جڏهن مارئي جي ديس کي ڪوئلي واري گدلي رٿا حوالي ڪرڻ جون تياريون پئي ٿيون، تن ڏينهن ۾ ئي ماحول ۽ ماڻهپي سان پيار ڪندڙ حلقن اهو اڳواٽ چِتاءُ ڏيئي ڇڏيو هو ته اها رٿا ٿر جي خوشحالي نه پر اتهاس جي مڪمل تباهي واري رٿا ثابت ٿيندي. پر حڪمران ۽ حڪمرانن جا نمڪخوار حلقا اهو چئي رهيا هئا ته نه ايئن ناهي. بلڪ سندن چوڻ اهو هو ته ٿرڪول رٿا نه فقط ٿرواسين جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندي پر اها رٿا ٿر سميت سموري ملڪ کي به اڏي ڇڏيندي. اهڙي راءِ سان گڏ حڪمرانن ۽ سندن نمڪخوارن جو اهو به چوڻ هو ته جيڪي ٿرڪول رٿا خلاف ڳالهائين ٿا، سي اصل ۾ ٿر جا سڄڻ ناهن. اهي اوائلي ڏينهن جون ٻنهي پاسن کان اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جو شاهد سارو لوڪ آهي.
پوءِ ڇا ٿيو؟ پوءِ ٿيو اهو جو حڪومت ڏاڍ مُڙسي ڏيکاريندي ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌڻ لڳي ۽ ڪول رٿا کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقامي مارو لوڪ جون اباڻيون زمينون انهن کان زوري کسجڻ شروع ٿي ويون. آخر ۾ نيٺ اهو ڏينهن به آيو جو حڪمرانن ٿرڪول جو افتتاح ڪري سموري جهان کي اهو ٻڌايو ته هاڻ ملڪ کي توانائي جي شعبي ۾ نڪي لهر نڪو لوڏو. واضح ڪندا هلون ته حڪومتي فتح جا اهڙا اعلان جيڪي وڏن دُهل دمامن سان جشن ملهائي ڪيا ويا، تن جشنن ۾ ڪيل حڪمراني تقريرن جو سربستو رڪارڊ ڦلهوڙي ڏسي سگهجي ٿو ته انهن ملڪ سميت ٿر جي ترقي جا ڪهڙا نه خواب اظهاريا هئا ۽ ٿرواسين سان ڪيڏا نه واعدا ڪيا ويا هئا. پر ٿيو ڇا؟ ٿيو اهو جو هاڻ ٿرڪول بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽُو جي گهيري ۾ آيل سمورن ڳوٺن جي انساني آبادي، جانور توڙي وڻ ٻوٽا هڪ اهڙي آفت جي مُنهن ۾ اچي چُڪا آهن جيڪا آفت کين ڪجهه سالن ۾ ئي پُورو ڪري ڇڏيندي.
مثال طور هينئر بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽُو جي چور چِمنين مان جيڪو زهريلو دونهون نڪري رهيو آهي، تنهن جو اثر ڪوئي انهن ٻنهي بلاڪن جي گهيري ۾ آيل ڳوٺن ۾ پاڻ وڃي اکين سان ڏسي ۽ اتان جي مارو لوڪ کان پُڇي ڏسي ته سندن زندگي ڪيئن گذري رهي آهي ۽ ٻيو سندن اهو مال جيڪو زمينون کسجي وڃڻ سبب هڪ ته اڳي ئي وڃي ڪڻو ڪڻو بچيو آهي، پر جيڪو به بچيو آهي سو ان دونهي کان پوءِ ڪيئن نه بيمار ٿي مري رهيو آهي. ٿرڪول جي چور چِمنين مان نڪرندڙ گدلو زهريلو دونهون جيڪا بربادي آڻي رهيو آهي، تنهن ۾ جيڪي ڳوٺ تيزي سان متاثر ٿي رهيا آهن تن ۾ وڪڙيو کان ويندي تِلوائيو، جيئندو درس، ڀاوي جو تڙ، کاريو غلام شاهه، وروائي سميت ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ اچي وڃن ٿا، جن ڳوٺن جي انساني آبادي ۾ وڏي تيزي سان سهڪي ۽ چمڙي جون بيماريون پکڙجڻ لڳيون آهن. ان ڏس ۾ اسان جڏهن ڳوٺ جيئندو درس جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪري سندن سُور پچار سُڻي موٽياسين پئي ته سچ پُڇو اهو هاڻ سمجهڻ ڏکيو هو ته هي ماڻهو هتي وڌيڪ ڪيترو وقت رهي سگهندا. ڳوٺ جا ٻه پير مرد ڪاڪو ڀيمو ميگهواڙ ۽ وانڪو ڀڳت جيڪو سُور اسان سان دونهين واري گدلاڻ جي حوالي سان سَلي رهيا هئا، تنهن کي سُڻي اُتي زندگي جو ڪوبه رُوپ محفوظ نه پئي لڳو. لڳ ڀڳ ٽيهارو کن ماڻهن مان ڪو هڪ ماڻهو به اهڙو نه هو جيڪو کڻي چوي ته خطرو ڪونهي. سڀ جا سڀ اهو سُڻائي رهيا هئا ته ان دونهين سبب سندن ٻار هاڻ بيمار ٿيڻ لڳا آهن ۽ خاص طور ڳورهارين عورتن لاءِ اهڙو دونهون انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي ۽ ٻُڍڙا پڻ ساهه جي سُورن ۾ جهلجي پيا آهن. انهن ڳوٺاڻن اهو به ٻڌايو ته سندن مال جا ڌڻ هوندا هئا جيڪي ڪوئلي واري رٿا کان پوءِ رُلي ويا. ڇاڪاڻ جو نه سندن زمينون رهيون ۽ نه ئي گئوچر. تنهن ڪري جنهن وٽ ٿرڪول رٿا کان اول پنجاهه ٻڪريون هيون ته اڄ ان وٽ پنج به جي بچيون آهن ته سمجهو وڏي ڳالهه آهي. ايئن باقي رڍن، ڍڳين ۽ اُٺن جو به حال آهي.
ساڳيو حال بلاڪ ون جي گهيري ۾ آيل ڳوٺ وروائي جو آهي، جيڪو ڳوٺ سموري ٿر ۾ کير جي پيداوار واري تناظر ۾ مشهور رهيو آهي پر هاڻ ان ڳوٺ جو حال اهو آهي جو ماڻهو تيزي سان مال وڪڻڻ ۽ ڳوٺ مان لڏڻ لڳا آهن. ڇاڪاڻ ته ان ڳوٺ کي به ڪمپني وارن ايئن ئي لڏائڻ جا نوٽيس ڏيئي ڇڏيا آهي جيئن سينهري درس کي جبري لڏائي نيو سينهري ماڊل وليج جي نالي ۾ هڪ اهڙي پاپي پِڃري ۾ قيد ڪيو ويو، جتي ماڻهن جو ساهه منجهي رهيو آهي ۽ هو هرهڪ پل عذاب ۾ گُذارين ٿا. ڪو وڃي نيو سينهري جا سُور ڏسي ته اچي ته اُتي رهندڙ انهن ماڻهن جي هن وقت حالت ڪهڙي آهي، جيڪي اڳي پنهنجن اباڻن پڊن تي پنهنجي مرضي جا پاڻ مالڪ هئا پر نام نهاد ماڊل وليج جي نالي ۾ انهن سان اهو ناحق ڪيو ويو آهي جو هاڻ هو پنهنجون يادون ساريندي روئي پون ٿا. اهڙا لُڙڪ پاڻ نيو سينهري درس جي ڀيل پاڙي ۾ موجود شِو مندر ۾ ڀيل برادري سان ڪيل حالن احوالن ۾ ڀيلن جي سُخ اکين ۾ ڏسي موٽيا آهيون. ها جڏهن هو اهو ٻڌائين ٿا ته هو پنهنجي ڳوٺ ۾ هوندا هئا ته ڪيئن هوندا هئا ۽ هاڻ هن ماڊل وليج جي پِڃري ۾ سندن زندگي ڪيئن گنگهر بڻجي پئي آهي.
ڳوٺ نيوسينهري جا رهواسي ٻڌائين ته ڪول پلانٽ جو زهريلو دونهون کين هاڻ ويهڻ ئي نٿو ڏئي ۽ ان سان گڏ زميون ۽ مال کسجي وڃڻ کانپوءِ هو هاڻ هڪ وقت جي ماني ڳڀي جهڙا به ناهن رهيا. جڏهن ته هڪ دور اهڙو هو جو هو هر آئي وئي کي ٻاجهرين جون ٻُوريون ڀري پيا سوکڙي ۾ ڏيندا هئا پر اڄ اهو حال آهي جو هڪ ويلو رُکو سُکو پچي ٿو ته ٻئي جي اها ڳڻتي ڳاريو ڇڏي ته هاڻ ٻيو ويلو ڪٿان ايندو؟ هو ٻُڌائين ٿا ته ڪمپني ساڻن جيڪي به واعدا ڪيا هئا، تن مان ڪوبه نه پاڙيو ويو. روزگار جي حوالي سان هو ٻُڌائين ٿا ته سندن سامهون ٻين صوبن مان آيل ماڻهو ته هر ڏينهن ڀرتي ٿيندا ٿا رهن پر کين ٻيو ته ٺهيو پر ڏيهاڙي مزدوري تي به نٿو رکيو وڃي. ڀيل پاڙي جي اهڙي سُور پچار دوران هڪ نوجوان پنهنجي کيسي ۾ ڊرائيونگ لائسنس ڪڍي ڏيکاريندي انتهائي ڏکويل لهجي ۾ ٻڌائڻ لڳو ته کيس ٻني جي عيوضي ۾ ڪمپني مان جيڪي ٻه روپيا مليا هئا تنهن مان هن هائيلڪس گاڏي ورتي هئي ته جيئن ڪمپني ۾ اها گاڏي لڳائي زندگي جو گاڏو ڌِڪي سگهان پر ڪمپني وارا منهنجي گاڏي نٿا لڳائين، جڏهن ته ٻاهران آيل ماڻهن جون گاڏيون روز ڪم سان لڳايون وڃن ٿيون.
چوڻ جو مطلب ته اهو ڪهڙو سُور آهي، جيڪو هينئر ٿرواسي نه ڀوڳيندا هُجن!! پر انهن سڀني سُورن ۾ جيڪو سُور کين کايو ٿو وڃي سو آهي زهريلي دُونهين سبب سندن ڀاتين ۽ ڪڻو ڪڻي ٿي بچيل مال ۾ وڌندڙ بيمارين وارو سُور. اسان ان ڏس ۾ سلام ڪوٽ ۾ هڪ وٽنري ڊاڪٽر سان ملاقات ڪري کانئس حقيقت سمجهڻ جي ڪوشش به ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته بروبر ڪوئلي جو گدلو زهريلو دونهون جيئن گاهه تي هيٺ ڪِري ان ۾ دز بنجي گاهه سان رلجي رهيو آهي سو انتهائي هاڃيڪار آهي. جنهن سبب مال ۾ فُوڊ پوائزنگ ۽ ڦڦڙن جي بيماري تيزي سان وڌڻ لڳي آهي. هاڻ سوال اهو آهي ته هڪ ته مارُو لوڪ جون زمينون کسجي ويون ۽ مٿان جڏهن ڪوئلي جو گدلو زهريلو دُونهون سندن ٻچڙن ۽ ڍور ڍڳن جون حياتيون به کسڻ لڳي ته باقي پويان بچي ڇا ٿو جنهن جي آسري اهي ماڻهو زندگي گهاري سگهندا!؟ پاڻ کي اڄ انهي سوال جو انهن ماڻهن کان جواب گهرجي جيڪي اهو چوندا هئا ته ڪوئلي کان پوءِ ٿر اصل دُبئي ٿيڻ وارو آهي!!