ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي اڻهوند

پاڻ ماڻھو روزانو اخبارن ۾ ٽي وي چئنلن توڙي سوشل ميڊيا تي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن ۽ انهن جي مائٽن سان ٿيندڙ زيادتين جو احوال به پڙھندا آهيون ۽ لاڙڪاڻي کان وٺي ٿرپارڪر جي سڀني اسپتالن ۾ مريضن کي پيش ايندڙ تڪليفن جون ويڊيوز به ڏسندا رهندا آهيون. پر علاج جي اڻپورين سھوليتن سبب عام ماڻهن کي ٿيندڙ ڏکيائين ۽ سندن ڏکن سورن سان ڀريل بيوسيءَ کي پنهنجن ڪالمن ۾ ان ڪري لکڻ کان لنوائيندا رهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته 2018ع کان پوءِ حڪومتن ۽ مخالف ڌرين جي تڪرارن جيڪي ھماليائي چوٽيون سر ڪيون آهن، تن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل گرما گرم سياسي صورتحال کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. جيئن ته آئون پاڻ به اڻھوند جي ڪري پرائيويٽ اسپتالن ۽ پئسن ڪمائڻ جي شوقين ڊاڪٽرن ڏانھن وڃڻ بدران گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنھنجي ھر مرض جو علاج سول اسپتال حيدرآباد مان ڪرائيندو آهيان، تنهنڪري اتي ٻھراڙين مان ايندڙ مسڪين ماڻهن ۽ سندن زالن سان ٿيندڙ جٺين جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. کوجنا ڪندڙ صحافي ھجڻ ڪري سول اسپتال جي انتظامي عملدارن سان به گڏجاڻي ڪري کين ٻُڌائيندو رهيو آهيان ته سياري جي رت ڄمائيندڙ سيءُ ۾ اسپتال جي رستن تي داخل ٿيل مريضن جا مٽ مائٽ ڪيڏي نه تڪليف ۾ مبتلا ٿي پاڻ به بيمار ٿيو پون. انتظاميا وارا ته مون کي اھو باور ڪرائيندا آهن ته سندن وس ۾ ڪجهه به ڪونهي. جيڪڏهن وس ۾ ھجين ته ٽي چار منزله گيسٽ ھائوس ٺھرائي غريبن کي اجھو ڏين. پوءِ منھنجي ذھن ۾ اھا ھورا کورا ٿيڻ لڳي ته صحت کاتي کي سالياني بجيٽ ۾ ھر سال ملندڙ اربين روپيا آخر ڪھڙن ڪمن تي خرچ ڪيا ويندا آهن؟ جيڪي ڊاڪٽر مون کي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڏھاڪن کان پڙھندا رھيا آھن ۽ منهنجي لکڻين کي پسند ڪندا آهن، سي نه رڳو عزت ۽ خوش اخلاقيءَ سان پيش ايندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي اھڙيون سچيون ڳالهيون به ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪي ڇرڪائيندڙ ھجڻ سان گڏوگڏ منهنجي ضمير کي ڏڌ جيان ولوڙي ڇڏين ٿيون. ٽن چئن مهينن کان سوچيم پئي ته سرڪاري اسپتالن ۾ ٿيندڙ ڪاسائڪي ڪار تي لکندس پر مھيني ۾ ٻه ڀيرا سنڌ ھائيڪورٽ ڪراچيءَ ۾ پيش ٿيڻ ڪري اسپتالن جي خرابين ته ڇا، ڪنھن به موضوع تي اربع واري ڏينهن لکڻ جو وقت ئي نه ملندو اٿم. شڪر آهي جو ڪالهه حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر ويٺو هئس ۽ موقعو مليو، اھو سچ لکڻ جو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي خرابين جا ڪھڙا ڪارڻ آهن ۽ خاص ڪري سنڌ جي ٻيون نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي سول اسپتال بابت.
آئون ڪجھه عرصي کان بڪين جي سور سبب سول اسپتال حيدرآباد ويندو رهيو آهيان ته جيئن يورالاجي شعبي جا ماهر ڊاڪٽر تپاس ڪري ٻڌائي سگهن ته آخر آهي ڪھڙو مرض؟ ڇا گردن يا مثاني ۾ پٿري آهي يا پراسٽيٽ گلينڊز جو واڌارو ٿيڻ ڪري پيشاب ۾ ساڙو ۽ رڪاوٽ ٿئي ٿي. گذريل سال ته سڀئي ٽيسٽون ڪليئر قرار ڏنائون. پر گذريل سومر تي مون کي ٻڌايو ويو ته ھن ڀيري اوهان جو پراسٽيٽ وڌيل آهي جنهن جو علاج آپريشن ذريعي ٿيندو.
جيئن ته ھن ڀيري سنڌ ھائيڪورٽ ڪراچيءَ ۾ منهنجي ڪيس جي تاريخ رکيل نه ھئي تنھنڪري اڱاري ڏينهن ھيءَ مائينر آپريشن ڪرائڻ خاطر سول اسپتال حيدرآباد جي پيشاب جي بيمارين واري يورالاجي شعبي ۾ پھچي ويس. اتي شعبي جو وڏو ڊاڪٽر به مليو ۽ نويڪلائيءَ ۾ ويھاري جيڪا حقيقت مون کي ھن ٻڌائي سا ٻڌي منهنجي مغز کي ڦيراٽيون اچي ويون. ڊاڪٽر صاحب چيو ته اوهان کي مجبور ٿي سچ ٻڌايان ٿو ته منھنجي شعبي ۾ مريضن جون ٽيسٽون ڪرڻ لاءِ گھربل بنيادي شيون، ڪمپيوٽر ۾ استعمال ٿيندڙ پرزا، انجيڪشن، سيرم، بڪين ۾ ڪريٽينائين جو مقدار ڄاڻڻ وارا اوزار، جگر جي ايل ايف ٽي Liver function Test, پيشاب ۾ يوريا ۽ يورڪ ايسڊ جو ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ھاڻي ڪابه شيءِ موجود نه آهي. سوين غريب مريض ھفتن کان رلي رلي خوار ٿين پيا ۽ اسان ڪنهن جو به علاج ڪرڻ کان لاچار آهيون. ايتري قدر جو خراب ٿي ويل گردن جي مريضن لاءِ ڊائلاسز جي سھولت به بند ٿي چڪي آهي. پوءِ آئون سول اسپتال جي مکيه ليبارٽريءَ ۾ ويس جتي منھنجي پاڙي جا نوجوان ٽيڪنيشن ڪم ڪندا آهن. انھن کان پڇا ڳاڇا ڪيم ته پتو پيو شگر جي HBA1C يعني ٽن مهينن واري ٽيسٽ به ڊسمبر کان بند ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته گھربل دوائن، ڪيميڪلس ۽ سرنجز ناياب ٿي ويون آهن. آئون تپرس ۾ پئجي ويس. ڊائلاسز نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي مسڪين مريض فنا ٿي ويا ھوندا ۽ گھڻا موت جي منهن ۾ ڦاٿل ھوندا؟
سوچيم ته ڇا بلاول ڀٽو زرداري جيڪو دنيا جي ماڻهن کي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ اچي علاج ڪرائڻ جون دعوتون ڏيندو آهي جنهن کي ڇا اھا ڄاڻ آهي ته سندس پڦي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي نگرانيءَ هيٺ سنڌ جي ٻيون نمبر وڏي شهر جي سڀ کان وڏي ۽ قديم سول اسپتال ۾ صفا ڀينگ لڳي پيئي آهي؟ منهنجي خيال ۾ بلاول اڻڄاڻ آهي، ھنن بدترين حالتن کان. نه ته ھيڏي ھام ڪڏھن به نه ھڻي ھا.
ظاھر آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ کان وٺي سمورن تعليمي ادارن جي برباديءَ کانسواءِ سنڌ پوليس،روينيو ڊپارٽمينٽ، روڊس، بلڊنگس، بلديات ۽ آبپاشي کاتا، زراعت ۽ ٻين کاتن کي ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيندي ڪيترن سالن کان اکين سان ڏسون پيا ۽ سڀني سرڪاري ادارن کي تباهه ڪندڙن خلاف لکون ٿا ته پنهنجي شھر حيدرآباد جي ھن شاندار اسپتال کي برباد ڪندڙن جي کوجنا مون کي ڪرڻي پيئي، جيڪا ھڪ سال کان ڪريان پيو.
پتو پيو ته ھڪڙو 17 گريڊ جو اڪائونٽس آفيسر ستن سالن اندر ترقيءَ جون منزلون ماڻيندو ھاڻي سول اسپتال حيدرآباد جو بي تاج بادشاهه بڻجي تڪڙا ۽ غير قانوني پروموشن وٺي 20 گريڊ واري اھم عھدي تي پھچي ويو آهي. سندس بادشاھيءَ ۾ ھيءَ سڄو زوال ان ڪري آيو آهي ته 2016ع ۾ موٽرسائيڪل تي اسپتال ايندڙ ھيءَ شخص ھاڻي ڪروڙين رپين جي زمين، بي شمار بنگلن، چئن مھانگين گاڏين ۽ ٻي گھڻي ملڪيت ھن اسپتال جي بجيٽ مان ٺاھي چڪو آهي. ڪوبه سينيئر ڊاڪٽر جڏهن سندس ناجائز پروموشن خلاف سروس ٽربيونل ۾ فرياد ڪري ٿو ته ان کي سزا طور ٿرپارڪر جھڙي ڏورانهين ڏيهه ڏانهن بدلي ڪرائي ٿو ڇڏي. سنڌ سروسز ٽربيونل ۾ ھن شخص کان سينيئر آفيسرن سال 2019ع ۾ پٽيشن نمبر 1009/19 داخل ڪرائي جنهن تي 10 جنوري 2022ع ۾ فيصلو ڏنو ويو ته کيس گريڊ 20 ۾ غير قانوني طريقي سان پروموشن ڏنو ويو آهي جنهن کي ڪينسل ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت انھيءَ فيصلي تي عمل ڪندي باقاعدي 16 مئي 2022ع تي سندس نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو پر صحت کاتي جي اصل ڪرتا ڌرتا ٽربيونل جي انھيءَ فيصلي کي ٿڏي هن کي گريڊ 20 ۾ مقرر ڪري سول اسپتال حيدرآباد جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. مالڪي ملڻ شرط ھن شخص خالي آسامين تي ڀرتيءَ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنو ۽ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ ذات ڀائي ڪجھه ھن ريت ڀرتي ڪري ڇڏيائين.
ھن شخص مال رسائڻ واري ڪم ۾ ايڏي ته ايمانداري ڏيکاري آهي جو مالڪن کيس فقط ستن اٺن سالن اندر سترھين گريڊ کان ويھين گريڊ تي پڄائي ڇڏيو آھي. مالڪ منجهانئس ايڏا ته خوش آهن جو 2018ع ڌاري دوائن جي خريداريءَ ۾ 35 ڪروڙين جو فراڊ اينٽي ڪرپشن ٽيم جھليو ۽ مٿس ڪيس به داخل ڪيائون پر ان ڪيس جو فائيل ڪھڙي ملبي ھيٺان دٻجي گم ٿيو، تنهن بابت ڪابه خبر ناهي. ڀرتي ڪيل 182 اسپتال جي ملازمن مان 30 ڄڻا سندس مختلف شهرن ۾ ورتل بنگلن تي سندس ذاتي نوڪر ڪري رکيل آهن پر پگھار کڻن ٿا بکايل ۽ ڏکايل سنڌي قوم جي خزاني مان!
وري به ورجائي ٿو ڇڏيان ته جڏهن موٽرسائيڪل تي اسپتال ايندڙ شخص ستن سالن ۾ چئن ڪروڙن واري گاڏيءَ جو مالڪ بڻجي فارچونر ۾ چڙھي اسپتال اچي ٿو ته اتي ويھن ٻاويهن سالن کان ٽيڪنيشن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ ويچارا ھيٺئين طبقي جا ملازم پنهنجي ڀاڳ نڀاڳ تي روئيندا يا نه؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button