
بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي زال گوري خان خلاف ملڪيت جي خريداري ۾ قانون ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق گوري خان خلاف فيلٽ ايمبيسيڊر انيل نالي هڪ شهري ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن جو فيلٽ لکنئو ۾ واقعي آهي. جسونت شاهه پاران پوليس کي ڏنل درخواست ۾ ڊزائنر ڪمپني جي ٻن ٻين عهديدارن کي بھ جوابدار ڄاڻايو آهي. ياد رهي تھ گوري خان پڻ انٽيريئر ڊزائننگ جي حوالي سان ڪمپني جي مالڪ آهي.