حيدرآباد جي سينيئر صحافي عباس قصر جي لاڏاڻي سان سنڌ جي صحافت جي 80 سالن جي تاريخ جو هڪ باب ئي بند ٿي ويو آهي. عباس قصر انهن صحافين مان هو، جيڪو صحافت جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي اڄوڪي مرندڙ، ڪامورن ۽ بااثر ماڻهن آڏو جهڪندڙ صحافت لا پريشان به رهندو هو. هو چاهيندو هو ته سنڌي صحافي وڌ کان وڌ انگريزي صحافت ۾ اچن. ان ڪري هو حيدرآباد پريس ڪلب تي سنڌي اخبارن سان سلهاڙيل صحافين کي انگريزي پڻ سيکاريندو هو. جنهن ۾ يوسف ميربحر، پون ڪمار ۽ ٻين رواني سان انگريزي صحافت سکڻ لا عباس قصر وٽ ڪلاس وٺڻ به شروع ڪيا هئا. هو پريس ڪلب جي اڪثر ڪارڊ روم ۾ ويهندو هو. جنهن کي هو سندس عمر جي صحافين جو ٿاڪ به سڏيندو هو. 80 سالن جي ڄمار ۾ هوندي به هو حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سياسي، سماجي سرگرمين توڙي خانه بدوش ڪيفي ۾ ٿيندڙ پروگرامن جي رپورٽنگ لا پهچندو هو، ليپ ٽاپ تي ويهي خبرون ويٺو ٺاهيندو هو. هن آخري عمر ۾ سنڌيءَ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا به لکي پئي. هن ڪجهه عرصي تائين حيدرآباد جي گول بلڊنگ ۾ به ويهڻ لا آشرم ٺاهيو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جي جواني بدين ۾ گذاري پو صحافت جو سوچي ڪراچي وڃي نڪتو هو، جتي هو ڊان اخبار جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان کان اڳ هو سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪامريڊن سان پڻ شامل هوندو هو.
سنڌ ۾ جبري پورهيي ۽ هارين لا انگريزي اخبار ۾ وڌ کان وڌ جنهن لکيو هو ته اهو عباس قصر هو. عباس قصر ميڊيا جي بحران کان اڳ تائين انگريزي اخبار “دي ميسينجر” جو بيورو چيف هو. آخر ۾ “وزڊم” اخبار سان سلهاڙيل هو. هن سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪم ڪيو هو. برسات، خادم وطن ۽ ٻين سنڌي اخبارن جون يادگيريون ٻڌائيندو هو. هن جو خاندان بدين ۾ ڪيئن اچي آباد ٿيو، ان بابت به هو دلچسپ ڳالهيون ٻڌائيندو هو. هن سال اڳ ۾ ٺٽي ضلعي ۾ سندس زمين هجڻ جي نشاندهي پڻ ڪئي هئي، هن چيو ته رڪارڊ ۾ اها زمين سندس نالي تي آهي.
عباس قصر قاسم آباد کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين پنڌ ئي ايندو هو. هن کان ڪير پڇندو هو ته ڪٿي رهندا آهيو پو اهي حيدرآباد ۾ رهندڙ ٽن يا چئن پٽن جي گهرن جا ڏس ٻڌائيندو هو. هن پنهنجو گهر نه ٺاهيو. عباس قصر ٻڌايو هو ته هن پنهنجي آتم ڪٿا پنهنجي ننڍپڻ کان شروع ڪري ڇڏي هئي. هن ٻڌايو هو ته سنڌي ۽ انگريزي صحافت جي تاريخ ۽ سندس ساٿين جي يادگيرين تي ضررو لکندو. اها آتم ڪٿا پڪ سان سندس ليپ ٽاپ ۾ محفوظ به هوندي.
عباس قصر چوندو هو ته اڄ جتي سوشل ميڊيا سان صحافين کي لڳندو آهي ته صحافت سولي ٿي وئي آهي. ائين ناهي صحافت ماضي جي ڀيٽ ۾ اڃا ڏکي ٿي آهي. هو عام ماڻهن جي آواز کانسوا ميڊيا کي اڌورو سمجهندو هو. عباس قصر اهو صحافي هو، جنهن تڪڙ ۾ سهڪندي ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ ڪڏهن به بريڪنگ نيوز نه ڏني هئي. بريڪنگ جي چڪر بدران هو آهستي شين جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ جو عادي هو. ان ڪري هن اليڪٽرانڪ، ٽي وي جرنلزم بدران ويب سائيٽ ۽ پرنٽ ميڊيا جي صحافت کي ترجيح ڏني. هو هڪ عالمي سطح جي ميگزين لا به حيدرآباد کان رپورٽنگ ڪندو هو. هو حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سمورن پريس ڪانفرنس ۾ ويهي ماڻهن جي مسئلن کي غور سان ٻڌندو هو. گهڻن ماڻهن کي پوليس عملدارن جي آفيسن ۽ ڪورٽن جا ڏس پتا ڏئي کين انصاف ڏيارڻ لا ايڇ آر سي پي آفيس وٺي ويندو هو. عاصم جهانگير ۽ آ اي رحمان جي فوت ٿيڻ کانپو هن ايڇ آر سي پي آفيس وڃڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هن جي رپورٽنگ ۾ خاص طور تي وڻج، واپار ۽ زراعت جي خبرن جو وڏو ذڪر هوندو هو. هن پٽن کي پڙهائي نوڪريون ڏياري پاڻ کي صحافت جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري هو آخري عمر تائين ڪل وقتي صحافي هو. اخبارن جي پگهارن جي بند ٿيڻ تي هو وڏو فڪرمند رهندو هو. هڪ ڀيري هن آمريڪا کان آيل 6 ڀيرا ڪانگريس جي ميمبر رهندڙ عورت کي آجياڻو ڏنو هو. هو چوندو هو ته حيدرآباد ننڍو شهر آهي. انڊس هوٽل جي بيٽ لا هڪ رپورٽر هجڻ گهرجي. جتي هو گهران نڪرڻ وقت ڪنهن تقريب جي ڪوريج لا ضرور پهچندو هو. عباس قصر بدين جي جنهن زمين تان جنم وٺي هتي آيو، ان ساڳي زمين کيس سڏائي ورتو آهي.