پاڪستاني اداڪارا اشنا شاهه شادي جون انتهائي نجي تصويرون ليڪ ڪندڙ بلاگر اي بي لاکاني تي تپي باهه ٿي وئي آهي. ميڊيا کي جاري ڪيل موقف ۾ اشنا شاهه جو چوڻ هو تھ اي بي لاکاني سميت سمورن مهمانن کي شادي جي دعوتنامي سان گڏ شرط ۽ هدايتنامو ڏنو ويو هو، پر اي بي لاکاني نھ رڳو اصول کي ٽوڙيو، پر هن پاڻ سان گڏ فوٽوگرافر پڻ آندو، جنهن نھ رڳو نڪاح نامي تي صحيح سميت نجي تصويرون ورتيون، پر ڊرون ذريعي سڄي رڪارڊنگ ڪئي، ايستائين جو ڊرون منهنجي مٿي ۾ پڻ لڳو هو. هن چيو تھ هن ماڻهو جو ڪو اصول ناهي، ڇوتھ هن اهي تصويرون ۽ وڊيوز ليڪ ڪيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close