مقدس بائيبل ۾ لکيل آھي “منھنجي رلڻ جو حساب رکين ٿو. ڇا منھنجا ڳوڙھا پنھنجي دفتر داخل نھ ڪندين؟ جيڪي مون تنھنجي جدائيءَ ۾ ڳاڙيا آھن!!”
اڄ ڪلھھ ماڻھن جي مٿان آدمشماري مڙھي پئي وڃي. آدمشماريءَ جو عملو عوام جا در کڙڪائي انھن کان فون جا نمبر طلبي ٿو ۽ انھن کان گھرن جو پڇا ٿو ڪري. چون ٿا تھ ھي گھر شماريءَ جو مرحلو آھي. جڏھن گھر شماريءَ جو اھو مرحلو مڪمل ٿيندو، تڏھن آدمشماريءَ جو وارو ايندو. ان بعد سرڪار انھن انسانن جا انگ اکر ڪٺا ڪندي، جيڪي سورن ۽ سختين سان مسلسل وڙھي رھيا آھن. اڃان انھن انسانن زندگيءَ تان ھٿ نھ کنيو آھي. جيتوڻيڪ سرڪار پنھنجي پاران آباديءَ کي گھٽائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي پر ھن خلق سورن سان سلھاڙجي زندهھ رھڻ سکي ورتو آھي. سرڪار ھاڻي انھن جا انگ اکر ڪٺا ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنھنجيون ٽيمون اماڻيون آھن. اھي ٽيمون چون ٿيون تھ ھي آدمشماريءَ جو پھريون مرحلو آھي.
دنيا ۾ آدمشماري ان ڪري ٿيندي آھي تھ جيئن سرڪار تائين عوام جي سنئين معلومات پھچي سگھي تھ جيئن انھن جي تعليم، روزگار ۽ زندگيءَ جي باقي بنيادي ضرورتن جي سلسلي ۾ سرڪار مناسب پلاننگ ڪري سگھي. پر اسان وٽ جيڪو بھ عمل ٿيو آھي، ان جا سياسي سبب ھوندا آھن. ھيءَ آدمشماري عوام جي مسئلن جي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مناسب پلاننگ ڪرڻ جي لاءِ نھ پئي ڪئي وڃي. ھن آدمشماريءَ جو مقصد اھو آھي تھ ڪنھن طرح سان انھن پارٽين کي چونڊن ۾ کٽرايو وڃي، جن کي پنھنجي ھارائڻ جي پڪ ٿي چڪي آھي. اھڙين پارٽين ۾ ايم ڪيو ايم سڀ کان اول آھي ۽ ان کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جو وارو اچي ٿو. سنڌيءَ ۾ چوندا آھن تھ “ٻڪريءَ کي ساهھ جي، ڪاسائيءَ کي ماھه جي” ھت بھ اھو سلسلو آھي. عوام ھن عذاب واري مھانگائيءَ ۽ بنيادي ضرورتن کان وانجھيل ماحول ۾ جيئڻ جا جتن ڪري رھيو آھي، جڏھن ته سرڪار ۽ سندس اتحادي ايندڙ چونڊن ۾ آسانيءَ سان جيتڻ جي لاءِ آدمشماريءَ جا مرحلا اڪري، اھڙي تڪبندي ڪرڻ جي پلاننگ ۾ مصروف آھن جو انھن جا حامي حلقا آسانيءَ سان انھن کي ووٽ وجھي سگھن. ان صورتحال ۾ ھڪ عجيب تماشو آھي. سنڌ ۾ جن ڌرين کي اھو ڊپ آھي تھ اھڙي عمل سان سنڌ جو قومي وجود خطري ۾ پئجي ويندو، اھي پنھنجي پاران پنھنجي طاقت آھر احتجاج ۾ مصروف آھن. جڏھن تھ سرڪار انھن سان ٻھ لفظ ڳالھائڻ جي لاءِ تيار ناھي. جڏھن تھ اھڙن معاملن ۾ پوري قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ لازمي ھوندو آھي. پر ھتي تھ ڪا سٺي روايت پيدا ٿيڻ جو سوال ئي پيدا ڪٿي ٿو ٿئي؟ ھتي تھ ھر ممڪن ڪوشش اھائي ڪئي ويندي آھي تھ ڪنھن جي ڪمزورين کي ڪھڙي طرح ڪيش ڪجي؟
آدمشماريءَ جي سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ ڌريون جيڪي بھ اعتراض اٿاري رھيون آھن، انھن جا اڪثر اعتراض بلڪل درست ۽ واجب آھن. سرڪار وٽ انھن سوالن جو ڪو جواب ناھي، جيڪي سوال اھي اٿاري رھيا آھن. ان سلسلي ۾ سڀ کان پھريون سوال اھو آھي تھ سنڌ ۾ ٻوڏ لکن ماڻھن کي متاثر ڪيو آھي. سرڪار پاڻ تسليم ڪري رھي آھي تھ لکين گھر ڊھي ويا آھن ۽ ھن وقت انھن جو ڪو نالو نشان ناھي. اھڙي صورت ۾ گھر شماريءَ جي دوران انھن گھرن جي ڳڻپ ڪيئن ٿي سگھندي؟ سرڪار ان سلسلي ۾ افسوس جي اظھار کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نھ ٿي ڪري سگھي. گھرن کان بي گھر ٿيل ماڻھو نامعلوم ڪٿي سر ڇپائي جياپي جا جتن ڪري رھيا آھن. اھي لکين ٽڙيل، پکڙيل ۽ دربدر ٿيل ماڻھو ڪھڙي ريت سرڪار جي دفتر ۾ داخل ٿيندا؟ سرڪار وٽ ان سوال جو بھ ڪو جواب ناھي. جڏھن ماحول ۾ ايترو ظلم ۽ ايتري افراتفري ھجي تھ ان صورت ۾ ماڻھن جي مٿان آدمشماريءَ کي مڙھڻ ڪٿان جو انصاف آھي؟
انصاف جو نالو ايندي ھن سرڪار جو ھيٺان کان مٿان تائين ڇرڪڻ فطري عمل بڻجي ويو آھي. ھيءَ سرڪار انصاف جي نالي ۾ پنھنجي سڀ کان سگھاري مخالف عمران خان جو نالو ٻڌي ٿي. جيڪڏھن اسان سياسي انصاف کي الڳ ڪري عام انصاف جي ڳالھھ بھ ڪريون تھ سرڪار جو ششدر ٿيڻ فطري ٿي پوي ٿو. ڇو تھ سرڪار نھ تھ عام عوام سان انصاف ڪري سگھي ٿي ۽ نھ وري پاڻ کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ بيھڻ جي سگھھ سميت ڏسي ٿي. ھڪ طرف سرڪار کي معلوم آھي تھ اھا عوام سان انصاف ڪري نھ ٿي سگھي ۽ ٻي طرف سرڪار کي اھو خوف آھي تھ جيڪڏھن انھن سان انصاف ٿيو تھ انھن کي زندگيءَ جا باقي ڏينھن قيدياڻي ۽ باندياڻيءَ جي صورت ۾ گذارڻا پوندا. ان حوالي سان سرڪار کي انصاف لفظ کان ئي ھڪ قسم جي بيزاري محسوس ٿي رھي آھي.
بي انصافيءَ سان ڀريل ان ماحول ۾ انسان آخر ڪھڙي تمنا ڪري سگھي ٿو؟ ڇا انسان جي لاءِ اھو ممڪن بھ ناھي تھ ھو ان اميد جو اظھار ڪري تھ ھن جا ڏک ۽ سور سرڪار جي دفتر ۾ داخل ٿين.
ڪاش! اھو ممڪن ھجي تھ ھن آدمشماريءَ کان پوءِ ھيءَ حڪومت نھ تھ ھن کان پوءِ ايندڙ حڪومت ملڪ جي ماڻھن جي “غم شماري” ڪرائڻ جو بندوبست ڪري. جيڪڏھن عوام جي مرضيءَ ۽ ماحول جي نامطابقت جي باوجود بھ آدمشماري ٿي سگھي ٿي تھ پوءِ غم شماري ڇو نھ ٿي ٿئي؟ ڇو نھ ٿي سگھي ٿي؟؟ جڏھن تھ ھن ملڪ ۾ سڀ کان وڏو معاملو انھن سورن ۽ پورن جو آھي، جيڪي عوام کي ڄورن وانگر چھٽيل آھن ۽ جيڪي انھن جي رت چوسي رھيا آھن. جن جي ڪري عوام زندگيءَ جي رحمت کي بھ زحمت سمجھڻ تي مجبور آھي.
انسان جي اھا فطرت آھي تھ جيڪڏھن انھن جا ڏک سور ختم نھ ڪيا وڃن تھ بھ انھن جو تذڪرو ھڪ حد تائين انھن جي لاءِ وقتي سڪون جو باعث بڻبو آھي. سرڪار جيڪڏھن ماڻھن جا ڏک ختم نھ ٿي ڪري سگھي تھ گھٽ ۾ گھٽ انھن جا سور ٻڌي تھ سگھي ٿي!
اديب، شاعر ۽ صحافي تھ لکي پنھنجن سورن جو اظھار ڪن ٿا پر جن کي لکڻ نھ ٿو اچي. اھو اٻوجھھ عوام پنھنجن سورن ۽ پورن جي اپٽار ڪيئن ڪري؟ ڪنھن سان ڪري؟؟
روس جي عظيم افسانا نويس ۽ ڊراما نگار انتونيو چيخوف جي ھڪ شھڪار ڪھاڻي آھي “ڪنھن سان سليان سور؟” ان ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ٻڍي شخص کي پوري پيٽرس برگ ۾ اھڙو ڪو مسافر نھ ٿو ملي، جيڪو ھن جا سور سڻي سگھي. ھو جيڪو پنھنجي جوان پٽ جي موت کان پوءِ پاڻ ٽانگو ھلائي ٿو ۽ ڪوشش ٿو ڪري ھن جي ٽانگي ۾ سوار ٿيندڙ ماڻھن سان ھو پنھنجي اندر جو اظھار ڪري ۽ کين ٻڌائي تھ ھن جو شينھن پٽ، ھن جي زندگيءَ جو سھارو ھن کان ڪيئن کسجي ويو؟ پر ڪنھن وٽ نھ ايترو وقت آھي ۽ نھ ايترو ڌيان جو ھن جي دک کي سڻي سگھي؟ آخر ۾ ھو پنھنجي گھوڙي کي رات جو دير سان اصتنبل ۾ ڇوڙي کيس تازو ۽ نرم گاھه ڏئي ٿو ۽ ھن کي پنھنجي درد جو داستان ٻڌائي ٿو ۽ اھو داستان ٻڌائيندي ھو محسوس ڪري ٿو تھ ھن جو گھوڙو نھ صرف ھن جي درد ڪھاڻي ٻڌي رھيو آھي پر ھن جي اکين ۾ مالڪ جي سورن سبب احساس جي آلاڻ بھ آھي.
حڪومت تھ عوام وٽ ووٽ وٺڻ کان سواءِ ايندي ئي ڪو نھ آھي. حڪمرانن جو عوام سان صرف ووٽن وارو رشتو ۽ ناتو آھي. انھن کي ايتري فرصت ئي ڪونھي جو ھو ماڻھن جا ڏک سور ٻڌي سگھن. پر عوام چاھي ٿو تھ جيڪڏھن حڪومت پاڻ سڌي طرح سان انھن جا سور ۽ پور ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناھي تھ گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي عملي جي معرفت ئي سھي، ڪو تھ اھڙو بندوبست ڪري جو ھن جا درد سرڪار تائين پھچي سگھن. حل ڀلي نھ ٿين. پر گھٽ ۾ گھٽ عوام کي اھا دلجاءِ تھ ھوندي تھ سرڪار کي انھن جي سورن جي ڄاڻ آھي. پر سرڪار ان قسم جو ڪو بھ قدم کڻڻ لاءِ نھ ڪڏھن تيار ٿي آھي ۽ نھ تيار نظر اچي ٿي. جڏھن تھ ان قسم جو ڪو نھ ڪو قانون وجود ۾ اچڻ گھرجي جو عوام کي پنھنجا درد سرڪار جي دفتر داخل ڪرڻ جو حق حاصل ٿي سگھي. عوام جا دک ۽ درد دور ٿين، عوام کي اھو حق تھ ايندڙ صديءَ ۾ بھ مشڪل ملي سگھي پر گھٽ ۾ گھٽ عوام جي اھنجن کي “ڊاڪيومينٽ” ڪرڻ ۾ ڪھڙي قانون ۽ انصاف جي لتاڙ ٿيندي؟ ڪھڙو ملڪ لاءِ خطرو پيدا ٿيندو ۽ ڪھڙو آسمان زمين جي مٿان ڪرندو؟ ڪجھھ بھ ڪو نھ ٿيندو پر گھٽ ۾ گھٽ عوام کي آسرو تھ ٿيندو؟ ھن کي آٿت ملندي؟ انصاف نھ ملي پر انصاف جي اميد تھ ملي!!
اردو ادب ۽ خاص طور اردو شاعريءَ ۾ ھڪ لفظ استعمال ٿيندو آھي “اختر شماري”. اختر شماريءَ جو مطلب آھي آسمان جا ستارا ڳڻڻ! جڏھن تھ اھو ڪنھن لاءِ بھ ممڪن ناھي تھ ھو آسمان جا ستارا ڳڻي سگھي. ھڪ شاعر ۽ ھڪ عاشق تھ ڇا پر سائنس بھ سڌو جواب ڏئي ڇڏيو آھي تھ اھا بھ آسمان ۾ موجود ستارن جو صحيح انگ ٻڌائڻ کان قاصر آھي. جڏھن خلائن جي فتح ڪندڙ سائنس بھ ستارا ڳڻي نھ ٿي سگھي تھ ڇا ھڪ انسان جي لاءِ اھو ممڪن آھي تھ ھو پنھنجين ٻن اکين سان ايڏو وڏو ڪم ڪري سگھي؟ پر پوءِ بھ ھڪ عاشق انتظار جون ڪٺن گھڙيون گذارڻ جي لاءِ ٻيو ڇا ڪري؟ ان حالت ۾ ھو پنھنجي من کي مصروف رکڻ جي سلسلي ۾ ستارا ڳڻيندو رھندو آھي ۽ ھر ھر ڀلجي ويندو آھي ۽ وري وري ان جو حساب لڳائيندو آھي. ان بي مقصد ڪم جو مقصد اھو ھوندو آھي تھ ڪنھن طرح سان جدائيءَ جي اھا سياهھ ۽سفاڪ رات ڪٽجي سگھي ۽ انتظار جي اذيت گھٽجي سگھي.
عوام جي آدمشماري ڪريو. ڀلي ڪريو. پر ان کان پوءِ مظلوم ماڻھن جي غم شماري بھ ڪريو. جيئن تاريخ جي رڪارڊ تي اھا ڳالھھ رھجي اچي تھ ڪھڙي دور ۾ عوام ڪيتري عذاب ۾ زندگي گذاري؟
فيض احمد فيض لکيو آھي:
“گنو سب حسرتين، جو خون ھوئي ھين دل ڪي مقتل مين
ميري قاتل حساب خون بھا ايسا نھين ھوتا”