ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪھاڻين جو شھر: پوسٽ ماڊرنزم ۽ اظھار جي آزادي -IV

Editorial-Article- Mubarak Lashari

ناول ۾ ڪھاڻيءَ جي نئريٽو جي تسلسل ۾ اڳيون باب “مينا” جي ڪھاڻي کڻي اچي ٿو، جيڪو باب انتھائي ڀيانڪ لڳندو آھي. ڇو تھ آزاديءَ جي اپٽار کي کولي پيش ڪرڻ لاءِ زندگيءَ جي ٻين ڪاروھنوارن کي ڏيکاريو ويو آھي جيڪو مشل فوڪو جي ڪتابن ھسٽري آف سيڪسوئلٽي سان مشابھت رکندڙ واقعا ڏيکاريا ويا آھن تھ ڪيئن انسان وجودي ۽ جبلتي غلاميءَ جي دائري ۾ رھي وري اڄ جي دور تائين پھتو. جھڙوڪ ھڪڙو واقعو جيڪو مينا جي ڪھاڻيءَ جي شروعات ۾ ڏنل آھي جنھن واقعي کي مينا ننڍپڻ ۾ اکين سان ڏسي ٿي. “کيس (نوشي، مينا جي ڀيڻ) خبر ھئي تھ ڪجهھ ئي گھڙين ۾ ھن جو پيءُ قبيلي جي سردار سان گڏ بيھي کيس لسي پٿر تي رکي وڏي سئي ۾ ڌاڳو وجھي سندس شرمگاهه کي سبي ڇڏيندو، جيڪا سندس شاديءَ تائين سبيل رھندي، سندس شاديءَ کان ٻھ راتيون اڳ وري ھڪ جشن ٿيندو جنھن ۾ سندس شرمگاهه جا ٽاڪا کوليا ويندا. اھا ئي ھن قبيلي جي غيرت ۽ عزت جي نشاني ھئي.” ص. 82. فقط اھو نھ پر اصل واقعو جيڪو اظھار جي آزاديءَ سان ڳنڍيل آھي، اھو ھي ھو تھ جنهن عورت ويم دوران يا ڪنهن مرد ڪنھن جھيڙي دوران رڙ ڪئي يا دانھن نڪتي تھ قبيلي وارا ان تي ھٿ بند ڪندا جيڪو چئن نسلن تائين قائم رھندو. اھڙا واقعا ھن ڀاڱي ۾ اظھار جي آزاديءَ سان ڳنڍيل ھوندا آھي جيڪي واقعي ناول کي ڳاڙھي جي ڪھاڻي تائين کڻي ھلندا آھن.
اڳئين باب ۾ مينا جي ڪھاڻي کڻي وري “ڳاڙھو” جي ڪھاڻي اچي ٿي جنھن ۾ ڳاڙھو ڪھاڻيون ٻڌائي ٿو، جيڪو راوي ۽ ٻڌندڙن جي بحث، ڪجھه ڪھاڻين جي بيان تي بحث ۽ ڪھاڻين جي روايتن طريقن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي ڳاڙھي جي اصل ڪھاڻيءَ جي باب “لڳ ڀڳ چاليھه سال اڳ” تائين پھچي ٿي. ڳاڙھو جيڪو ڳچيءَ ۾ دھل ٻڌي ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھو ۽ انعام حاصل ڪري گھر ھلائيندو ھو. ڳاڙھو جيڪو ڪاسائين جو ٻار ھو ۽ ڪاسائي ڪھاڻين ٻڌائڻ ۾ مشھور ھئا جيڪي گھڻو ڪري سندن بھادرين جا قصا ٻڌائيندا ھئا. ڳاڙھي جي ماءُ چيڀ سان عجيب سانحا ٿيل ھئا، ان ڪري اھا ڪاسائين جو ڳوٺ ڇڏي نڪري آئي پر ڳاڙھو ڪھاڻيون ٻڌائيندو رھيو انھن ۾ ھڪڙي ڪھاڻي ڪڪڙ جي واپار جي ڪھاڻي بھ ھئي، جيڪا انتھائي دلچسپ ڪھاڻي آھي. ڳاڙھو لاسي ڳوٺ مان ماءُ جي بيمار ٿيڻ سبب ڪجھه انعام حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪڙي وڏيري شاقب وٽ وڃي ٿو ۽ اتي ھو دعويٰ ڪري ٿو تھ ھو بھترين ڪھاڻيون ٻڌائيندو آھي ڇاڪاڻ تھ وڏيرو بنا ڪنھن ڪم ڪار جي ڪنھن جي مدد نٿو ڪري. ايئن ڳاڙھو پٽ کاٻڙي مُستو ٺڳ جو قصو ٻڌائڻ لڳي ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل مختلف ڪھاڻين ۽ بابن جي تشريح مان مراد ناول ۾ قصھ گوئي يا ڪھاڻي نويسي جي فن سان گڏ نئريٽو ليول يا نئريٽر ليول جي بھ خبر پوي ٿي تھ ھڪڙو نئريٽر جيڪو ناول ۾ داخل ٿئي ۽ ھڪڙي ڪھاڻي يعني نئريٽو کڻي ٿو تھ ڪھڙي طريقي سان ٻيو نئريٽو اچي سامھون بيھي ٿو ۽ وري اھو نئريٽر ڪھاڻي ڪنھن ٻئي نئريٽر جي حوالي ڪري ٿو ۽ اھو ڪھاڻي ٻڌائي ٿو. نھ فقط اھي ڪھاڻيون پر ڪھاڻين ۾ اظھار جي آزاديءَ جا مسئلا بھ اجاگر ٿيندا اچن، جيڪي پڙھندڙ پنھنجي شعوري يا غير شعوري ريت پنھنجي اندر جذب ڪندا وڃن ٿا.

(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button