گذريل سال جي برساتي ٻوڏ جي تباهي جي راڪاس اڃان پنهنجو پاڇو هٽايون ئي ناهي هزارين دربدر سنڌ واسي نه گھر ٺاهي سگھيا آهن ۽ نه ڪيترن ئي علائقن مان بيٺل پاڻي نڪري سگھيو آهي سنڌ سرڪار پنهنجي فرض شناسي جو جيڪو مظاهرو ڪندي جيڪي منظر پيش ڪيا آهن انهيءَ تي هاڻي ته لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ به ڪوفت ٿي محسوس ٿئي هن وقت به ڪيترن ئي شهرن ۾ ٻوڏ متاثر دربدر زندگي گذارن پيا ٻاهرين دنيا کان غريبن جي واهر ۽ بربادي جي تعمير لاءِ جيڪي فنڊ ۽ مددون مليون اهي ڪيترن مستحقن تائين پهچي سگھيون آهن سنڌ جو عوام بخوبي ڄاڻي ٿو.
عوام ميڊيا جي اندر يعني ميڊيا جي هر فورم تي جيتريون دانهون ڪوڪون ڪيون سڀ آيو ويو ٿي ويو ڪجھه ماڻهن کي معنيٰ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي منو لک 75 هزار روپيا ڏنا ويا اهي به ڪيترن کي ناهن ملي سگھيا مدد ته ايتري به ناهي ٿي سگھي جو اسان اٽي ۾ لوڻ جو مثال ڏيون سروي جي اندر جيڪا رجسٽريشن ڪئي وئي هن وقت تائين سرڪار مائي باپ جي طرفان ٺلهو ميسيج به ناهي پهتو ها ڪڏهن ڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو احساساتي بيان ورجائيندي اهوئي چوندو آهي ته اڃان تائين ٻوڏ متاثرن جي واهر پوري طرح سان ناهي ٿي سگھي لوڪل باڊي اليڪشن ۾ پ پ پ کي ماڻهن جيڪي ووٽ ڏنا انهيءَ ۾ به بنيادي عوام جي پيڙاھه اها هئي ته جي هن ڀوتارڪي سرڪار کي ووٽ نه ڏينداسين ته رهي کئي اميد به ختم ٿي ويندي ڇو ته پ پ پ حڪمران عوام کي پنهنجي ڪروڌ جي زد ۾ آڻيندا غريب عوام کي اهڙا ڪهڙي خبر ته ان جي ڏنل ووٽ جو نتيجو پ پ پ جي ڀوتارڪي سرڪار ابتو اهو سمجھندي ته عوام کي جنهن ۽ جهڙي طريقي سان هلائبو هي اسان جا سياسي غلام آهن ووٽ اسان کي ئي ڏيندا.
سنڌ سرڪار ۽ پ پ پ کي لوڪل باڊي اليڪشن کان پوءِ ڏهوڻ تي يقين اچي چڪو آهي ته سنڌ جو عوام هنن جي گرفت کان ٻاهر ڪنهن به صورت ۾ نٿو اچي سگھي چند ماڻهن جو ڪروڌ احتجاج يا لانگ مارچ هنن جو ڪجھه به بگاڙي نٿا سگھن ڇو ته گذريل تقريبن پندرهن سالن کان اهائي پريڪٽس نظر ٿي اچي گذريل برسات تڏهن پئي هئي جڏهن سنڌ ۾ چانورن جو يعني سارين جو فصل پوکجي چڪو هو، رونبن نڪرڻ کان پوءِ برسات جي بربادي زمينون تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيون، سڀ ڪجھه لڙهي ويو سڀ ڪجھه ٻڏي ويو انهيءَ کان پوءِ ته سنڌ جو عوام جڏهن آسمان تي ڪارا ڪڪر اڀرندي ۽ ڇائجندي ڏسي ٿو ته هن جي چهري تي مرڪ جي بجاءِ خوف طاري ٿي ٿو وڃي.
هاڻي به ائين نظر پيو اچي ته ڪڻڪون ۽ ڀاڄيون تيار ٿيون آهن (ڪٿي ڪٿي ڪڻڪن ۾ لاب به پيا آهن) ته مارچ جي هن پوئي ڏهاڪي ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ هن وقت تائين ايڏي وڏي شدت سان برسات ناهي پئي پر بلوچستان جي ڪجھه شهرن ۾ ۽ پنجاب جي ڪجھه شهرن ۾ برسات پنهنجي ڪروڌ جا ڏيک ڏيڻ شروع ڪيا آهن مارچ جي هن برسات کي بهار جي ڦوهار سمجھڻ جي بجاءِ عوام بربادي جو وسڪارو سمجھي پيو. ڪڻڪ جي تيار فصل کي هن وقت گرم هوائن جي ضرورت آهي مارچ کان پوءِ اپريل ۾ تبديل ٿيندڙ هلڪيون هلڪيون هوائون يا اس جي تپش ڪڻڪ جي فصل کي تيار به ڪندي آهي ته ان ۾ ڳري ٿيڻ جي سگھه به ٿيندي آهي پر برساتون ۽ ٿڌيون هوائون ڀل شدت سان نه اچن ۽ هلڪيون ڦلڪيون هجن جي تسلسل سان هليون ۽ برسات جا جھٽڪا ايندا رهيا ته پوءِ لازمي تيار فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو پهرين ته ڪيتري عرصي کان پوءِ برسات جو بيٺل پاڻي هارين ۽ آبادگارن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پمپ مشينن سان پاڻي جو نيڪال ڪيو.
گھرن کان وڌيڪ آبادگارن کي اها ڳڻتي هئي ته انهن جون زمينون پاڻي جي ٻوڏ مان آجون ٿين ۽ پوکي جي لائق ٿين جو ڪڻڪ پوکي سگھن هو ڪيترن آبادگارن ۽ هارين ته پنهنجي گھرن کي ۽ ڳوٺن کي به نه ٺاهيو ڪک ڪانن جي ڇن ٺاهي ڪارو سيءُ گذاريو پيٽ کي پٿر ڏئي فصل پوکيا هاڻي جڏهن فصل تيار آهن ته ٻوڏ جا خطرا يا شديد برسات جا خطرا محسوس ڪندي غريبن جو ساھه مٺ ۾ اچي ويو آهي.
سنڌ جي شهر واسين کي يا ڪيترن ئي ميڊيا جي ذريعن (جن ۾ اخبارون ۽ چينل آهن) کي اها ڄاڻ شايد ئي هجي ته پاڻي جي نيڪال جا ذريعا خاص ڪري اهي ننڍا ننڍا واھه جن کي اسان سم نالن جي نالن سان سڏيون ٿا انهن جي هن وقت تائين ڪا به کاٽي ناهي ٿي سگھي ممڪن آهي ته سرڪار سڀ ڪجھه ڪاغذن جي اندر فائلن ۾ مڪمل ڪرايو هجي آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي جو حشر ڏينهون ڏينهن خراب پيو ٿيندو وڃي سم نالا جيڪي نيڪال انهن ٻنهي چينلن ۾ ڪندا آهن جڏهن انهن جي ڪيپيسٽي مينٽين نه ٿيندي ته پاڻي نڪال ڪيئن ٿو ٿي سگھي هن وقت خاص ڪري سنڌ جون ٻهراڙيون درياھه جي ٻنهي ڪپرن تي يعني ليفٽ ۽ رائيٽ جا ٻئي پاسا خوف ۾ مبتلا آهن هاڻي کان ٿيندڙ برساتن مان هو اهو اندازو لڳائن ٿا ته جولاءِ ۽ آگسٽ ڪيتري بربادي آڻيندو اڳ مون سون چئن سالن کان پوءِ ايندو هو پر هاڻي موسمياتي تبديلي سبب اهو خطرو هر سال ٻڌايو ٿو وڃي پر سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار پنهنجي سياسي ۽ اقتداري مفادي ويڙھه ۾ ايترو غرطان آهي جو هنن کي ڪجھه به نظر ڪو نه ٿو اچي ته عوام ڪهڙي ڀوڳنا ڀوڳي پيو، مفت جي اٽي جي خيرات پنجاب جي غريب عوام جو جيڪو منظر ڏيکاريو آهي سنڌ ۾ هر روز فلاحي ادارن جي دروازن تي ڪيترن ئي شهرن ۾ اهي منظر نظر ٿا اچن.
هزارين ماڻهون هن ڏڪر ۽ بيروزگاري سبب پينو ٿيندا ٿا وڃن هن اشرافيا سياسي مافيا کي اها پوري پوري ڄاڻ ۽ سمجھه آهي ته ماڻهو جيترو گھڻي تعداد ۾ پينو ٿيندا انهن مان مزاحمت جي طاقت ڪمزور ٿي ويندي هي اهوئي ٿا چاهن ته عوام ڪنهن به قسم جي ڪروڌ ۽ احتجاج جو رستو اختيار نه ڪري مارڪيٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي بجاءِ پن جي پيڪيجن تي زور ڏئي رهيا آهن وفاقي حڪومت شهباز شريف پنهنجو اٽي ۽ پيٽرول جو پيڪيج هڪ طرف زور سان تشهير پيو ڪري ته ٻئي طرف پ پ پ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي عورتن کي وڌ کان وڌ پينو ڪندي فخر سان ڪاميابي جون دعوائون پيا ڪن، سنڌ ۾ نه امن آهي ۽ نه ادارن جي ڪارڪردگي. اٺ مهينن کان سنڌ جو عوام باربار مطالبو پيو ڪري ته پاڻي جا نيڪال درست ڪيو پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال ڪيو انهن تان قبضا هٽايو ليڪن ها کان سواءِ ڪجهھ به ناهي ڪرڻ وارا وقت ناهن ضايع ڪندا ۽ نه ڪرڻ وارا وقت کي گذارڻ جي بيان بازي ڪندا رهندا آهن.
حڪمران ٽولي کان سادا انتظامي معاملا يعني اسڪول، نٿا سنڀالجي سگھن، اسپتالن جو حشر برو ۽ خراب آهي ميونسپل سروس جو عذاب اهو آهي هر ضلعي ۽ شهر کي ڪنهن نه ڪنهن بنگلي جي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي. ڪجھه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي جي اندر مخالف ڌر اها شڪايت ڪئي ته شڪارپور جي ميونسپل جي ملازمن جي پگھارن مان پنج پنج هزار ڪٽي پ پ پ جي هڪ پارٽي عهديدار کي خرچي ڪري ڏنا وڃن ٿا ممڪن آهي ته فگر هيٺ مٿي هجي پر اها حقيقت آهي ته اهڙي ڀيل ٿئي پئي ۽ وڏي پيماني تي ٿئي پئي هن وقت به شهر جا گٽر ناليون گنديون ۽ سلٽ سان ڀريل آهن ٿوري به برسات روڊ تي پاڻي بيهاري ٿي ڇڏي نه رڳو روڊن تي پاڻي بيهي ٿو بيٺل پاڻي ماڻهن جي گھرن ۾ اچي ٿو وڃي عوام پاڻ ور ڪنجي پاڻي ٿو ڪڍي ناليون ٿو صاف ڪري پر سويپر جي ڊيوٽي ڀوتارن جي بنگلن ۽ ڪامورن جي ڪمداري ۾ آهي هن وقت پورو سنڌ جو عوام ان بدتر صورتحال کي ڀوڳيندي ڀوڳيندي صرف بهتري جي اميدن جي آسري زندگي ته گذاري پيو پر جي هاڻي برساتن ۾ ڪا شدت اچي وئي ته پوءِ ٿيندڙ نقصان سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ بردشت ڪري نٿو سگھي، عذابن جي چيڀاٽ ۾ چيڀاٽجي ويندو اهوئي سوچي مهانگائي، بيروزگاري، بدامني زندگي جي ذلت ۽ خوارين ۾ گذاريندي جڏهن آسمان ۾ گجگوڙ جو آواز ٻڌي ته غريب جو ساھه مٺ ۾ ٿو اچي وڃي، پر اهي سياسي ۽ سرڪاري ڪردار بنگلا ڀوتارڪا ڪمدار ڪامورا سرها ٿيندي دعائون پيا گھرن ته وري سنڌ ٻڏي ۽ هنن جي
ڀيل جو ڌنڌو شروع ٿئي. ٻڏل سنڌ جي ملندڙ امداد مان هو ٻيڻان نه ٿيندا پر سئوڻان ٿيندا.