انقلابي پارٽيون ۽ ڪميونسٽ هارين جي صفن ۾ ڪم ڪندا آهن ۽ انهن جي تنظيم ۾ مدد ڪندا آهن. اصل ۾ لينن بيٺڪيتي ۽ غلام ملڪن جي انقلابين کي اها ئي هدايت ڪئي: “اها ڳالهه آساني سان قبول ڪئي ويندي ته نيم جاگيرداراڻي ماتحتي ۽ انحصار تي گذارو ڪندڙ هاري سوويت تنظيم جي تصور کي پنهنجي اندر سولائي سان سمائي ان کي حقيقت جي شڪل ڏئي سگهن ٿا، اها ڳالهه به واضح آهي ته واپاري سرمائي ۽ جاگيردار آقائن ۽ جاگيرداراڻي رياست جي استحصال جي جبر هيٺ پيسجندڙ عوام پنهنجين مخصوص حالتن ۾ ان تنظيم کي هٿيار طور استعمال ڪري سگهن ٿا. سوويت تنظيم جو تصور سادو ۽ آسان آهي ۽ اهو نه رڳو پرولتاري لا عمل جوڳو آهي بلڪ ديهي جاگيرداراڻي ۽ نيم جاگيرداراڻن رشتن ۾ به ان کي عمل پذير ڪري سگهجي ٿو.”
۽ مسئلو اهو نه آهي ته انهن تنظيمن کي ڪهڙو نالو ڏنو وڃي. سوويت روس ۾ انهن کي شروعات ۾ پورهيتن، هارين ۽ سپاهين جي نمائندن جي سوويت جو نالو ڏنو ويو. بعد ۾ جڏهن استحصالي طبقن جي پاڙ پٽي وئي، انهن کي پورهيت عوام جي نمائندن جي سوويتن جي نالي سان ڄاتو ويو، ۽ اڄ انهن کي عوامي نمائندن جي سوويتن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. تڏهن به سوويت تنظيم بابت لينن جي ڳالهه ٻولهه جو اهو مقصد نه هو ته روس جي سوويت حڪومت تي هر هنڌ عمل ڪري سگهجي ٿو، غيرسرمائيداراڻن ملڪن بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي لينن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته:
“اتي به سوويتن جو قيام ممڪن آهي پر اتي اهي مزدورن جون سوويتون نه هونديون بلڪ هارين جون سوويتون يا محنت ڪش عوام جون سوويتون هونديون.”
ويٽنام، لائوس، ڪمپوچيا، افغانستان (هي ليک اڳوڻي سوويت يونين ۾ 1986ع جو لکيل آهي، ۽ ان دور ۾ افغانستان ۾ عوامي راڄ قائم هو. مترجم) انگولا، موزمبيق، ايٿوپيا، الجزائر، ڪيوبا، ڪوريا ۽ ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ انقلابي جدوجهد تنظيم جي اهڙين مقامي شڪلين کي جنم ڏنو آهي (عوامي، انقلابي ۽ قومي سوويتون). تڏهن به اهي نيستي مان اچانڪ ظاهر ناهن ٿيون، ڪنهن نه ڪنهن کي اهو ڪم ڪرڻو پيو ۽ ڪنهن نه ڪنهن نجي ملڪيتن جي ڪري ورهايل انهن هارين کي شعور ڏيندي انهن کي منظم ڪيو جن کي اها ڄاڻ نه هئي ته هو پنهنجي صورتحال کي بدلائڻ لا ڪنهن کان سهائتا ۽ مدد طلب ڪن ۽ ڪنهن ڏانهن رجوع ڪن.
اسريل ملڪن ۾ پورهيت طبقو ۽ ان جي هراول مارڪسي-لينني پارٽي ئي اها قوت آهي، جيڪا هاري آبادي کي منظم ۽ متحد ڪندي آهي. اهو انتهائي ڏکيو ڪم آهي، جيڪو انتهائي ڊيگهه ۽ صبر جو گهرجائو آهي. سڀني انقلابن جو تجربو ان ڳالهه جو شاهد آهي ته پورهيت طبقن کي هاري آبادي کان پرعزم سهائتا ۽ مدد ملي سگهي ٿي، اهڙن ملڪن ۾ جتي پورهيت طبقو موجود نه هجي، اتي انقلابي جمهوري هراول پارٽي بقول لينن “سياسي اقتدار تي قبضو ڪري چڪڻ، وڏن زميندارن، ۽ سرمائيدارن جو حساب ڪتاب چڪائي ڇڏڻ، ۽ پيسجندڙ ۽ ڪچلجندڙ عوام تي اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏڻ کان پو هارين جي حمايت ڪري سگهي ته ان پارٽي جي صورت ۾ انهن کي هڪ اهڙي مضبوط ۽ مستحڪم قيادت حاصل آهي، جيڪا سندن رهنمائي ڪي سگهي ٿي ۽ انهن کي سڌي واٽ ڏيکاري سگهي ٿي.”
سوال اهو آهي ته انهن آزاد ٿيل ملڪن ۾ ان هراول جي تشڪيل ڪيئن ڪئي وڃي، جتي عملي طور پورهيت طبقو اڻلڀ آهي، جتي قومي بورجوازي پنهنجو انقلابي رنگ وڃائي چڪي آهي، جتي هاري آبادي پنهنجي فطرت ۽ روايتي پدراڻن رشتن جي نظام، پنهنجي انتشار ۽ جهالت جي ڪري منظم ڪري سگهجي ها؟
اسرندڙ ملڪن ۾ عوامي هراول جي تنظيم دانشورن جي اهڙي ننڍڙي پرت ذريعي ٿيندي آهي جيڪو زرعي مينيجرن، دفتري ملازمن، استادن ۽ ڊاڪٽرن (جيڪڏهن موجود هجن) تي ٻڌل هوندي آهي. هي اهو پرت آهي جيڪو بالادست طبقا پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لا ٺاهيندا آهن. جن ملڪن ۾ سرمائيداراڻو نظام صنعت جي قيام ڏانهن پهريون وکون کڻي رهيو آهي، اتي دانشورن مان انجنيئر ۽ ٽيڪنيڪي ماهر به نمودار ٿين ٿا. آزاد ٿيل ملڪن ۾ محب وطن دانشورن ئي غيرپرولتاري عوام جي قيادت ڪري انقلابي ۽ جمهوري پارٽين جي نيوڪليئس کي جنم ڏنو آهي.
عوام جي مفاد ۾ شعوري جدوجهد جي راهه تي پاڻ کي آڻڻ لا رڳو اهو ڪافي نه آهي ته انسان باعلم هجي. ان لا اهو به ضروري آهي ته ان کي پنهنجي عوام سان محبت هجي. اسريل ملڪن ۾ به دانشور پورهيت طبقي جي مدد ۽ سهائتا ڪندا آهن ته جيئن هو پنهنجي اميدن ۽ مطالبن لا آواز بلند ڪري سگهي. حقيقت ۾ سڀني ملڪن ۾ شروعات ۾ دانشور تحريڪ تي حاوي رهيا، سائنسي ڪميونزم ۽ پورهيت طبقي جي پهرين انقلابي پارٽي جا باني مارڪس ۽ اينگلز به دانشور هئا ۽ اهڙي طرح سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي جو باني لينن به دانشور هو.
عام طور قومي آزادي جي تحريڪن جا رهنما ۽ انقلابي جمهوي هراول پارٽين جا تنظيم ساز اهڙا دانشور هئا جيڪي سماجي زندگي جي مختلف حلقن سان تعلق رکندا هئا. انهن مان ڪجهه ته زميندار، سرمائيدار ۽ مذهبي عالمن جي خاندانن سان تعلق رکندا هئا. مثلن لاطيني آمريڪا جو سيمون بوليوار، هوزي مارٽي فارابندو مارٽي، آگستو ساندينوا، ۽ ڪيوبا جي انقلاب جو قائد فيڊل ڪاسترو به مڇي ماني لائق ڪٽنب سان تعلق رکيو ٿي.
ايملڪار ڪيبرال (گني بسائو)، ايدوآورد مندلاني (موزمبيق ۾ فريليمو جو باني) پيترس لوممبا (اڳ ۾ بيلجيقي ڪانگو سڏرائيندو هو، هاڻي زائير سڏرائيندو آهي)، انهن سڀني کي بيٺڪيتي آقائن قتل ڪيو. اهي سڀئي پڻ دانشور هئا. اهڙي ريت قومي آزادي جي جدوجهدن جون ٻيون وڏيون شخصيتون مثلن، جمال عبدالناصر، (مصر) آگستينو نيتو (انگولا) مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو ۽ اندرا گانڌي (هندستان جي وزير اعظم جنهن کي بيرحمي سان قتل ڪيو ويو)، سن ياتسين (چين) هوچي منهه (ويٽنام) سوکي باطور (منگوليا) به دانشور هئا. حقيقت ۾ اهڙن ڪيترن ئي عظيم ويڙهاڪن جي فهرست ٺاهي سگهجي ٿي جن دانشور خاندانن سان تعلق رکيو ٿي ۽ جن پنهنجيون زندگيون عوام جي خدمت کي ارپي ڇڏيون. انهن شخصيتن جي ڪري ئي اهو ممڪن ٿئي ٿو ته پورهيت طبقي جي انقلابي نظرئي جي رهنمائي ۾ اهڙين هنڌن ۾ به پارٽين جي تشڪيل ٿئي، جتي اڃا پورهيت طبقو مشڪل سان ئي وجود ۾ آيو آهي، پر سماجي ترقي جون گهرجون مسلسل اهو مطالبو ڪري رهيون آهن ته انقلابي قوتون منظم ٿي وڃن.
دانشور بذات خود طبقو ناهن هوندا. اهو اهڙن ماڻهن تي مشتمل هڪ سماجي پرت آهي جيڪي دماغي ۽ خاص طور پيچيده ۽ تخليقي ڪم ڪن ٿا ۽ ثقافت جي ترقي ۽ تشهير جو ذريعو هوندا آهن. دانشورن جي تشڪيل هڪجهڙي ناهي هوندي ۽ اهي مختلف سماجي طبقن سان تعلق رکڻ جي ڪري عام طور انهن جي مفادن جي ئي نمائندگي ڪندا آهن. تڏهن به تاريخ اها ثابتي ڏيئي ٿي ته استحصالي سماجن ۾ ترقي پسند دانشور اڪثر پورهيت عوام جي جانبداري ڪندا آهن ۽ انهن جي سماجي آزادي جي جدوجهد ۾ بهرو وٺندا آهن. ايتري تائين جو انهن جي انقلابي سرگرمين جي رهنمائي به ڪندا آهن. جيڪڏهن ترقي پسند دانشور عوام سان گهرو تعلق پيدا ڪري وٺن ته هو ان جدوجهد جي وڏي قوت بڻجي ويندا آهن. لينن مطابق اهي ماڻهو عوام جي اها کوٽ پوري ڪري ڇڏيندا آهن جنهن کان محروم هوندو آهي هو عوام کي علم، ترقي پسند قيادت ۽ تنظيم فراهم ڪندا آهن.
)هلندڙ)