ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دوائن جي اگهن ۾ وري واڌ!

Editorial

ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي دوائون 14 کان 20 سيڪڙو تائين مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ روز ويلٽ هوٽل، ڪڻڪ جي خريداري ۽ دوائون مهانگيون ڪرڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اي سي سي هڪ ڀيري لاءِ دوائن جي اگهن ۾ 14 کان 20 سيڪڙو تائين واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ضروري ۽ حياتي بچائيندڙ دوائون مهانگائي جي 70 سيڪڙو جي شرح سان مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. مطلب انهن دوائن جي وڪري جي قيمت ۾ 14 سيڪڙو تائين واڌ ڪري سگهبي. اهڙي ريت عام دوائون به مهانگائي جي 70 سيڪڙو جي برابر مهانگيون ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي پر انهن جي قيمت ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ نه ڪري سگهبي.
هن حڪومت جي اچڻ سان عوام لاءِ مسئلا گهٽيا ته ناهن پر وڌيا آهن. عام واهپي واريون شيون ته غريب جي پهچ کان مٿي ٿي ويون آهن پر هاڻي ته دوائون به مهانگيون ٿيڻ جا سبب پيدا ڪيا پيا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ ملڪ ۾ صحت جا اڳ ۾ مسئلا گهٽ آهن جو مٿان دوائن جي اگهن ۾ واڌ جهڙا مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن؟
سرڪاري اسپتالن ۾ نه مناسب دوائون ٿيون ملن ۽ نه ئي اتي صفائي سٿرائي جو جوڳو بندوبست ٿيل هوندو آهي. اڪثر اهي به دانهون ٿينديون رهن ٿيون ته ڊاڪٽرن سميت اسپتالن جي عملي جو مريضن سان سلوڪ به سٺو ناهي هوندو. هونئن ئي ملڪ ۾ صحت جي مسئلن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ايندي پئي وڃي. هر گذرندڙ ڏينهن سان موذي مرضن ۾ ورتل مريضن جي انگ ۾ واڌ هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ صورتحال آهي. ان ڏس ۾ ڪجهه عرصو اڳ ڇرڪائيندڙ سروي رپورٽ پڌري ٿي، جنهن تحت پاڪستان جي ڪل آباديءَ جو 26 سيڪڙو حصو شگر جي مرض جو شڪار آهي. ان سروي ۾ اهو به چيو ويو ته ملڪ جي آباديءَ ۾ 20 سالن جي عمر کان وڌيڪ ساڍا 3 ڪروڙ کان پوڻا چار ڪروڙ تائين ماڻهو ان مرض ۾ ورتل آهن. اها سروي ته رڳو شگر جهڙي مرض بابت هئي. جيڪڏهن ٻين مرضن بابت به ان نوعيت جون سرويز ڪيون وڃن ته صورتحال ان کان ڪا وڌيڪ مختلف نه هوندي. يعني لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال هوندي. ڇا پاڪستان ۾ رڳو شگر جي مريضن جي انگ ۾ واڌ ملڪ جي عوام لاءِ خطرناڪ آهي؟ ڏٺو وڃي ته ڪاري ڪامڻ ۽ ڪينسر سميت ٽي بي ۽ ٻيا مهلڪ مرض اڄ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ڦهلجي رهيا آهن. سنڌ جا ضلعن جا ضلعا ڪاري ڪامڻ ۾ وٺجي چڪا آهن. ان موذي مرض هزارين ماڻهن کان زندگي کسي ورتي آهي. ساڳي صورتحال ڪينسر جي پڻ آهي.
شگر هجي، ڪينسر، ڪاري ڪامڻ يا ٽي بي، جيترا به مرض آهن، انهن جا ڪي فطري سبب به ٿي سگهن ٿا، پر اڪثر حڪومتي لاپرواهي ۽ غفلت جي ڪري اهڙن مرضن جي جنم سان گڏوگڏ انهن ۾ واڌ پڻ ٿيندي رهي ٿي. خاص طور تي حڪومتن جي صحت سان لاڳاپيل عوامي مسئلن ڏانهن لاپرواهيءَ جي ڪري پڻ اهڙا مرض پيدا ٿي رهيا آهن. هڪ طرف صورتحال اها هجي، ٻئي پاسي اسپتالون به شفا گهر بدران ڪوس گهر وارو ڪردار ادا ڪن ۽ دوائون به مهانگيون ٿي وڃن ته پوءِ مريض ڪيڏانهن وڃن؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button