ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪھاڻين جو شھر: پوسٽ ماڊرنزم ۽ اظھار جي آزادي -III

Editorial-Article- Mubark Lashari

جڏھن تھ ناول ۾ موجود ڪھاڻيون خود نئريٽو يعني ڪھاڻيءَ جو بيانيو آھن، جيڪي اظھار جي آزاديءَ جي حوالي سان لکيل آھن. افسر جي ڪھاڻيءَ کان ويندي مينا جي آزادي يعني چپ جي ٻرندڙ وڻ جي پاڙان پٽجڻ تائين نئريٽو ڪيترائي روپ وٺي ٿو ۽ ڪھاڻيءَ مان ڪھاڻيون جنم وٺنديون رھن ٿيون، جيڪي پڻ نئريٽو سطح Narrative Level جو تعين ڪن ٿا. يعني جيڪڏھن ڪو ھڪ راوي يا نئريٽو ڪھاڻي شروع ڪري ٿو تھ اڳيان ٻيو نئريٽر اچي ٿو وڃي. اھو وري ڪھاڻيءَ کي وٺي ٿو ھلي تھ وري اڳيان ٻيون نئريٽو ۽ ٻيو نئريٽر اچي ٿو وڃي، جھڙوڪ جلاوطن واري ڀاڱي ۾ جيتوڻيڪ نئريٽر يعني راوي ھڪڙو آھي جيڪو نئريٽي يعني ڪھاڻي ٻڌندڙن سان بحث ڪري ٿو، ڪھاڻيءَ جي روايتي طريقن “ھڪ زماني جي ڳالھه آھي ” کي رد ڪندي ڪھاڻيءَ جي گھرائي، سطحي پڻي، انداز بيان وغيره کي بحث ڪندي جان بارٿ، بوني، جمل کدڙي جي ڳالھه ڪندي جادوئي طرح ھزارين سال اڳ واري سنڌ ۾ اچي پھچن ٿا. ان ۾ ڪھاڻيءَ جي آغاز، ڪھاڻين جا عالمي مثال، ٻٽاڪن واري دور جي ڪھاڻين ۾ پھچن ٿا. ٻئي يعني نئريٽي ۽ نئريٽو مٽجندا رھندا آھن. اتي وري جادوئي طرح ھڪڙا پئراڊاڪس Paradox سامھون اچن ٿا. جھڙوڪ، جھوني نالي نوجوان ٻٽاڪي ۽ جوان نالي جھوني ٻٽاڪي جون ڪھاڻيون جنن پرين وارين ڪھاڻين تي پھچن ٿا.
انھي نئريٽو ليول يعني نئريٽر ليول ۾ ٻٽاڪي ۽ استاد ڪھاڻيڪار نروار ٿين ٿا. انھن ڪھاڻين ۾ دلچسپ طرح سان شادين جو ٻٽاڪي ذڪر جيڪو اصل ۾ جادوئي حقيقت نگاريءَ جو اولڙو لڳن ٿا ظاھر ٿين ٿا. شادي دنيا جي حقيقت آھي پر ان جو بيانيو ٻٽاڪين ذريعي ڏيئي ناول ۾ جديد طريقو اپنايو ويو آھي جھڙوڪ “اھڙي ريت وسنديءَ ۾ نسل وڌائڻ جي لالچ ۾ شادي ڪرڻ جي وبا پکڙجي وئي….” ص. 22. شاديءَ کي وبا سڏڻ اھو بھ ٻٽاڪي جي واتان ھڪڙو منفرد تجربو آھي. اھا حقيقت بھ آھي تھ شادي بنھه اھم ۽ ضروري بھ آھي پر ساڳئي وقت شاديءَ جي سائيڊ افيڪٽس جي باري ۾ بھ سڀ ڳالھيون ڪندا رھندا آھن. ايئن پھرين ليول جي نئريٽر جو باب ڪيترائي نئريٽو کڻي اڳتي وڌي ٿو جنھن ۾ قلم جي ڪھاڻي، ڪھاڻيءَ جا قسم وغيره اچي وڃن ٿا.
ان کانپوءِ ناول جي اصلي پلاٽ يعني اظھار جي آزاديءَ جي خلاف ھلندڙ تاريخ جي ابتدا ٿئي ٿي جنھن جو عنوان جي “شھر جي تاريخ” سان ھوندو آھي. ان ۾ ناول جو اصل موضوع کلي نروار ٿيڻ شروع ٿيندو آھي تھ ڪيئن ادب ۾ ڪھاڻي بجاءِ شاعريءَ جو غلبو ھو، نقادن جو ڇا ڪردار ھو ڪيئن نقادن کي زمين ڏئي ڪھاڻيءَ کي جڳھه وٺي ڏني وئي، جنھن ۾ ڪھاڻيڪارن ۾ بابا دي بلڊر جھڙا ڪھاڻيڪار آيا، استاد ڪھاڻيڪار آيا ۽ پوءِ اھو قصو آرٽ ۾ ضم ٿي افسر جي ڪھاڻي شروع ڪري ٿو جيڪو تنقيد بھ ڪندو ھو.
ايئن نئريٽو ليول اڳئين باب ۾ “مجسمي ساز افسر جو قصو 1” سان اڳتي وڌي ٿو. ان ۾ استاد بھزاد جي مجسمي سازي ۽ پوءِ عربو پاران تنقيد ۽ پوءِ ٻئين ڀاڱي ۾ بھزاد پاران ريشم نگر جو استاد ڪلاڪار ٿيڻ تائين قصو ھلي ٿو جتي آرٽ کي تنقيد کان الڳ ڪري پويتر ڪري سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو. ھن ڀاڱي ۾ افسر جو قصو 2 گھڻو طويل ٿي ويندو آھي پر آرٽ ۾ اظھار جي آزادي ۽ تنقيد جي کوٽ جا مثال ڪھاڻيءَ جي ڪردارن ذريعي بھترين نموني سمجھايا ويا آھن جنھن جي پڙھڻ سان اظھار جي آزادي خلاف ٿيل ھٿڪنڊن جي سموري خبر پوي ٿي ۽ آخر ۾ مالي ۽ افسر جو موت ٿئي ٿو. انھي ڀاڱي ۾ ناول کلي ڪري اظھار جي آزاديءَ جو موضوع کڻي اچي ٿو ۽ آرٽ مٿان پيل سازشن ۽ جڪڙ کي وائکو ڪري ٿو. ان حصي ۾ مالي جي شراب خاني جو قصو انتھائي دلچسپي وارو آھي. پوسٽ ماڊرن ٽيڪنيڪ اپنائيندي واقعا ۽ حالتون ايئن ڏيکاريا ويا آھن جو نارمل حالتن ۾ انھن تي ڇتي تنقيد ڪري سگھجي ۽ واقعن جي مٽجڻ تي اعتراض بھ ڪري سگھجن ٿا پر ڪھاڻيءَ جي جادوئي حقيقت نگاري ذريعي پڙھندڙ انھن ڳالھين کان انڪار نٿو ڪري سگھي. جيتوڻيڪ واقعن جي ظھور پذير ٿيڻ جي منطقي طريقي تي اعتراض واري سگھجن ٿا پر جيڪو حتمي نتيجو يا حالتن جو نتيجو نڪري ٿو، اھو بلڪل حقيقت تي آڌاريل آھي تھ ڪڏھن ڪڏھن اڻ ٿيڻا اتفاق بھ گھڻو ڪجھه ٿيڻ جا سبب بڻجن ٿا.
ھلندڙ

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button