ناول جي گهڻن ئي قسمن مان هڪ قسم نفسياتي ٿرلر به آهي. عام طور تي هن قسم جو ناول پڙهندڙن وٽ ڏاڍي مشهوري ماڻيندو آهي ۽ دنيا جي گهڻين ٻولين ۾ نفسياتي ٿرلر لکيا ويا آهن. نفسياتي ماهرن موجب انسان ٻن قسمن جي شخصيتن سان پورو ٿيندو آهي. هڪ جسماني شخصيت، ٻي نفسياتي شخصيت ۽ هڪ تندرست انسان هجڻ لاءِ انهن ٻنهي قسمن جي شخصيتن ۾ برابري هجڻ ضروري آهي. ناول جي هن صنف مان مراد آهي ته هڪ اهڙو ناول جنهن ۾ ڪردار نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهيل هجن ۽ ان ۾ سنسني خيزيءَ جو جز به هجي. عام طور هن قسم جي ناول ۾ هر قسم جي نفسياتي مونجهاري جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. ڪجهه اهم نفسياتي مونجهارا جهڙوڪر: شيزوفرينيا، پيرانائي، ملٽيپل پرسنيلٽي ڊس آڊر وغيره اچيو وڃن ٿا. هڪ عام وصف موجب نفسياتي ٿرلر ۾ ڪردار سان ٿيل ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل نفسياتي مونجهارن کي بيان ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري ڪردارن کي هائپر، خودڪشي ڏانهن ڇڪ رکندڙ ۽ پنهنجي آس پاس جي ماڻهن کي نقصان رسائيندڙ ڏيکاريو ويندو آهي، اهڙي ريت ڪردارن کي شڪي مزاج ۽ سڀني کي پنهنجو دشمن سمجهڻ تي پڻ زور ڏنو ويندو آهي.
نفسياتي ٿرلر ۾ موت کي منهن ڏيڻ، ٻين جي موت تي شديد ردعمل ڏيکارڻ، موت جو ڀئو، سڃاڻپ جي ڳولا ۽ جنسي ڇڙواڳي پڻ اهم موضوع طور پڙهڻ لاءِ ملندا آهن. جيسڪا ڊيوڪس نالي هڪ نقاد هن حوالي سان لکي ٿي ته هن قسم جي ناولن ۾ ڪردار پنهنجي اندر جي تڪرارن سان وڙهندو رهندو آهي، اهي تڪرار گهڻو ڪري هن جي زندگيءَ ۾ ٿيل ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي جي ڪري پيدا ٿيندا آهن جهڙوڪر: ڪردار تي اجايو جنسي ۽ جسماني تشدد، هن جي سامهون ڪنهن پياري جو قتل ٿي وڃڻ يا وري ڪنهن ماڻهوءَ جو اوچتو ئي اوچتو گم ٿي وڃڻ. هن قسم جا ٿرلر اهڙي انداز ۾ بيان ڪيا ويندا آهن جو پڙهندڙ انهن ۾ گم ٿي ويندو آهي، ڪردارن کي خوف ۾ ورتل ۽ بدلي وٺڻ جي باهه سان ڀريل ڏيکاريو ويندو آهي.
دنيا ۾ وڏي انگ ۾ نفسياتي ٿرلر ناول لکيا ويندا آهن. ان حوالي سان سڊني شيلڊن جو ٽيل مي يور ڊريمز (1998ع)، ايلڪس مائيڪلڊس جو دي سائيلنٽ پيشنٽ (2019ع)، پائلا هاڪنس جو ان ٽو دي واٽر (2017ع) ڪجهه اهم نفسياتي ٿرلر آهن. اهڙي ريت رزاق سهتي جو سن 2023ع ۾ ايلسا پبليڪيشن طرفان ڇپيل 224 صفحن جو ناول عاشق عورت به سنڌي ٻولي ۾ هڪ خوبصورت نفسياتي ٿرلر آهي، جيڪو ليکڪ وڏي جرئتمنديءَ سان لکيو آهي. هي ناول ٻن مک ڪردارن سڪندر ۽ سڪينه جي نفسياتي مونجهارن جي خوبصورت عڪاسي ڪري ٿو.
هن ناول ۾ جيڪي نفسياتي مونجهارا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، اهي هن ريت آهن: خودڪشي جي ڇڪ (Suicidal tendency)، موت جو ڀئو ۽ ماڻهن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ (paranoia)، ٻئي جي ايذاءَ مان تسڪين حاصل ڪرڻ (sadistic pleasure)، بيخوديءَ جا دورا (nervous breakdown and panic attacks) وغيره.
”ڇا پيا ڪيو؟ ٿانو ۾ باهه ٻاري هٿ سيڪيندو ڇا؟“
”ها ڪجهه اهڙو ئي ارادو آهي؟“
”اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ چريائپ جون دوائون ته مان پئي کانوان ۽ چرين واريون حرڪتون توهان پيا ڪيو. ڀلا اسٽيل جي ٿانو ۾ باهه ڇا سان ٻاريندو؟“
”تون ڏسندي وڃ! باهه به ٻرندي، هٿ به سيڪبا ۽ دل کي به سيڪ ايندو.“
مان اٿي ويهي، سندس حرڪت کي پئي ڏٺم. هن آفيس بيگ کوليو ۽ ان مان هڪ لفافو ڪڍي آيو. پاڻ پلنگ تي ڀرسان ئي ويٺو، ماچيس ۽ اسٽيل جو جمن ٽيبل رکي چيائين:
”هيڏي مُهڙ ڪر ۽ ماچيس کڻ.“
ماچيس کنيم، لفافي مان همراهه پاران موڪليل عيد ڪارڊ ڪڍندي چيائين:
”تيلي ٻاري باهه لڳائيس..!!“
مجبوراً ماچيس مان تيلي ڪڍي، ٻاري اسٽيل جي ٿانو ۾ رکيل عيد ڪارڊ هٿ ۾ کڻي ساڙيم. جهيڻي باهه ٻري پئي، هٿ به سيڪيان پيو ۽ تنهنجي دل کي به سيڪ اچي پيو.“
ڪارڊ ٻري خاڪ ٿيو ته قوم پرست همراهه جي تصوير لفافي مان ڪڍيائين ۽ منهنجي هٿ ۾ ڏنائين: ”هاڻي ان کي ساڙ!“
هٿ ڏڪڻ لڳا، چيم: ”اهو ڪم مون کان ڪونه ٿيندو!“
”اهو ڪم توکي ئي ڪرڻو پوندو.“
انڪار ڪيم، انڪار تي انڪار، پهرين زباني، ڪلامي پوءِ ڪنڌ سان نهڪر! ڪچي گار ڏيندي، دُن کان هيٺ هٿ وڌائي، اهڙو پڪڙيائين جو دٻيل رڙ نڪري وئي. سور کان ساهه ٿي نڪتو.
”ساڙيندينءَ يا نه؟“
”ها هٿ ڪڍو، دم ٿو نڪري.“ ……… خاڪ ڪمبوڊ ۾ وجهي، فليش ٽينڪ کولي ڇڏيائين، پاڻيءَ جو آواز اندر کي رهڙيندو ويو……“ (عاشق عورت، ص: 97_98).
هن منظر ۾ سڪينه سان هن جي مڙس جي ورتاءُ کي چٽيو ويو آهي. سڪينه جو مڙس هڪ حساس اداري جو آفيسر آهي ۽ کيس خبر پئي ٿي ته هن جي زال ڪنهن قوم پرست همراهه سان عشق ڪري ٿي جيڪو هاڻي کنڀجي چڪو آهي. پر ان هوندي به سڪينه جو مڙس هن کي ايذا ڏيندو رهي ٿو ۽ ان مان سڪون حاصل ڪري ٿو. جيئن ص: 83 تي هن جي مڙس جي شخصيت واضح ٿئي ٿي:
”توکي سيڪس گهرجي، تنهنجو آتشي بند آهي، اچ ته تنهنجي آڳ اُجهايان.“…….. سندس اندر ۾ ڀريل ڪروڌ، ڌڪار، جذبات، ڪاوڙ، جنسي اُڀار اُڀا ٿيا بيٺا هئا. جن جو شڪار مان بڻجي رهي هئس. هن ميلاپ نه ٿي ڪيو، پر جنسي تشدد ٿي ڪيو…… خاص هنڌن تي چڪن جا نشان هئا ۽ درد هئو. منهنجي لاءِ اها رات وڏي ڀيانڪ هئي…..“
هن مان صاف ظاهر آهي ته هن جي مڙس کي جڏهن هن جي ٻئي مرد سان ناتي جي خبر پئي ٿي ته هن جي من اندر ۾ ويٺل مردانگي واري جذبي (male ego) کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ هو زال تي جنسي عمل دوران تشدد ڪري پنهنجي من کي رجهائي سڪون حاصل ڪرڻ لڳي ٿو. اهڙي عمل کي sadistic pleasure سڏجي ٿو. نفسياتي ماهر Dr. Allan Schwartz جنهن کي ڪلينڪل سائيڪالاجيءَ جو ٽيهه سالن کان مٿي جو تجربو آهي، هڪ مضمون “Sadistic Personality Disorder: The Cleveland Tragedy” ۾ ان حوالي سان ڄاڻايو آهي ته sexual sadism جو مک جز جنسي تڪسين جو اهو احساس هوندو آهي جنهن ۾ ٻئي ماڻهو کي ايذا ڏبو آهي، هن کي تذليل جو احساس ڏياربو آهي يا وري ٻيو ماڻهو لاڳيتو ڀوڳيندو آهي، اهو ايذا، تذليل ۽ ڀوڳنا ان ٻئي ماڻهو لا خيالي يا تصوراتي هجڻ بدران حقيقي هوندي آهي ۽ هن تي حقيقي انداز ۾ جسماني ۽ جنسي تشدد ڪيو ويندو آهي. بلڪل ايئن ئي جيئن هن ناول ۾ سڪينه جي مڙس جو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي.
هن ناول جو هڪ مک ڪردار سڪينه آهي، جيڪا عاشق عورت پڻ آهي، سڪينه جي ڪردار جي ڀيٽ ڪنهن نه ڪنهن نموني سهڻي جي ڪردار سان ڪري سگهجي ٿي. جيئن سهڻي مڙس کي ڇڏي ميهار سان ملڻ ويندي هئي، بلڪل ايئن ئي سڪينه مڙس کي ڇڏي، اڳ ۾ ان قوم پرست همراهه سان ملڻ وڃي ٿي ۽ پو ناول جي ٻئي مک ڪردار سڪندر سان ملي ٿي. سڪينه جي ننڍي عمر ۾ ئي هڪ اهڙي همراهه سان شادي ٿي وئي جيڪو اڳ ئي شادي شده آهي ۽ هن کان ڄمار ۾ به وڏو آهي. ان هوندي به سڪينه شروع ۾ هن سان صحيح هلي ٿي، پر پوءِ کيس اندازو ٿئي ته هن جو مڙس شڪي مزاج وارو آهي هن کي قيد ڪري رکي ٿو. سڪينه تي پابنديون مڙهي ٿو ۽ نوڪريءِ جي ڪري هن کان پري رهي ٿو. سڪينه جي ڪردار جو جڏهن نفسياتي تجزيو ڪجي ٿو ته خبر پئي ٿي هوءَ هائپر سڪيسئول هجڻ بدران اڪيلائي (loneliness) جو شڪار آهي ۽ ان اڪيلائي کي ختم ڪرڻ لاءِ کيس هڪ ساٿي جي ڳولا آهي. جيئن ناول جي ص: 50 تي هوءَ هڪ سهڻي راڻيءَ جو قصو ٻڌائيندي هن جي ڀيٽ پاڻ سان ڪري ٿي:
”سونهن، نازڪ بند ۽ ان جي ڪشش، عورتاڻن انگن جي بيهڪ ئي منهنجا دشمن آهن. عام عورتون ڪيڏي نه خوش زندگي گذارين ٿيون، منهنجي سونهن ئي مون کي برباد ڪيو آهي.“
اهڙن احساسن مان صاف ظاهر آهي ته هوءَ اڪيلي ۽ پابندين ۾ رهڻ نٿي گهري. هن جي نفسياتي مونجهاري جو هڪ سبب مڙس جو پهرين زال سان جنسي عمل ڪرڻ آهي. جيڪو ناول جي ص: 52 تي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڪينه جي سس هن کي چئي ٿي ته هن جي مڙس جي پهرين زال جي کٽ به ساڳي ئي ڪمري ۾ رکبي ۽ هوءَ ها ڪري ٿي. رات جو هن جو مڙس کيس ڇڏي پهرين زال سان سمهي ٿو، ان تي سڪينه کي ننڍ نٿي اچي ۽ ذهن ۾ عجيب خيال اچنس ٿا، هوءَ پاسا ورائڻ لڳي ٿي ۽ ٻنهي کي جنسي عمل ڪندي ڏسي ٿي. اتي هنن احساسن جو اظهار ڪري ٿي:
”ٻئي هٿ چڏن ۾ ڦاسائي مڙس ۽ سندس زال جو ميلاپ ڏسندي رهيس. خبر ناهي الائي ڇا ٿي ويو جو اوٻاهه ڀري اٿي ويهي رهيس.“
ضرور هن کي اهو احساس ٿيو هوندو ته ڇو هن جو مڙس ننڍي عمر واري زال کي ڇڏي وڏي زال سان ستو ۽ مڙس جي محبت جي ونڊيل هجڻ جو احساس ٿيو هوندس. سڪينه جي ڪردار ۾ ٻه اهم نفسياتي مونجهارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، هڪ: خودڪشيءَ جي ڇڪ (suicidal tendency) ۽ ٻيو اجايو شڪ ۽ مري وڃڻ جو ڀئو (Paranoia). خودڪشيءَ جي ڇڪ مان مراد اهڙو جذبو آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو انت آڻڻ جون ترڪيبون پيو ڳوليندو آهي، هو جيترو اڪيلو رهندو آهي ايترو ئي پاڻ کي نقصان پهچائڻ جو خطرو هوندو اٿس. ان کي ”پنهنجو نقصان ڪرڻ“ (Self-harm) به سڏجي ٿو، سڪينه جي ڪردار ۾ ان نفسياتي مونجهاري جو احساس هنن سٽن مان ٿئي ٿو:
”هر شيءَ ۾ موت ٿو نظر اچي. ڇُري ڏسان ٿي ته ڊڄي ٿي وڃان، ڀانئيان ٿي ته ڪپي ڪُهي ڇڏيندي يا وري پاڻ کي مارڻ تي دل ٿي چوي.“
مڙس جي شڪي روئي، هر وقت جي پابندين جي ڪري سڪينه کي panic attack پون ٿا ۽ هوءَ نفسياتي ماهر جي صلاح سان دوائون کائڻ لڳي ٿي.
ان کانپوءِ ٻيو مک ڪردار سڪندر جو آهي، جيڪو ناول جو راوي به آهي ۽ ضمير متڪلم ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. هو هڪ صحافي آهي جنهن مسنگ پرسنس جي حوالي سان اسٽوري ڪئي آهي. هڪ ڏينهن هو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو ته اتي کيس هڪ پريمي جوڙو نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ڇوڪرو وچولي طبقي جو آهي ۽ ڇوڪري مٿئين طبقي جي آهي، اوچتو پوليس اچي وڃي ٿي ۽ اهو ڇوڪرو محبوبه کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، اها محبوبه سڪينه آهي، ايئن حادثاتي طور سڪندر ۽ سڪينه پاڻ ۾ ملن ٿا، جيڪو ناول جي شروعات ۾ ڏيکاريو ويو آهي. سڪندر به شادي شده آهي ۽ ٻار به اٿس. هو پنهنجو صحافتي ڪارڊ ڏيکاري پوليس کان پڇا ڪري ٿو ان وقت هن جو خيال اسٽوري ڪرڻ جو آهي، پوليس هن کان صحافتي ڪارڊ وٺي ٿي ۽ کيس ڇوڪري کي گهر ڇڏي اچڻ جو چئي ٿي. هو ڇوڪريءَ کي ڇڏڻ وڃي ٿو، وچ ۾ هوٽل تي ترسن ٿا، ان وچ ۾ ڇوڪري هن کان نظرون بچائي کسڪي وڃي ٿي. جنهن تي سڪندر کي حيراني سان گڏ پريشاني به ٿئي ٿي، پريشاني ان ڳالهه جي اٿس ته هاڻي هو پوليس جي چڪرن ۾ ڦاسندو، پر پوءِ خبر پيس ٿي ته سڪينه جو مڙس هڪ ڳجهي اداري جو آفيسر آهي، ڳالهه آئي وئي ٿي وڃي ٿي.
جڏهن هو مسنگ پرسنس جي حوالي سان اسٽوري ڪري ٿو ته هن کي هڪ اي ميل اچي ٿي جيڪا ڪنهن مائي جي آهي، جنهن ۾ هوءَ هن جي اسٽوريءَ جي ساراهه ڪري ٿي، اڳيان هلي هن کي خبر پئي ٿي ته اها سڪينه ئي آهي ۽ هنن جي وچ ۾ فون تي ڪال ۽ ميسجن جي ڪري محبت وارو جذبو اڀري پئي ٿو. سڪينه کيس پنهنجي ڊائري ڏئي ٿي، جنهن کي پڙهي هن کي احساس ٿئي ٿو ته ان ڊائري کي ناول جي انداز ۾ ڪري ڇپرائجي. هڪ ڏينهن هو ٽي وي تي هڪ خبر ڏسي ٿو ۽ nervous breakdown ٿي وڃيس ٿو ۽ چرين جي اسپتال ۾ اک کليس ٿي. ان جي ڪري هن جي زال ۽ ٻار کيس ڇڏي وڃن ٿا ۽ هن جو ڪامورو دوست همير هن جي مدد ڪري ٿو. سڪندر جي ڪردار جي تجزيي مان خبر پئي ٿي ته هو حساس دل وارو عاشق مزاج ماڻهو آهي، جيڪو پنهنجي محبوبا جي دوري برداشت نٿو ڪري سگهي، هن کي اهو احساس پڻ آهي ته ٻئي مائي سان عشق ڪندي ڪٿي هو پنهنجي زال سان دوکو ته نه پيو ڪري.
هن ناول جي هڪ خاصيت اها به آهي ته هن ۾ ملٽيپل نيريئٽر آهن، هڪ ڪهاڻي سڪندر ضمير متڪلم ۾ بيان ڪندو هلي ٿو ۽ جڏهن ڊائري وارو حصو شروع ٿئي ٿو ته اهو وري سڪينه جي زباني بيان ٿيل آهي ۽ ٻئي ڪهاڻيون هڪ ٻئي سان خوبصورت نموني جڙيل آهن. جيڪڏهن ناول ۾ ڪردار نگاريءِ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته هن ناول ۾ ٽن قسمن جا ڪردار پڙهڻ لاءِ ملن ٿا:
1_ مک ڪردار (Main characters): اهي سڪينه ۽ سڪندر جا ڪردار آهن جن جي چوڌاري هن ناول جي سموري ڪهاڻي ڦري ٿي.
2_ عام ڪردار (Minor/supporting characters): اهڙا ڪردار جيڪي ڪهاڻي اڳيان وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، جهڙوڪر: همير، زينو، يا وري همير جو نوڪر گُلو.
3_ پاڇولي ۾ رهندڙ ڪردار (Shadow/passive characters): هي اهڙا ڪردار هوندا آهن جيڪي ڪهاڻي ۾ بظاهر ڪوبه عمل نه ڪندا آهن، پر گهڻو ڪري ڪهاڻي انهن جي چوڦير پئي ڦرندي آهي، انهن کي پاڇولي ۾ رهندڙ ڪردار ان ڪري سڏجي ٿو ته اڪثر ڪهاڻي ۾ اهي ٻين ڪردارن جي پاڇي هيٺ هوندا آهن، جيئن ڪنهن ڪچهري ۾ انهن جو ذڪر ڪرڻ، ٻن مک ڪردارن جو انهن جي حوالي سان بحث ڪرڻ، پر اهي ڪردار پاڻ عمل نه ڪري سگهندا آهن يا مک ڪردارن بنا ڪهاڻي مان غائب ئي رهندا آهن. هن ناول جا ڪجهه ڪردار جهڙوڪر قوم پرست همراهه، روحل، سڪينه جو مڙس ۽ سڪندر جي زال shadow characters آهن. ڪهاڻي ۾ وري وري انهن جو ذڪر اچي ٿو پر اهي پاڻ ڪهاڻي ۾ عملي طور موجود نه آهن.
ايئن ته هن ناول جو مک پلاٽ نفيساتي ٿرلر آهي، پر ان هوندي به ناول ۾ ڪيترائي سب پلاٽ موجود آهن، جن ۾ ڪجهه اهم سب پلاٽ کنڀي گم ڪيل ماڻهو آهن، ادارن جي حوالي سان اٿاريل سوال، سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال، عشق وغيره موجود آهن. جن کي خوبصورت انداز سان ناول جي مختلف حصن ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ناول ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ جو انداز به وڻندڙ رکيو ويو آهي.
هي ناول موضوعاتي حوالي سان به نئون آهي ته ڪهاڻي به سٺي انداز ۾ بيان ڪيل آهي، اهڙن ناولن جي سنڌيءَ ۾ ڏاڍي ضرورت آهي، جيڪي ماڻهن جي گهڻ پاسائي احساسن ۽ جذبن جي عڪاسن ڪن ۽ ان حوالي سان هي ناول ”عاشق عورت“ هڪ اهم ناول ثابت ٿيندو.