گهر ۾ ناني، ڏاڏي يا ماسي معصوم ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائي انهن جي دل کي وندرائينديون آهن، جن مان هڪ آکاڻي جو اهو ٽڪرو مون کي اڄ بھ چڱي طرح ياد آهي تھ، هڪ بادشاهه پنهنجي رعايا سان ڀلائي جي نيت ۾ ڪنهن فقيرياڻي سان شادي ڪئي، بادشاهه سلامت دهلن ڌمامن سان ڳائي وڄائي عام ماڻهن مان ڪنوار وٺي آيو، پر ڪنوار هئي پينو فقير سو بادشاهه سان ان شرط تي شادي ڪري محل اچي وسايائين تھ کيس سال يا ڇهه مهينا پنڻ جي اجازت ڏيندو، سو ڳالهه کٽايون ٿا تھ ڪنوار پنڻ جو سلسلو شرط وارو مدو ختم ٿيڻ باوجود جاري رکيو، تنهنڪري بادشاهه وجهه وٺي کيس چيو تھ، تون هاڻ ملڪ جي راڻي آهين، سو پنڻ ڇڏ، راڻي سوچ ويچار بعد کيس چيو تھ، هائو، ڇڏيان ٿي، پر هڪ شرط آهي، بادشاهه چيس ڪهڙو؟ فقيراڻي چيس تھ هڪ مهينو مون کي پني کارائي تھ مان پنڻ ڇڏي ڏينديس، بادشاهه ٽهڪ ڏئي راضي ٿي ويو، پو اهو سلسلو هلندو رهيو، مهينو تھ ڇا، سال گذري ويو، بادشاهه سلامت پنڻ نھ ڇڏيو، فقيراڻي چيس تھ اوهان ملڪ جا بادشاهه آهيو، پنڻ ڇڏيو، مان هاڻ نھ پننديس، جنهن تي بادشاهه جواب ڏنس تھ، بادشاهي توکي آئي، پني کائڻ ۾ وڏو مزو آهي، مان نھ ڇڏيندس. مٿي ڄاڻايل آکاڻي موجب عوام ويچاري، جيڪا مهانگائي ڪئي سان ڪئي، پر ڪجهه شرطن واعدن، قولن ۽ اقرارن سان آيل پنهنجي محبوب گهڻ جماعتي نئين حڪومت مان اسان جيڪا اميد ڪئي هئي، ان جي پچر ڇڏڻ لا تيار آهيون، پر هاڻ هي اسان جي پچر ڇڏڻ لا تيار ناهن، پر ڏوهه هنن جو بھ ناهي، هي پورو هڪ چڪر ويو آهي، جنهن ۾ هيٺ کان مٿي تائين سمورا برابر جا شريڪ آهن، ايستائين جو ڪاغذ جو ٽڪرو هوا ۾ لوڏي عالمي سازش تحت حڪومت وڃڻ، کان جنرل باوجوا تائين جي سازش جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان، سويلين ۽ نان سويلين سڀ جا سڀ عام ماڻهو کي نپوڙڻ واري هڪ ايجنڊا جي هڪ پيج تي آهن. ملڪ ۾ سنگين معاشي بحران برپا آهي، ڪيڏي مهل ڪابھ غلط يا درست اهڙي خبر سامهون اچيو وڃي ٿي، جو لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن، جهڙوڪ، تازو هڪ خبر آئي تھ مالي بحران سبب خزاني واري وزارت پاران سمورن کاتن کي بلن جي ادائيگين کان وٺي پگهارن ۽ پينشن پڻ روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، اهو ڀلو ٿئي، وزارت جي ڦڙت ترجمان يا پريس رليز جاري ڪندڙ همراهه جو ٻن ٽن ڪلاڪن بعد خبر جي ترديد ڪيائين، نھ تھ، اڪثر رٽائرڊ، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ملازم تھ ڊپريشن جو شڪار يا ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ها، ڇوتھ انهن وٽ گهر جي چلهه ٻارڻ جو اڪيلو ذريعو پگهار يا وري پينشن آهي. مالي بحران تھ واقعي ملڪ ۾ آهي، پر ان جي شدت ڪيتري آهي، ڊفالٽ ٿيڻ کان آئي ايم ايف جي روز لاڳو ٿيندڙ نون شرطن مان ان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پيٽرول 300 رپين جي حد ٽپڻ لا ضد ڪيو ويٺو آهي، سو هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ اوگرا ان جي آڏو مجبور ٿي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن ۽ اسحاق ڊار موقف جاري ڪندو، موٽرسائيڪل تي 3 بدران 5 ڄڻا تي چڙهو تھ پيٽرول 60 رپيا لٽر ملي ويندو، يا وري سيد قائم علي جيان ڪوبھ ميدان ۾ اچي ويندو تھ گاڏين ۾ سوار ٿيڻ بدران پويان ڊوڙي منزل تي پڄي وڃو، اوهان جي صحت تي پوندڙ هاڃيڪار اثر ختم ٿي ويندا. هي مجموعي طور تي گدڙ ۽ شينهن جي ويڙهه ۽ سياڻي ڪانو جي مشورن جهڙي صورتحال آهي، سو ويچارو عوام صبر ڪري، ڇوتھ صبر ڪرڻ وارو سوا سير ٿي ويندو، مطلب غلط نھ وٺجو، سنڌي ۾ اهو پهاڪو موقعي ۽ مند جي حساب سان آهي.
معاشي حالت جتي خراب تھ آهي، پر اتي سياسي عدم استحڪام بھ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ان ۾ وري هر ادارو ڪار جي اڳين سيٽ تي ويهي ويندڙ ان اوپري مالڪ جيان آهي، جيڪو شيشو هيٺ ڪري دري مان ٺونٺ ٻاهر ڪڍي هرو ڀرو پيو، هٿ يا ٻانهن لوڏيندو آهي، تھ جيئن ڏسندڙ سمجهن تھ هي ماڙهو وڏو مان ۽ مرتبو رکي ٿو. ڳالهه ايتري ڪبي تھ پري نٿا وڃون، ڳالهه اها آهي تھ هن وقت آئيني ادارن ۾ ڇڪتاڻ اوج تي آهي، اليڪشن ڪميشن چوي ٿي تھ کيس حقيقي معنيٰ ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، پارليامينٽ جو خيال آهي تھ عدليا سندن ڪارونهوار ۾ مداخلت ڪندي تھ اسين اعتراض ڪرڻ جو حق رکون ٿا، ڳالهائڻ ۽ ردعمل ڏيڻ فطري آهي، عدليا چوي ٿي تھ آئين جي تشريح ڪرڻ انهن جي ذميواري آهي، تنهنڪري هو غير آئيني عمل کي هر صورت ۾ روڪيندا ۽ آئين شڪني ٿيڻ نھ ڏيندا، ايستائين جو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٽٽي ويل اسيمبلين جي چونڊ بابت پاڻمرادو ورتل نوٽيس تي ٻڌڻي ڪندڙ 9 رڪني لارجر بينچ مان 4 ججن ٻڌڻي ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، پر چيف جسٽس چوي ٿو تھ بينچ جا باقي 5 جج نوٽيس جي ٻڌڻي جاري رکندا، هاڻ آئين، قانون ۽ اصول ان بابت ڇا ٿو چوي، ان جي وضاحت آئيني ۽ قانوني ماهر ئي ڪري سگهن ٿا، ڇوتھ، سوال اٿي رهيو آهي تھ، جڏهن ڪنهن بينچ جا هڪ کان وڌيڪ جج ٻڌڻي کان معذرت ڪري بينچ کان ڌار ٿي وڃن، تھ اصولي طور اها بينچ ٽٽي وڃي ٿي يا نھ، جيڪڏهن بينچ ٽٽي وڃي ٿي تھ، باقي جج ٽٽي ويل بينچ ذريعي ڪنهن اهڙي درخواست، نوٽس، پاڻمرادو نوٽيس يا ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکڻ جو حق رکي؟ اهڙي صورتحال ۾ اهڙي ٽٽل بينچ جو ڪو فيصلو آئيني ۽ قانوني طور ڪهڙي حيثيت رکندو؟ وغيرا وغيرا… هن وقت هڪ ادارو ٻئي اداري جي ڪم بابت مونجهارن جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، تنهنڪري عدم استحڪام وڌندو ئي نظر اچي رهيو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي سياسي بقا جي آخري ويڙهه جي بھ آخري حدن ۾ داخل ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڇوتھ جلسن، جلوسن، مظاهرن، گهيرا، رستا روڪ، پارليامينٽ ۾ اچڻ، ان کي ڇڏڻ بعد جيل ڀرڻ واري تحريڪ سياسي راند جو آخري ڪارڊ آهي، جيڪو پي ٽي آئي جي قيادت استعمال ۾ آڻي چڪي آهي، پر حيران ڪرڻ واري ڳالهه اها آهي تھ عمران خان پاڻ جنهن سڀني کان اڳ گرفتاري ڏيڻ جي هام هنئي هئي، اهو زمان پارڪ جي گهر ۾ اندر ويهي رڳو ڳالهيون، انٽرويو ۽ بيان جاري ڪري رهيو آهي، پارٽي جي سينيئر قيادت مان ڪجهه اڳواڻن گرفتاري تھ طيش ۾ اچي ڏني، پر 24 ڪلاڪ بھ نھ گذريا تھ انهن گهرڀاتين ذريعي بازيابي (آزادي) جون درخواستون عدالت ۾ جمع ڪرائي ورتيون آهن، شيخ چلي جهڙيون اڳڪٿيون ڪندڙ شيخ رشيد 4 ڏينهن اڳ گرفتاري ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، پر سندس گرفتاري جي خبر اڃا ميڊيا تي رپورٽ ناهي ٿي، پي ٽي آئي جي اڳواڻ وڏي اڪثريت ۾ قيدين جي گاڏين جي دروازي تي بيهي تصوير ٺهرائڻ بعد ٽپو ڏئي ائين ٿا پوليس کان ڀڄيو وڃن، ڄڻ ڪو زلزلو اچي ويو هجي، اعظم سواتي جو اهو جملو سوشل ميڊيا تي گهڻو وائرل ٿي رهيو آهي تھ مان شاهه محمود قريشي سان ملڻ آيس، مون کي هروڀرو گرفتار ڪيو ويو، گرفتاري ڏيڻ جون ڀڀڪيون هڻندڙ فواد چوڌري بھ پوليس کي هٿ ڏيڻ کان ڪوهين ڏور بيٺو آهي، ايستائين جو پرويز خٽڪ چوي ٿو تھ مان گرفتاري ڏيڻ آيس، پر جيل جو در بند هو، تنهنڪري واپس هيلو ويس، هاڻ هن کي ڪير ٻڌائي تھ جيل جو دروازو کليل ڇو رکيو ويندو؟ ڪمال تھ علي امين گنڊاپور ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو چوي ٿو تُھ، ميان اڄڪلهه جيل جي موسم ٺيڪ ناهي، اڳ جهڙيون حالتون ناهن رهيون، تنهنڪري عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جي سوڙ تھ مٿان وڌي آهي، پر هاڻ سوڙ سندن پيڇو نٿي ڇڏي، ڇوتھ روزانو اهي وڊيو ٽي وي تي هلي رهيون آهن تھ پوليس وارا لائوڊ کڻي قيدين جي گاڏين سميت پي ٽي آئي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پويان هلي رهيا آهن تھ جيل ڀريندڙ اچن اسين کين گرفتار ڪرڻ لا تيار آهيون، ايستائين جو پوليس اڳواڻن جي گهرن ۽ حجرن تائين وئي، پر ڪوبھ گرفتاري ڏيڻ لا نھ آيو، پوليس پڙها گهمائي واپس ٿي وڃي ٿي.
پي ڊي ايم نالي حڪومتي اتحاد ملڪ جو معاشي بحران ٺيڪ ڪرڻ جي نالي ۾ ماڻهن سان اهڙي ئي جٺ ڪري رهيو آهي، ٽيڪس وڌي رهيا آهن، بجلي، گيس مهانگي ٿي رهي آهي، دوائون، کاڌ خوراڪ، ايستائين جو ماني جو گرهه بھ آساني سان پهچ ۾ ناهي رهيو، ۽ ماڻهو جي آمدني روز گهٽ کان گهٽ ٿيندي پئي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ ايندڙ وقت ۾ بدامني وڌندي نظر اچي رهي آهي، آپگهات جي واقعن ۾ اوچتو واڌ اچي وئي آهي، جنهن ۾ اڳتي هلي وڌيڪ تيزي ايندي، رستا ماڻهن جي اچ وڃ لا محفوظ نھ رهندا ۽ زندگي ڪنهن وڏي بار کان وڌيڪ ڳري ٿي پوندي، جيڪڏهن اقتدار ڌڻين صورتحال تي ڪنٽرول نھ ڪيو، سوال اهو آهي تھ سمورو بار رڳو عام ماڻهو تي ڇو آهي، سوال اهو بھ آهي تھ ڪير، ائين ڇو نٿو چوي تھ اربين کربين رپين جي ملڪيتن وارا اڳيان اچي پنهنجا پيسا ملڪ جي عظيم مفاد ۾ ملڪي خزاني ۾ جمع ڇو نٿا ڪرائين، سوال اهو بھ آهي تھ ملڪ جون سگهاريون ڌريون آخر پنهنجي اثاثن کي ملڪ کان وڌيڪ اتم ڇو سمجهي رهيون آهن، سوال اهو بھ آهي تھ بک ۾ پاڻ مارڻ غريب جي مقدر ۾ ڇو لکيو ويو آهي؟