شوبز

بالي ووڊ ۾ ڳئون جو گوشت کائڻ تي مجبور ڪيو ويو: پريانڪا

بالي ووڊ جي عالمي شهرت ماڻيل اداڪارا پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ کي ڇڏڻ جا سبب ٻڌائيندا انتهائي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن ۽ چيو آهي تھ مون کي ڪنڊائتو ڪرڻ جي نيت سان ڳئون جو گوشت کائڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ پريانڪا چوپڙا چيو تھ بالي ووڊ ۾ ڪم ڳولڻ آسان ناهي، جيڪي رڪاپٽون وجهڻ جو ڪم ڪندا آهن، هتي ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جن مون کي ڪم بھ ڪرڻ نھ ڏنو، انڊسٽري ۾ مون کي پاسيرو ڪيو پئي ويو، ماڻهو ڪم نھ ڏيندا هئا، انهن سياسي طريقن کان واقف نھ هئس، تنهنڪري چال کيڏڻ نھ آئي. هن چيو تھ مان مخالفن جي کيڏيل راند مان بيزار ٿي پئي هئس، تنهنڪري آرام ڪرڻ پئي چاهيو. پريانڪا چوپڙا چيو تھ ميوزڪ وڊيو ۾ ڪم ڪرڻ بالي مان فرار ٿيڻ جو ڳوليل هڪ طريقو هو. هوڏانهن ڪنگنا رناوت پريانڪا چوپڙا جي حمايت ڪندي چيو آهي تھ بالي ووڊ جو اصل چهرو اهو ئي آهي، ٻاهران ايندڙن کي برداشت ناهي ڪيو ويندو، ڪرن جوهر، شاهه رخ خان هڪ مافيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button