڪ جا سياسي اڳواڻ توڙي ڪامورا شاهي آهي، جن جي ڪرپشن جي ڪري ھي قومي اثاثا نفعي بدران نقصان ڏيڻ لڳا. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پنهنجي دور ۾ اتر، وچولي ۽ لاڙ ۾ چائنا کان ٽيڪنالاجي، انجنيئرس ۽ صنعتي ماھرن جون ٽيمون گھرائي نئون ديرو، پيارو ڳوٺ ۽ ٺٽي ۾ سنڌ سرڪار کي ڪمند پيڙڻ جا ٽي شاھي ڪارخانا ٺھرائي ڏنا ھئا. ان زماني ۾ کنڊ جو اگھه به گهڻو ڪونه هو پر ٽن سرڪاري شگر ملز سنڌ جي ٻھراڙين ۾ باقاعدي لکين ايڪڙ ڪمند جي پوک سان رڳو ساريون اپائيندڙ جھان کي اھڙو ڪيش ڪراپ ڏئي ڇڏيو جو نه رڳو غير آباد ٻنيون آباد ٿي ويون بلڪه ھارين نارين کي فصل مان اڌو اڌ بٽائي (سندن اڌ حصو) ملڻ کان پوءِ تمام گهڻي غربت به ختم ٿي وئي ھئي. ڪارخانا لڳڻ جي ڪري انهن علائقن ۾ نوان شھر اڏجي ويا ۽ ھزارين پورھيتن کي ھنن ٽنھي ڪارخانن ۾ نوڪريون به ملنديون رهيون. پوءِ ھنن شگر ملز کي به اسٽيل ملز جيان کاٽ هڻي سنڌ جي حاڪمن پاڻ پنهنجن هٿن سان برباد ڪيو.
ڪنھن به تحقيق ڪندڙ سنڌي صحافي ڇا اڄ ڏينهن تائين اھا جاچ ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌايو آهي ته سندن صوبي جي ملڪيت، کنڊ ٺاھيندڙ ھي ٽيئي ڪارخانا ڪھڙي ڪارخانيدار جي ور چڙهي ويا؟ جيڪڏهن انھن مان نفعو نه پئي ٿيو ته به هرھڪ ڪارخاني جي ھزارين ايڪڙ زمين جي وڪري مان قومي خزاني ۾ ڪيترا پئسا جمع ڪرايا ويا؟ ساڳي ريت انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي گاديءَ واري شهر کي بجلي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ سنڌين جي قومي خزاني مان جيڪا ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن قائم ڪئي وئي، ان کي ڪنهن ڳڙڪائي ڇڏيو؟ پرائيويٽائيز ڪرڻ جي نتيجي ۾ نه رڳو ھنن ادارن مان بلڪه بئنڪن مان به ھزارين ملازمن کي نئين انتظاميه پھرئين ڌڪ سان ڪڍي ڇڏيو. اڄ انھن مان مسلم ڪمرشل بئنڪ ۽ حساب بئنڪ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي ڀائيوار ميان منشا جي ملڪيت آهن. ساڳي ريت حبيب بئنڪ ۽ سنڌ بئنڪ ۾ سنڌي حڪمرانن جو وڏو حصو آهي.
ھيءَ ڳالهه چٽي ڪرڻ چاھيان ٿو ته قومي ادارن کي پرائيويٽائيز ڪرڻ لاءِ حڪمران پھرين ته انھن ۾ تمام گھڻيون ڀرتيون ڪندا آهن ۽ پوءِ پنهنجن خاص ملازمن ھٿان انهن ۾ ايڏو وڏو مالي بحران پيدا ڪن ٿا جو اپت بدران اھي نقصان ڏيڻ لڳن ٿا. اسٽيل ملز مان اسٽيل چوري ڪندڙن جو تفصيل ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ارد شير ڪاوسجيءَ جا گوگل تي وڃي پندرهن ويھه سال اڳ لکيل مضمون پڙھو ۽ ڏسو ته اسٽيل ملز کي ڪنگال ڪندڙ رياض لالجي ڪھڙي حڪمران جو ذاتي نوڪر هو؟ سموري ڄاڻ ملي ويندي ته ھنن سڀني قومي اثاثن کي ڪھڙن سياستدانن ۽ ڪامورن پاڻ ۾ ڳٺجوڙ ڪري پھرين برباد ڪيو ۽ بعد ۾ خانگي ملڪيت بنائڻ لاءِ پرائيويٽائيز ڪرائي ڀڳڙن مٺ عيوض انھن ئي ڪارخانن ۽ بئنڪن کي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏيائون. منهنجو سڀني پڙھندڙن کان سوال آهي ته پاڙيسري ملڪ ھندستان ۾ ھڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي کان ھلندڙ ريل گاڏيون، بجلي گهر ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪيئن ٿا نفعو ڪمائين؟ جيتوڻيڪ انڊيا جي آبادي اسان کان ڏهوڻي آهي پر هنن نقصان جي دانھن ڪري، قومي ادارن ۽ ڪارخانن کي ڪڏهن به ڀڳڙن مٺ تي وڪرو نه ڪيو. خبر ناهي ته اسان ڪھڙي جھان ۾ ٿا رهون يا ڪھڙي سياري تي ويٺا آهيون جو ملڪ کي سڌارڻ ۾ ھر ڀيري ناڪام ٿي وڃون ٿا، جڏهن ته اسان کان پوئتي پيل ملڪ بنگلاديش گھڻو اڳتي نڪري ويو آهي.
وزير اعظم شھباز شريف جو چوڻ ته، کيس سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ملڪ مان مھانگائي، بيروزگاري ۽ غربت ڪيئن ختم ڪجي، سندس ذھني پريشانيءَ جو پرتوو لڳي ٿو. ھونئن به ڪنهن سرمائيدار کي پنهنجو ذاتي نقصان برداشت ڪرڻ جي سگھه ۽ عادت نه ھوندي آھي. قومي نقصان ۾ به سرمائيدار سدائين پنهنجي لاءِ منافعو ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. شھباز شريف کي گھرجي ته ھندستان جي گاديءَ واري شهر دھليءَ جي وڏي وزير ڪجريوال ۽ بنگلاديش جي پرائيم منسٽر حسينه واجد کان سکڻ لاءِ تياري ڪري. پر انهيءَ مقصد لاءِ سچي نيت، ڪروڙين مسڪين ماڻهن سان اٿاهه ھمدردي ۽ ايندڙ نسلن جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪو عوامي جذبو کپي، سو پي ڊي ايم جي حڪمرانن وٽ نه اڳ ھو ۽ نه ئي ھاڻي اٿن.