قرض تي قرض وٺندڙ ملڪ جي خزاني واري وزير اسحاق ڊار عوام کي اطلاع ڏنو آھي تھ پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ ۾ چين جي پاران اماڻيل 70 ڪروڙ ڊالر پھچي ويا آھن. ان رقم سان پاڪستان جي قومي ملڪيت ۾ اضافو ٿيندو. پر سوال اھو آھي تھ ڇا ڪڏھن بھ ڪوئي قرض سان ملڪيت ميڙي سگھي ٿو؟
اھو ھڪ فرد ھجي يا ھڪ گھر ھجي يا ھڪ ملڪ ھجي. جنھن جو بھ گذر قرض تي ھوندو، ان جو اھو حشر ٿيندو، جيڪو مرزا غالب پنھنجي ھڪ شعر ۾ لکيو آھي:
“پيتي تھي مئھ قرض ڪي اور سوچتي تھي يھ
رنگ لائي گي ھماري فاقھ مستي ايڪ دن”
قرض جي مئھ سان حاصل ڪيل مستيءَ تي ناز نھ ڪرڻ گھرجي. ان مئھ جو نشو جڏھن لھي ويندو آھي تھ ھزارين پريشانيون پيدا ٿي پونديون آھن. پاڪستان کي بطور ھڪ ملڪ جي اھو سوچڻ گھرجي تھ اھو سلسلو آخر ڪيستائين ھلندو؟ آخر ڪيستائين پاڪستان ڪڏھن آءِ ايم ايف ۽ ڪڏھن ورلڊ بينڪ تھ ڪڏھن چين جي در تي ڪشڪول کڻي قرض گھرڻ ويندو. اھا بھ ھڪ عجيب ڳالھھ آھي. قرض جي سلسلي ۾ اھو ھڪ عام خيال آھي تھ قرض لاءِ ڪشتو کڻي نھ وڃبو آھي. ڪشتي جو تعلق سدائين خيرات سان ھوندو آھي. ڪشتو قرض جي نھ پر پنڻ جي علامت آھي. پر ماضيءَ ۾ پاڪستان کي پرڏيھي امداد تي ھيرائي ھيرائي اھڙو بڻايو ويو آھي جو ھاڻي جيڪڏھن پاڪستان ڪنھن کان قرض بھ وٺي ٿو تھ ائين محسوس ٿئي ٿو تھ ڄڻ پاڪستان کي امداد ملندي ھجي. جنھن ملڪ جي قرض امداد ھجي، ان ملڪ جو مستقبل واقعي تمام گھڻي ڳڻتيءَ وارو ھوندو آھي. پاڪستان جي سلسلي ۾ بھ اھو ئي ڪجھھ آھي. پاڪستان جي سياستدانن کي تھ پنھنجو اقتداري وارو وٺڻ لاءِ پئسو گھرجي ۽ اھو پئسو ڪالھھ نواز شريف ۽ اڄ زرداريءَ ۽ شھباز شريف يا اڳين حڪومت ۾ عمران خان پنھجي نالي تي نھ ورتو آھي جو انھن کي ڪا پريشاني ھجي. اھو قرض ھن ملڪ جي نالي تي ورتو ويو آھي. ان ڪري اھا پريشاني ھن ملڪ جي عوام کي ھجڻ گھرجي پر اھا پريشاني ھن مھل تائين اسان ڪنھن جي بھ چھري تي نھ ٿا ڏسون. ان جو ھڪ سبب ناھي. ان صورتحال جا ٻھ سبب آھن. ھڪ سبب اھو آھي تھ عام عوام کي اھو شعور ناھي تھ قرض جا ھن جي قومي زندگيءَ مٿان ڪھڙا ناڪاري اثر پوندا؟ ھو پنھنجي روش سان پنھنجي زندگي گذارين ٿا. انھن کي اھو محسوس ٿئي ٿو تھ قرض وٺڻ وارا تھ حڪمران آھن. انھن جو ڇا وڃي جو پريشان ٿين؟ جڏھن تھ ملڪ ڪجھھ حڪمرانن جو نھ پر عوام جو ھوندو آھي. انھن قرضن جي ڪري پاڪستان کي ھن وقت تائين جيڪو بھ نقصان پلئھ پيو آھي يا جيڪو بھ نقصان ٿيندو، اھو نقصان دراصل عوام جو ئي ھوندو. ان کان سواءِ ٻيو سبب اھو آھي تھ اسان وٽ ملڪ جي سلسلي ۾ عوام وٽ ھڪ لاتعلقيءَ واري ڪيفيت پيدا ٿي پئي آھي. ان ڪري اسان جو عوام ملڪ کي پوندڙ نقصان جي سلسلي ۾ حساس ھجڻ جو ثبوت فراھم ئي نھ ٿو ڪري. ھو مسلسل اھڙي روش رکي ٿو، جنھن ۾ ھڪ قسم جي بيگانگي آھي. اھا ڪيفيت عوام جي لاءِ بھ ٺيڪ ناھي ۽ اھا ڪيفيت ملڪ جي لاءِ بھ درست نھ ھوندي آھي.
پاڪستان کي سندس ماضيءَ جي حوالي سان جن مصيبتن مان گذاريو ويو آھي، ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي تھ ھڪ سٺو ۽ سيبتو ملڪ اھڙي طرح قرضن جي ڄار ۾ ڦاسي ويو آھي جو ھن کي ھر شيءَ جي حوالي سان انھن قوتن جا شرط تسليم ڪرڻا ٿا پون، جن قوتن کان پاڪستان قرض وٺي ٿو. ھونءَ بھ دنيا ۾ ڪوئي بھ ملڪ ٻئي ملڪ جي مدد بنا ڪنھن مفاد جي نھ ڪندو آھي. جيڪڏھن پاڪستان کي ڪو بھ ملڪ اڳ ۾ امداد ڏيندو ھو ۽ ھاڻي قرض ڏئي رھيو آھي تھ ان ملڪ جا ڪي مفاد آھن. ھن دنيا ۾ مفادن کان سواءِ ڪنھن جي بھ مدد ٿيندي نھ ڏٺي وئي آھي. پاڪستان کي جيڪڏھن آءِ ايم ايف قرض ڏيندو رھيو آھي تھ پاڪستان کي سخت شرطن تي قرض ڏئي ھن ايترو تھ ھن ملڪ کي جڪڙيو آھي جو ھي ملڪ آءِ ايم ايف جي مرضيءَ کان سواءِ ساھه بھ کڻي نھ ٿو سگھي. ساڳي طرح سان يو اي اي آھي. سعودي عرب آھي. اھي ملڪ پاڪستان جي سلسلي ۾ تمام گھڻا مشروط آھن. انھن کي معلوم آھي تھ ھو پاڪستان کي مجبور ڪري ڇا ڇا حاصل ڪري سگھن ٿا؟
قرض تھ ھڪ مرض آھي. قرض جو رستو ڪڏھن بھ ترقيءَ طرف وڃي نھ ٿو سگھي. پاڪستان جي مجموعي مصيبتن جو سبب بھ اھو آھي تھ پاڪستان ھڪ کان پوءِ ٻيو قرض کڻي پاڻ کي اھڙي ڄار ۾ ڦاسائيندو ويو آھي جو ان مان ھن مھل نڪرڻ جي ڪا بھ راهھ نظر نھ ٿي اچي. پاڪستان کي پنھنجي واڳ قرض وارن جي ھٿن مان ڇڏائڻ جي لاءِ تمام وڏي محنت سان گڏ اھڙا مشڪل فيصلا بھ ڪرڻا پوندا، جيڪي في الحال اسان کي تھ ٿيندا نظر نھ ٿا اچن پر اھو سلسلو جھڙي ريت ھلي رھيو آھي تھ اڄ ھن ملڪ کان قرض ۽ سڀاڻي ھن ملڪ کان قرض تھ ان مان ٻاھر نڪرڻ جي ڪا صورت بھ پيدا نھ ٿي ٿئي تھ پوءِ پريشاني تھ اسان جو دامن پڪڙيندي ۽ اسان جي دل اسان کان پڇا ڪندي تھ آخر ھن عذاب جو انت ڪڏھن ايندو؟
دنيا جي ھر ملڪ جي عوام جي اھا جائز خواھش ھوندي آھي تھ ھن جو ملڪ عزت ۽ آبروءَ وارو ھجي ۽ دنيا جي ھر ايئرپورٽ تي ھن جي ملڪ جي پاسپورٽ کي وڏي قدر جي نظر سان ڏٺو وڃي پر پاڪستان جي سلسلي ۾ اھا پريشاني ۽ اھا پشيماني تمام گھڻي وڌيل آھي تھ ھن ملڪ جا شھري ٻاھرين ملڪن جي ياترا دوران تمام گھڻي توھين برداشت ڪن ٿا. ان جو سبب ان کان سواءِ ٻيو ڇاھي تھ پاڪستان ھڪ غريب، مسڪين ۽ مقروض ملڪ آھي. پاڪستان ۾ جيڪڏھن دھشتگردي بھ رھي آھي ۽ جيڪڏھن پاڪستان جي حوالي سان دنيا کي ڪي ٻيا اعتراض بھ رھيا آھن تھ انھن جو سبب بھ پاڪستان جي معاشي تنگ دستي ۽ بدحالي آھي. جيڪڏھن پاڪستان ايترو مقروض نھ ھجي ھا تھ پاڪستان ايترو مجبور بھ نھ ھجي ھا تھ ايٽمي طاقت ھجڻ جي باوجود پاڪستان کي ٻول ٻڌڻا ٿا پون. پاڪستان جي ان پيڙا جو سبب صرف ۽ صرف اھو قرض آھي، جيڪو قرض وٺڻ سان پاڻ وڌيڪ وڌندو ۽ ان ۾ ڪا بھ گھٽتائي نھ ايندي. اھو سلسلو اھڙي ريت ھلندو رھندو. اسان جي ملڪ جا حڪمران ايندا ويندا رھندا پر پاڪستان جي مٿان قرضن جا بار سدائين وڌندا رھندا ۽ انھن ۾ ڪا بھ گھٽتائي نھ ايندي. اھو ھڪ سنگين گھيرو آھي ۽ ان تنگ گھيري مان پاڪستان جو ٻاھر نڪرڻ في الحال تھ ڪنھن بھ ھوش ۽ عقل واري ماڻھوءَ کي نظر نھ ٿو اچي. ڇو تھ پاڪستان جيڪا واٽ ورتي آھي، اھا نجات جي واٽ ناھي. ان طرح سان ڪو بھ ملڪ پنھنجن پيرن تي بيھي نھ ٿو سگھي. ڇو تھ قرض جو علاج قرض سان ڪري نھ ٿو سگھجي. قرض جو علاج اھو آھي تھ قرض وٺڻ گھٽائجن ۽ ڪجھھ وقت کان پوءِ بند ڪجن ۽ پنھنجا وسيلا وڌائجن ۽ پنھنجي ملڪ کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪجي.
چين ھن وقت دنيا جي تمام وڏي معاشي طاقت ٿي چڪو آھي ۽ چين پاڪستان کان سال پوءِ آزاد ٿيو. پر چين پنھنجيون پاليسيون اھڙيون رکيون جو ھن کي گھڻي وقت تائين غربت ۾ بھ گھارڻو پيو. اھو ملڪ جيڪو پنھنجي آباديءَ جي حوالي سان پوري دنيا ۾ عجب جي نظر سان ڏٺو ويندو ھو ۽ اھو ملڪ جنھن ۾ غربت پنھنجي آخري حد کي ڇھندي ھئي، اڄ اھو ملڪ دنيا جو آسودو ملڪ آھي ۽ ھن ڀيري بھ چين پاڪستان کي 70 ڪروڙ ڊالر ڏئي ڪجھھ چر پر ڪرڻ جھڙو ڪيو آھي. پر اسان کي اھو بھ معلوم ناھي تھ اھي 70 ڪروڙ ڊالر امداد طور مليا آھن يا قرض طور؟ ان پئسن جي عيوض چين اسان جي حڪمرانن کان پنھنجا ڪھڙا شرط مڃرايا آھن؟ اسان کي ان باري ۾ ڪا ڄاڻ ناھي. باقي اسان کي اھا پڪ آھي تھ قرض مرض آھي ۽ مرض جو علاج ڪڏھن بھ مرض جي معرفت ڪنھن صورت ۽ ڪنھن وسيلي ممڪن ئي ناھي.