سنڌ ۾ سياسي تحرڪ ته گذريل ڪيتري عرصي کان جاري آهي، ڪڏهن وچ ۾ ماٺار ته ڪڏهن وري ڪو ممڻ مچيو وڃي. منهنجو لکڻ جو موضوع عالمي سياسيات جي شاگرد جي حيثيت سان اڪثر عالمي سياست رهيو آهي پر سماجي ميڊيا وسيلي علمي، ادبي ۽ فڪري ويهڪن کي ڏسي اهو اتساهه مليو آهي ته انهن بابت لکجي. سنڌ ۾ ‘ڪرٽيڪل اسٽڊيز فورم’ پاران حيدرآباد توڙي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انتهائي ڄاڻ ڀرين موضوعن تي هفتيوار فڪري ويهڪون ٿينديون رهن ٿيون. عوامي تحريڪ جي شاگردن جي برادر محاذ سنڌي شاگرد تحريڪ پاران به سنڌ يونيورسٽي، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي، حيدرآباد، ٺٽي، ميهڙ، لاڙڪاڻي سميت اٺ کان ڏهن شهرن ۾ هفتيوار اسٽڊي سرڪلز ٿين ٿا ۽ سندن پاران وقفي وقفي سان مختلف شهرن ۾ هڪ، ٻن يا ٽن ڏينهن جا تربيتي ورڪشاپ ۽ ليڪچر پروگرام پڻ منعقد ڪرايا وڃن ٿا، عوامي علمي ادبي فورم پاران ڪراچيءَ جي گلشن حديد ۽ پپري وارن علائقن ۾ ڪلاسن جو سلسلو به مسلسل جاري آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگرد سٿ پاران گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هفتيوار علمي ۽ فڪري ويهڪون ٿين ٿيون جنهن ۾ سنڌي شاگردن جو تمام وڏو انگ شريڪ ٿئي ٿو. جساف (آريسر) پاران ڪراچي، قمبر، وارهه، وفاقي اڙدو يونيورسٽي سميت ٻين ادارن توڙي شهرن ۾ علمي سرگرميون باقاعدگي سان منعقد ڪيون پيون وڃن، خاص طور تي سندن پاران شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ هلندڙ سرڪل ۾ شرڪت تمام گھڻي هوندي آهي. پورهيت تحريڪ طرفان ميهڙ ۾ هفتيوار علمي ۽ فڪري ويهڪ ڪوٺائي وڃي ٿي. عوامي ورڪرز پارٽي پاران حيدرآباد ۽ ڪجهه ٻين شهرن ۾ مستقل مزاجيءَ سان علمي گڏجاڻيون ٿين ٿيون. شاگردن جي هڪ ٻي تنظيم پي آر ايس ايف پاران پڻ ڪراچي يونيورسٽِيءَ ۾ علمي سرگرمين جو سلسلو جاري آهي. ان کانسوا سجاڳ ٻار تحريڪ پاران به سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ٻارڙن جا تربيتي ڪلاس هلايا پيا وڃن جن ۾ ٻارڙن کي شاعري، گيت، تقرير ۽ مضمون پڙهڻ جي سکيا ڏني وڃي ٿي. لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر ۾ ‘سجاڳي اسٽڊي سرڪل’ جي نالي سان هفتيوار اسٽڊي سرڪل ڪوٺايو ويندو آهي جنهن ۾ ڏوڪري پبلڪ لائبريريءَ ۾ مطالعي لاءِ ايندڙ شاگرد حصو وٺن ٿا. ٻئي پاسي نصيرآباد ۽ باڊهه جهڙا شهر جيڪي سياسي، علمي ۽ ادبي سرگرمين جي حوالي سان تمام متحرڪ سمجهيا ويندا آهن اتي به مختلف تنظيمن پاران علمي ۽ ادبي سرگرمين جو سلسلو هلندو رهي ٿو. نوشهري فيروز ۾ به “آگاهي اسٽڊي سرڪل” جي نالي سان ڪجهه نوجوانن پاران هفتيوار تعليمي ۽ تربيتي ويهڪ سڏائي ويندي آهي. هن سموري عمل ۾ فقط شاگرد نه پر شاگردياڻين جي اهم محاذ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران ڪورونا وبا جي ڏهاڙن دوران آنلائن اسٽڊي سرڪلز ٿيندا رهيا ۽ گذريل مهيني سندن پاران 8 کان 10 آڪٽوبر تائين حيدرآباد ۾ تربيتي ورڪشاپ ٿي گذريو جنهن ۾ سائنسي، سماجي، ۽ سياسي موضوعن تي ليڪچر ٿيا جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪراچيءَ جي اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ ينگ سنڌي اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن سنڌي شاگردن جي اهم تنظيم آهي پر وٽن علمي ۽ تربيتي عمل جو عمل نه هئڻ برابر آهي، جن کي به ان هن عمل جي اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي لڳ ڀڳ هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ ان قسم جون سرگرميون جاري آهن جيڪي سنڌي سماج تي غير معمولي اثر ڇڏڻ جي پوري سگھه رکن ٿيون.
سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر نڪري ڏسجي ته سنڌي نوجوان اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به علمي ۽ ادبي سرگرميون جاري رکيون ويٺا آهن. قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ ‘انڊس پوسٽ گريجوئيٽس ٿنڪرس فورم’ طرفان هر ڇنڇر ڏهاڙي اسٽڊي سرڪل هلايو ويندو آهي، جنهن ۾ مختلف سياسي توڙي سماجي نظرين سميت مختلف ڪتابن تي بحث مباحثا ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته ڪجهه ٻين سنڌي شاگردن پاران پڻ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ آچر ڏهاڙي هفتيوار اسٽڊي سرڪل جي شروعات ڪئي وئي آهي. قائداعظم يونيورسٽِي انهن علمي ۽ ادبي سرگرمين جي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جتي بلوچ ۽ پشتون ڪائونسلن پاران مستقل مزاجيءَ سان هر ڇنڇر ڏهاڙي فڪري ويهڪون ڪوٺايون وڃن ٿيون، ٻئي پاسي پاڪستان جو هڪ ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽر عاصم سجاد اختر پڻ يونيورسٽِيءَ ۾ هر هفتي هڪ علمي گڏجاڻي منعقد ڪرائيندو رهندو آهي جنهن ۾ هر شاگرد بنا ڪنهن لساني فرق جي شريڪ ٿيندو آهي. هنن سمورين سرگرمين ۾ سون جي انگ ۾ شاگرد شريڪ ٿين ٿا، جيڪو عمل اسان سنڌي شاگردن لاءِ پڻ اتساهه جوڳو رهندو آهي. قائداعظم يونيورسٽيءَ جي شاگردن کان اها شڪايت ضرور ڪري سگھجي ٿي ته سندن پاران هلندڙ انهن علمي سرگرمين ۾ شاگردياڻين جو انگ نه هئڻ برابر هوندو آهي. عورت اڌ آسمان والاري ٿي کيس به حق آهي ته هوءَ اهڙين صحتمند سرگرمين جو حصو ٿئي. ملڪ جي گاديءَ واري شهر جي ان اهم مادرِعلميءَ ۾ سنڌي شاگردن جي هڪ ڪائونسل جيڪا گذريل اٺٽيهن سالن کان ڪم ڪري رهي آهي جنهن کي مهراڻ ڪائونسل جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو تنهن جي ميمبرن جو انگ چار سو جي لڳ ڀڳ آهي، سندن شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي ڪم ته ساراهه جوڳا آهن پر ساڻن اها شڪايت رکي سگھجي ٿي ته هنن وٽ علمي ۽ تربيتي سرگرمين جو سلسلو نه هئڻ برابر آهي. ٻئي پاسي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور ۾ سنڌي شاگردن پاران ‘ڪالاڻي اسٽڊي سرڪل’ جي نالي سان مسلسل اسٽڊي سرڪل ٿيندو آهي.
جهڙيءَ ريت اڳي سياسي تنظيمن پاران جشنِ لطيف، جشنِ اياز، جشنِ بخاري وغيره ٿيندا هئا ۽ اڄ به ڪٿي ڪٿي ٿين پيا. هاڻي ان قسم جي سرگرمين جو انداز ٿورڙو تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي انهن جو انداز غيرسياسي بڻجي چڪو آهي، جهڙيءَ ريت لاهور ۾ فيض ميلو، ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد لٽريچر فيسٽيول وغيره ٿين ٿا، اهڙي ريت هاڻي مختلف سماجي فورمن پاران اهڙيون سرگرميون منعقد ٿين پيون. انهن سمورن ادبي ميلن مان متاثر ٿي سنڌ ۾ به ادبي ميلن جي لهر شروع ٿي آهي، ڪراچيءَ ۾ ‘سنڌ ادبي ميلي’ جي نالي سان شروع ٿيندڙ ٽِن جي ادبي سرگرميءَ سنڌ جي ٻين شهرن کي به ڄڻ ته ريسون ڏياري ڇڏيون آهن ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ علمي ۽ ادبي سرگرميون وڌنديون پيون وڃن. حيدرآباد ۾ ‘حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول’ ۽ ‘اياز ميلو’ جي نالي سان ميلا ٿين ٿا، جن ۾ سنڌ جي مختلف شخصيتن پاران ڪم جوڳيون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ ثقافت کاتي جي انهن ميلن ۾ وڌندڙ تحرڪ سبب سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل طبقي جو هڪ وڏو حصو سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي تي ٻِڙڪ به ڪُڇڻ کان پري ٿيندي مراعتون وٺڻ جو رستو اختيار ڪري ٿو، پر تنهن هوندي به انهن سرگرمين جي ڪنهن به سماج جي شعوري تندرستيءَ لاءِ تمام گھڻي اهميت آهي. ٿرپارڪر ۽ ڏوڪري ۾ تعليمي ميلن جي نالي سان ٻن ڏهاڙن جا ساليانه ميلا لڳايا وڃن ٿا، نصيرآباد ۾ پڻ ساليانو ادبي ميلو ٿيندو رهي ٿو. جيتوڻيڪ هي ميلا سنڌ جي سياسي تحريڪ کي ڪا سگهه نه بخشي سگهندا پر وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي کي روڪڻ ۽ سنڌي ماڻهن جي پاڻ ۾ گڏجڻ واري جذبي کي اڀارڻ ۾ ضرور مدد ڏئي سگھن ٿا. ايئن کڻي چئجي ته سنڌ جي سياسي تحريڪ جي ڪمزوريءَ هنن سرگرمين کي جنم ڏنو آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه هوندو.
هنن سمورين سرگرمين ۾ سنڌي نوجوان تمام گھڻو سرگرم نظر اچي ٿو، سنڌي عورت پڻ پاڻ سان ٿيندڙ ظلم خلاف عورت مارچ ۽ سنڌياڻين تحريڪ جي سرگرمين جو حصو ٿئي ٿي جيڪي ڳالهيون پڻ سنڌ جي شعوري آبياري لاءِ انتهائي مثبت آهن. سنڌ جي سياسي تحريڪ يقينن ڪمزور آهي پر ويجهي ماضيءَ جي سرگرمين کي ڏسي چئي سگھجي ٿو ته اها وري ڪَرُ کڻي پئي. ۽ ٻئي پاسي هي جيڪي علمي ۽ ادبي سرگرمين سان سنڌ جي شعور جي آبياري ٿئي پئي، تنهن تي به اڳتي هلي جيڪڏهن سنڌ جي سياسي تحرُڪ جو اثر پوڻ شروع ٿيو ته اهو عوامي اڀار، سياسي اُڀار بڻجڻ ۾ دير نه ڪندو. جيئن لينن چيو آهي ته “ڪڏهن ڪڏهن ڏهاڪن ۾ به ڪجهه ناهي ٿي سگهندو پر ڪڏهن وري هفتن (جيتري عرصي ۾) ۾ به ڏهاڪن جيڏا ڪم ٿي پوندا آهن.” ساڳيءَ ريت هي جيڪي علمي سرگرميون هلنديون رهن پيون، انهن کي وقت جو ڪو هڪ لوڏو سياست سان ڳنڍڻ ۾ دير نٿو ڪري سگھي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سماج جي ڳانڍاپي لاءِ اجتماعي مسئلن جو هئڻ لازمي هوندو آهي. تنهنڪري اوچتو ڪا لهر هن تحرڪ جو پاسو تبديل ڪري سگھي ٿي.
ڪنهن به سماج جي اندر “ڊي پوليٽيسائيزيشن” جو عمل سندن شعوري ڏيوالپڻي لاءِ انتهائي اهم سبب هوندو آهي. سرد جنگ جي آخري ڏهاڙن ۾ دنيا مٿان لاڳو ڪيل ‘نيو لبرل’ پاليسين سبب شروع ٿيل دنيا کي غير سياسي بڻائڻ ۽ اين جي او ڪلچر کي هٿي ڏيارڻ واري عمل کي تيزي سان وڌايو ويو. سرمائيدار دنيا سياسي تحرڪ کان اڄ تائين به ڊنل آهي تنهنڪري يونينز جي سياست تي پابندي، ڪانٽريڪٽ جي بنيادن تي نوڪريون ڏيڻ جي سلسلي کي هٿي ڏيڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي. آ ايم ايف، ورلڊٽريڊ آرگنائيزيشن ۽ ورلڊ بئنڪ جهڙا هٿيار وٽن موجود آهن جن وسيلي هو دنيا جي اندر سرمائيداراڻين پاليسين کي لاڳو ڪن ٿا ۽ ايئن رياستن جي داخلي پاليسين کي پڻ پنهنجي قبضي هيٺ آڻين ٿا. مارڪسي دانشور امينيوئل والراسٽائين انهن ٽنهي ادارن کي سرمائيدار دنيا جا جديد هٿيار سڏيو آهي، جن وسيلي اهي سموري دنيا کي پنهنجي اشارن تي نچائين ٿا. انهن ئي ادارن جي پاليسين تحت رياستون ‘ڊي پولٽيسائيزيشن’ جي عمل کي تيز ڪن ٿيون. شاگردن جي گڏجاڻين تي پابنديون، يونينز جي سياست تي پابنديون، نجڪاريءَ جو عمل، اين جي او آئيزيشن سميت ان قسم جا سمورا عمل سماجي ۽ سياسي تحرڪ کي روڪڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ان سموري لقا دوران سنڌ جي نوجوانن جون ههڙيون صحتمند سرگرميون ڪنهن اميد جي ڏيئي کان گهٽ ناهن. ايئن کڻي چئجي ته هي شعوري چڻگ پئي ٻري جنهن جي اندر اها ڀرپور صلاحيت آهي ته اها اڳتي هلي ڪنهن وڏي سياسي تبديليءَ کي جنم ڏئي.